شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

اسان کان ڇو رهين ٿو تون پري پري.

اسان کان ڇو رهين ٿو تون پري پري.
لڪي اچين وري وڃين هري هري.

لڳي ٿو مون خبر اٿئي ته يار ڪو
تڪي ٿو راه هر گهڙي ذري ذري

ڏسين به ٿو کلين به ٿو ملين نٿو
هتي اڱڻ تون پير اچ ڀري ڀري

يقين ٿم ته ايندين تون خوشي خوشي
تڏهن ته منتظر پئي دل ٺري ٺري

وسارجان نه خُوبرو خُمار ۾
تون حُسن جي سنڀال خود ڪري ڪري

سدا تون حُسنَ جي نشي ۾ ٿو رهين
هي بره يار جي نه دل چري چري

جهان ۾ جنم وٺي پو ٿو چوي
تو کان سوا منهنجي نٿي سري سري

اي حسن ٻڌ خيال ڪر ٿي عشق جي
اکن ۾ منهنجي جوت ٿي ٻري ٻري

متان فخر تون سونهن تي ڪري اها
ڦلي ڦولي ٿي عشق ۾ هري هري

غُرور ڪر ضرور ڪر حضور تون
مگر تون عشق کان نه ره پري پري

اي خوبرو آ روبرو حفيظ ڏي
سوا تو دلربا نٿي سري سري.