شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

هلي آ تون مون ڏي ڪري ڪو بهانو

هلي آ تون مون ڏي ڪري ڪو بهانو
لڪڻ آ ضروري خراب آ زمانو

جواني جا ڏينهنڙا صفا ٿورڙا هن-
اسان جو اهو ئي سڄڻ آ خزانو

اسان جي طبعيت سڀن کان نرالي-
سڀن سان لڳي جو نه آ دل ۾ خانو

اچانڪ مون تو کي ڏٺو آ هِتي پر-
متاثر وڏو تو ڪيو مون کي جانو

خوشي جي گهڙي ڪا اچي گهار مون سان-
رهي روح پنهنجو ته تازو توانو

جواني هميشه جو تحفو ته ناهي-
ڪيو رقص جانان وڄائي پيانو

ذري جي ملي ٿي خوشي سان کلي وٺ-
هتي هي نه ڪنهنجو رهيو آ ميخانو

هتي ظرف وڪجي ٿو ٿورن گهڻن تان-
چڱن جو ڪٿي آ هتي ڪو پيمانو

ڏکن ۽ ڏجهن جو هي سنسار آهي-
اسان جو مٺو پر ترانو به تانو (طعنو)

زماني ۾ هر هڪ الڳ ئي رهي ٿو-
نه ڪو آه ڪنهنجو اهو آ فسانو

اميدن جا گلڙا ٽڙن ڪين ٿا جت-
اُتي ڪهڙو گلشن رڳو آ ويرانو

حفن پاڻ ۾ اچ ڪيون عهد و پيمان-
رهون گڏ ڪري گهر کي پنهنجو گهرانو.