محبت جي محفل مچائي هليو آ-
مقدر جي شمع جلالئي هليو آ
جنين سان هي جيئڙو جڙيل آهي جانب-
تنين سان تون نيهڙو نڀائي هليو آ.
هئا ننگ ناموس ناتا نماڻا-
تنين کي سڃاڻي ڳڻائي هليو آ.
برابر زماني جون انگڙايون آهن-
سهي سڀ ڀلو ٿي سهائي هليو آ.
جتي لاڏ آهي اُتي ڪوڏ آهن-
ڀلي لاڏي ڪوڏي ڪڏائي هليو آ.
هي پنهنجا هو پنهنجا سڀئي پنهنجا آهن-
خطائون سڀن جون ڀُلائي هليو آ.
حياتي ۾ ڪهڙو سمر باقي آهي-
تنفر جي طوقن کي تائي هليو آ.
محبت جو ميوو صبر وانگي مٺڙو-
زنگي دل کي ڌوئي سجائي هليو آ.
جواني ته دنيا سندي زينت آهي-
تهين کي سنواري سنڀائي هليو آ.
هِتي لڳ لاڳاپا ئي سرمايو آهن-
تنين کي سهيڙي سرائي هليو آ.
محبت جون ميخون اندر ۾ کتل هِن-
انهن کي تون چت ۾ سمائي هليو آ.
حفن آهي سمجهو-سرائي آ دنيا-
رهڻ جي تون قابل بنائي هليو آ.