شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

وڃين محب کي تون ٻڌائي پيامي-

وڃين محب کي تون ٻڌائي پيامي-
تنهنجي عشق ۾ دل ڀري پئي سلامي

جڏهن کان ڏٺم تو کي بزم سخن ۾-
تڏهن کان ڦٽي ننڊ ٿي بي آرامي

جي تو ٻول ٻوليا سهيلين جي ڪٺ ۾-
تنين سحر دل تي ڪيو آ بي دامي

چيو ڪنهن سخن بن آ محبوب ڪهڙو-
نه رمزو نه غمزو نڪي خوش ڪلامي

ڪري ناز نخرا نوازين ٿو عاشق-
لڳي ٿو هي انداز تنهنجو عوامي

جڏهن زلف ڪرلي هٽائين ٿو رخ تان-
چوي دل پئي تنهنجي ڪيان مان غلامي

نهارين پيو ترڇي نظر سان جڏهن تون-
لڳي پيو ته تنهنجون اکيون هن بدامي

ملڻ مان گهران ۽ هجين تون به راضي-
ملڻ جي خوشي ۾ وڃي دل وسامي

نگاهن ۾ تنهنجي ڏٺم پُر هئي مڌرا-
ڏسڻ ساڻ سڪتو ٿيو طاري دوامي

فضيلت ڀريو يار آهي ٻڌو ٿم-
عقل ۽ فهم جي نه ٿس ڪائي خامي

محبت مقدس امانت آ يارو-
حفيظ آ يقينن محبت جو سامي.