ڪتاب جو نچوڙ ٿئي-وضاحتي مهاڳ ۾
اگر ڪا ڌُن وڄائجي ته سُر هجي ڪو راڳ ۾
وڏا اڳي غريب ها-نه مال هو نه حال هو
جو حال هو سو پيش هو-وڏو مزو هو ساڳ ۾
سوين لڏي پرائي پڊ روزگار ڪاڻ ويا
مگر مزو ڪٿي نه هو-هيو جو پنهنجي ماڳ ۾
اڪابرن هميش واٽ ارتقا ڏسي مگر
نصيب ڪنهن جو چاق هو ته يار ڪو اڀاڳ ۾
هو بخت جنهن جو يا وري-انهي ته محنتون ڪيون
جدوجهد جو ڪري-عروج تنهن جي ڀاڳ ۾
جي ڀاڳ تو سجاڳ آ-ته ننڊ پو حرام آ
آ سلطنت سهاڳ ۾-سڪون آهي جاڳ ۾
مثال ڪئين ڏٺا اٿم هميشه دربدر اهي
جنين کي پيار اڻ ميو-هئا جي لاڏ چاڳ ۾
هي ڪائنات ميل آ-رهن ٿا عشق حسن ٻئي
ڪو حسن جي نشي ۾ آ ڪو عشق جي ويراڳ ۾
تون عشق جو مجاز ڏس-تون مشڪ جي به موج ڏس
مجاز موج مستڙيون-نه يار ڪنهن جي واڳ ۾
سهاڳ ڏس سڀاڳ ڏس-اهي ئي وقت جا ڌڻي
اٿن سوير محنتي-رهن سدا سجاڳ ۾
جهان هڪ ندي مثل-سڄو کٻو ڪنار ڏس
کٻو اٿس نڀاڳ ۾-سڄو اٿس ته ڀاڳ ۾
عقل فهم هميش تون-عمل ۾ رک اي اجنبي
تون سلطنت جو مالڪ آن-نظر جي ٿئي سهاڳ ۾
حفن مٿان ڪرم ته ڏس-نگاه ساڄي پاسي ٿس
صفا يقين ڪو نه ٿس-ڪو کاٻي جي نڀاڳ ۾.