شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

آ سانوڻ به آيو ۽ ڪويل به ڪوڪي

آ سانوڻ به آيو ۽ ڪويل به ڪوڪي
سندي دل پئي ڌڙڪي.
وسن وڏ ڦڙا پيا-نظر پئي ٿي ٿڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي،
فضا ۾ ڦوهارو ٿو ملهار ڇڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
وسي بوند باران سرهاڻ سرڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
هي ڪڪري ڪارايل ڀري ڀون ٿي ڀڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
هوا سان حسينن جي زلفن کي جهٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
ٻاٻيهل ٿو ٻولي ڍانڍيئر ٿو ڍرڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
پکي لاڳ لئه شاخ تي پيو ٿو لڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
سڀن موج مستي آ سانوڻ پيو ڇٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
لنڊو ۽ لنڊي ٻي ٿي ٽارن ۾ لٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
ڪرن مينهن داڻا-سٺو مينهن ٽپڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.