شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

مٺو محبوب من موهڻو-حب تن من حبيب آيو

مٺو محبوب من موهڻو-حب تن من حبيب آيو
زماني جي ڪري مون کان-پري هو پر قريب آيو

تخيل ۽ تهسس ۾ تضاد آهي لڳي ٿو مون
جهان وارا چون پيا ائين-اسان ڏي ڪو رقيب آيو

اسان اکڙن کي پيرن ۾-وڇايو سين اهو دلبر
هلي آيو کلي آيو-عجائب ٿي عجيب آيو

سوين ديدن ڏٺو پئي غور سان ليڪن منجهي پيا سڀ
انهن جي درميان آيو-مگر جهڙو نقيب آيو

سڀن جي وات آڱر هئي هو بختاور فُغ دلبر
اچڻ سان رونقون نکريو سڀاڳن جو نصيب آيو

الاهي تهمتون دلبر سٺيون آهن محبت ۾
مگر هو پُر حجاب آيو-نظر نرمل نجيب آيو

محبت جو ڪو ڪاٿو آ-ٻڌائي ديدور ڪوئي
حجابن جي نقابن جي-حسابن جو حسيب آيو

گهڻي گهري نظر کان پوءِ اهو سمجهيم صنم منهنجو
صفا سهڻو وزن وارو-طبعيت جو طبيب آيو

سوالن جي جوابن مان-سڀئي هئا مطمئن همسر
سڀن گڏجي چيو پئي هي-ڪٿان اهڙو خطيب آيو

صنم جي سخن جون هاڪون ٻڌي مشتاق ٿيو هر ڪو
پسڻ جي شوق ۾ شائق-امير آيو غريب آيو

ادب جي ارتقا ٿي جنهن اُصولي گفتگو پئي ڪئي
متاثر ٿي چيو اهل ادب سهڻو اديب آيو

گناهن جو ذڪر ڇيڙي-مڃي اهل زهد ورتو
حفن وٽ قلب مومن هڪ عجيب آيو منيب آيو.