شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

اکڙي لڳي تو سان جڏه-هر هڪ سمئي من شاد ٿيو

اکڙي لڳي تو سان جڏه-هر هڪ سمئي من شاد ٿيو
مون کي خبر ڪا ڪانه هئي-مون سان وڏو بيداد ٿيو

پهري نظر تو کي ڏٺم-ڏاڍو وڻي ڄڻ حور تون
تو سان جڏه پالو پيو-مون سان ڄڻ بغداد ٿيو

عورت ته تون آهين مگر-آدم سندي دشمن وڏي
تو سان ملي دنيا ۾ هي آدم وڏو برباد ٿيو

تنهنجو عقل فرعون کان-گهٽ ڪين آهي هر طرح
پَستِ عقل تو کي ڏسي-موسيٰ به خود ناشاد ٿيو

احسان جنهن تو تي ڪيو-تنهن جو هتي شل خير ٿئي
دنيا ته وئي پر دين کان-بلڪل هتي آزاد ٿيو

عاشق سڀئي مت جا منڌل-ها چلولا ٻارن جئان
تن کي کُلي هڪ ڳالهه چئو-يارو ڪڏهن بهزاد ٿيو

ڦاٿو جڏه ڪو عشق ۾-سو در بدر لٽجي ويو
اهلِ زمين کي هي سبق ڄڻ تاقيامت ياد ٿيو

بالغ جڏه ڪو فرد ٿيو-جوهر پهي جوڀن ٿيو
هر سنڌ مان ٽٻڪي ٽمي ڄڻ عيش لئه ايجاد ٿيو

دنيا لگن جو آ چمن-هر جنس پيو هر هر تڪي
بيچين ٿي هر ڪنهن چوي مجبور جي امداد ٿيو

ڏس عاشقي عورت ڏسي بدمست ٿي چنبڙي پوڻ
ڏس عاشقن جو فطرتن آهي وڏو تعداد ٿيو

سادي طبعيت جا حفن-تون ڀي کڻي چپ چاپ ڪر
تون ڀي ڪڏهن شاگرد هئين-هاڻي کڻي استاد ٿيو.