شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ڏسان پيو رونقِ دنيا-مگر دلڙي نٿي وندري

ڏسان پيو رونقِ دنيا-مگر دلڙي نٿي وندري
اڪيلائي غضب جي آ-گهڙي هڪڙي نٿي گذري

خبر ناهي ته ڇا ٿيو آ-بنا محبوب جي دل کي
سمائي ياد دل ۾ وئي-اٿم اهڙي نٿي نڪري

نسورو نيهن نظرن سان-نگاهن ۾ ويو نائي
سندس صورت صفا سهڻي پونم جهڙي نٿي وسري

سنيها مون مُڪا آهن-جوابي سلسلو ناهي
رڳو هت انتظار آهي سيڙهي ننڍڙي نٿي اُڪري

قرار دل ڪڏهن ايندو-نهاريان رند راهون پيو
پٿر پهڙي نٿان پگهرن-رنڊڪ رهڙي نٿي پگهري

ستارا ڪن ستارن سان-لڳن رنگين رنگت ۾
لڳي جا پرت پيارن سان-ڪجي ڪهڙي نٿي نبري

وفائن جي وچن سان هي چمن گلزار ٿيو هو پر
جهڪو جو هر ويو جهوري-وفا ولڙي نٿي اُسري

نماز آ خوفِ احڪامي-نه آ معشوق منظر تي
انهي کي عشق ڪيئن چئبو-محبت ڙي نٿي اُڀري

نماز عشق جو پهلو ڏسي وٺ غور سان صوفي
سچا صوفي خدا جي خوف مان دلڙي نٿي نڪري

جتي محبوب آ سامهون-اُتي عاشق جون ديدون هن
اِتي پرواز ٿئي اوچي-اها ننڍڙي نٿي اُڏري

اول آخر آ دروازو-رڳو ظاهر ۽ باطن آ
اتي موجود آهي سڀ-اگر بگڙي نٿي سڌري

لڳو آ عشق اربيلو-پهي ويو پيار مان پائي
لڳي آ بره بيماري-چڙهي چنبڙي نٿي اُتري

حفن هي حادثو ناهي لڳي دل جي ته هئي لڳڻي
لڳڻ دل جو ئي شيوه آ-ننڍي وُهڙي نٿي وُهري.