شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

مون خواهش آ جهان ۾-نه تخت جي نه تاج جي

مون خواهش آ جهان ۾-نه تخت جي نه تاج جي
نه مرتبي جي گهرج آ-نه رسم جي نه رواج جي

ڏٺو اٿم جهان هي رڳو هتي هوس رهيو
حريص نفس کي فقط-آ گهرج بس مساج جي

سڪون دل ملي نٿو-نه تخت ۾ نه بخت ۾
نه ورد ٿو لڀائي دل-نه گهرج آ سماج جي

نه هاڪ حسن جي ٻڌم-نه رنگ عشق جو ڏٺم
نه آه ڪنهن ڀري ٻڌم-نه ڪا ندا حلاج جي

ملي عمر مون ٿورڙي-مٿان وري هجر ڏٺم
ڀڄي ويو خبر نه پئي-تنهن يار جي مزاج جي

جواني ڏينهن چار هئي-جا خرچ ٿي هلي چُري
ٻڌا اي غمگسار ڪا آ گهرج ڪنهن علاج جي

اميد ٿا چون سڀئي-آ تحفو هن حيات جو
سڪون جي تلاش ۾-نه گهرج آ خراج جي

چيو سڀن بلند آ-نصيب پُر اميد جو
سراج تنهنجو سائر آ-نه گهرج ٻئي سراج جي

حفن اڃا ته آس ۾-تڪي پيو راه يار جي
وصال جي اميد آ-ٻي قربي احتياج جي.