شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

متان پرواه ڪنهن جي تون ڪرين دلبر زماني ۾

متان پرواه ڪنهن جي تون ڪرين دلبر زماني ۾
نه ڪو ويساه ڪرڻو آ-حقيقت جو فساني ۾

چيو هو ڪن-ٻڌو هو مون-وفا وارا رهن ٿا ڪئين
جگر گوشي ڪيو آ تيئن-جيئن پٿري مثاني ۾

وڏي دلڙي ڪري هلبو نظر چوگرد ڦيرائي
رکي هلبو زماني جي رقيبن کي نشاني ۾

اگر مايوس رهندين تون ته پو گاڏو هلندو ڪيئن
مٺا زنده ته رهڻو آ-جهان جي ڪارخاني ۾

همت ڪر اُٿ کڙو ٿي يار لوڏي ڇڏ زماني کي
حصو تنهنجو به آهي هن جهان جي ڪل خزاني ۾

تجربا ڇڏ نه هيڏي وڃ نه هوڏي وڃ بيهي پختو
جهلي وٺ هر پلر دنيا سندي هن قيد خاني ۾

ڀلي ڪو ڪيئن چوي پيو ڀل-توجه ڪو نه ڏي ڪنهن ڏي
ڀري ڇڏ تون وجهي مڌرا-صفا خالي پيماني ۾

ڇڏي ڏيندين ته ڇا ٿيندو هتي رهيجي ته تون ويندين
هي تنهنجو آ-وڃي ڇا ڪنهن ٻئي جو هن آستاني ۾

نگاهون کڻ بهارون ڏس زمانو هي سڄو تنهنجو
مزو وٺ تون کُلي دل سان-گهمي ڏس آشياني ۾

سڄڻ منهنجا سدا خوش ره-سدائين مسڪرائي پيو
جڏهن ايندين کلي ملجان-ملڻ جي ڪنهن بهاني ۾

خداوندا حفن بس ناصحا آهي نه هادي آ
اهو پاور ته تنهنجو آ-عطا ڪر سُر تراني ۾