تنهنجو اچڻ مون سان ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
هر هر ڏسڻ ور ور کلڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
دنيا حسينن مهه جبينن سان ڀريل آهي مگر
تنهنجو اچڻ مرڪي ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
تنهائيءَ ۾ بيحال ٿي-مرجهائي وئي مايوس دل
پر اوچتو تنهنجو اچڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
گهِري نظر سان سونهن جا-ميلا ڏٺم پُر مئي مگر
بلڪل حسين تنهنجو هجڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
کيڪار ڪئي تو-دل ڇڪڻ واري صدا سان واهواه
ناز و ادا انداز پڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
مهرو وفا جي آس ٿو تو ۾ رکان اي دل نشين
هاڪار ديدن سان ڪرڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
دل ٿي چوي آغوش ۾-هر پل هجين منهنجي صنم
هڪدم کلي مون ڏي سرڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
هن ڪائناتي سلسلي ۾-حور ۽ مشروب جو
تو کي حفي تن جو ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.