شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

وفا دلبر نه ڪر بيشڪ-مگر درشن ڪرائي وڃ

وفا دلبر نه ڪر بيشڪ-مگر درشن ڪرائي وڃ
نظر نرمل وندر واري-تون هڪ ڀيرو ملائي وڃ

جفا شيوُ آ سهڻن جو-ادا تنهنجي جفا آ ڄڻ
حُسن وارا هلي آ هت-جفا سان جيءَ جلائي وڃ

حسن وارا لکين آهن-مگر مون کي وڻي ٿو تون
گهُري ٿو روح من تو کي-تهين کي ڀل رُلائي وڃ

ڪڏهن کان منتظر آهيان-ڪٿان ايندين ڪڏهن ايندين
گهڙي پل لئه تون ڀُلجي اچ-هميشه لئه ڀلائي وڃ

تون نيڻن ۾ نهاري ڏس-نه تو بن آس آ ڪائي
وڃي ٿو گر ڇڏي مون کي-ته پوءِ خود کي لڪائي وڃ

وري ميلو ڪڏهن ٿيندو-اها ڪائي خبر ناهي
هوا کي چئو ته راز اهڙو لڪي ڪن ۾ ٻڌائي وڃ

حفيظ اهڙو سڪون ڪهڙو-جياري ڀي ته ماري ڀي
رُنو ڏاڍو آهي بسمل-اچي هاڻي کِلائي وڃ.