شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

جي دلبر آ دارون نه درمل ڇڏي ڏي.

جي دلبر آ دارون نه درمل ڇڏي ڏي.
جتي نيهن نازڪ نه نرمل ڇڏي ڏي.

محبت ته من ۾ هميشه رچي آ
نه الفت آ جنهن ڏي سو بيدل ڇڏي ڏي.

اگر دلربا بزم مان ئي وڃي ٿو
اُها يار محفل تون بلڪل ڇڏي ڏي.

ضروري ته ناهي بدن کي بدن سان
ملائي ٺرون ۽ ٺري دل ڇڏي ڏي.

اِهو عشق ڪهڙو جو جسمن سان پلجي
اگر دل نه دل سان لڳي ڀل ڇڏي ڏي.

ڪڏه اوچتو ئي وڻي ڪو وڃي ٿو
اهو آهي سانوڻ جو بادل ڇڏي ڏي.

نگاهون ملن ٿيون-نظارو به آ نرمل
پو دنيا جي هر ڪائي محفل ڇڏي ڏي.

چڱي ديد آهي ته دنيا حسين آ
چڱو چونڊي باقي تون عاقل ڇڏي ڏي.

محبت علاج آهي هڪڙو جهان ۾
محبت جتي ناهي بخمل ڇڏي ڏي.

زماني سان گڏجي هلين ٿو ڀلي هل
سوا ڪنهن به مقصد جي منزل ڇڏي ڏي.

ڪڏه ڪين ٿيندين زماني جو والي
اجاين خيالن جي هلچل ڇڏي ڏي.

حفن معتبر پاڻ کي پيو تون سمجهين
ٻڌائي ڪيو ڇا ٿئي حاصل ڇڏي ڏي.