تبسم ۾ تائي نگاهون ملائي
ويو يار رمزن ۾ مون کي رلائي
ادا تي فدا ٿئي ڏسي ٿو عدم ٿئي
اهو آ ته ڇاهي اي ساحر ٻڌائي
نگاهون نشاهن ۽ نخرا نوان هن
وري لوڏ مرڳو ٿي سرڙو وڃائي
اچي پيو ته مرڪي وڃي ٿو ته ڪرڪي
ڪندو ڪير مَهلون صنم کان سوائي
وڻي ٿو اسان کي-اسان ڀي وڻون ٿا
لڳي ٿو ته دل جي لڳن پئي هلائي
ڪري ياد ٿو هو-ٺري انگ انگ ٿو
هلي ٿو اچي دل جي دنيا سجائي
سفر تي وڃي ٿو-صفا يار ٿورو
مگر جسم جان کي ڇڏي ٿو هِلائي
رڳو انتظار آ-اِجهو ٿو اچي هو
نگاهون درن تي ويٺا هون لڳائي
اڃا يارُ هُتڙي- هتي ڪين ايندو
ڪنهين مت جي موڙهي-ڇڏيو آ منجهائي
جڏه مور وانگر هٺيلو هلي ٿو
دعائون گهرن ٿا ته نظرون ملائي
عجب موج مڻيان اکين ۾ سمايل
سمائي سماُيس ڏٺم جو چتائي
حفن ڀل حسينن جي ڪر انتظاري
انهن کان سوا پل ٿو هر ڪو ستائي.