شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

پراڻو زمانو وري ياد آيو-

پراڻو زمانو وري ياد آيو-
رُڳو هو فسانو وري ياد آيو

جواني ملي پر بنا عيش عشرت-
هو سپنو سُهانو وري ياد آيو

سوين خواب آيا اجا سجايا-
نه تعبير تانو وري ياد آيو

حسينن کي ڏسندي جواني ٿي پوري-
عجب عاشقانو وري ياد آيو

جواني جو جوڀن ۽ جوهر شُعل هو-
عجب هو خزانو وري ياد آيو

ٻري جوت سيني ۾ جبلت جي هر هر-
عجب ڪارخانو وري ياد آيو

اچانڪ عجيبن سان اکڙي اڙي پئي-
اُهو آستانو وري ياد آيو

هي گلزار گلشن ته سر سبز ٿيو آ-
اٿم آب دانو وري ياد آيو

جواني جي هڪڙي عمر آ هي يارو-
آ گانو بجانو وري ياد آيو

جواني گناهن جو آهي تسلسل-
هلي ڪو بهانو وري ياد آيو

حفن ٻوٽو ٻاريو نه ڪو ئي جهان ۾-
زماني جو طعنو وري ياد آيو.