شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

ڪري هلڪڙائي-تون عالي نه ٿيندين.

ڪري هلڪڙائي-تون عالي نه ٿيندين.
ڪري نفرتون پو-غزالي نه ٿيندين.

نه ڪو نيهن سمجهين-نه اعزاز ڪو ئي
چڱي ڪم بنا تون-مثالي نه ٿيندين.

برن ۽ ڪنن کي-ٿو سمجهين اُصولي
چڱن جو مددگار-مالي نه ٿيندين.

رڳو خود ثنائي-۾ ورتل جي هوندين
گناهن کان بلڪل-تون خالي نه ٿيندين.

محبت شرافت ادب ۽ سچائي
ڪڏه ڀي تون حاذق حلالي نه ٿيندين.

خدا سونهن تو کي ڏني آ شڪر ڪر
تون سيرت بنا هٿ-ڪا بالي نه ٿيندين.


اُهو علم ڪهڙو-عمل جنهنجو ناهي
وڏي مرتبي وارو-والي نه ٿيندين.

برن سان ڀلائي ڪرڻ ڪم چڱو آ
چڱي ڪم بنا تون-بلالي نه ٿيندين.

رڳو جام پنهنجو-ڀري پي وڃي ٿو
ڇڏي رند ساٿي-ڪلالي نه ٿيندين.

رڳو آسرن تي حياتي گذارڻ
سوا پنهنجي محنت-ڪمالي نه ٿيندين.

اجائي حياتي گذاري نه ڇڏجان
ٻين جي ڪلهن تي-پخالي نه ٿيندين.

حفن کي ٻڌائي-ٿيڻ ڇاٿو چاهين.
مقالا لکڻ بن-مقالي نه ٿيندين.