شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

عاشقن جو نيهن نرمل-يار جو ديدار آ.

عاشقن جو نيهن نرمل-يار جو ديدار آ.
ورنه قالب خود قفس آ-جان تن لئه بار آ.

هر نگاه عاشقان صورت رهي ٿي هيڪڙي،
جا سمائي ساه ۾ تو من شدي من ٺار آ.

يار جي مرضي جڏهن درشن ڪرائي ديد جو،
خوشگوار آ موڊ ڄڻ سڀ هار ۽ سينگار آ.

محب جهڙو ڪو به ناهي-جو وڻيو سوئي وڻيو.
هر صبا ۾ هي حقيقت قرب جي آشڪار آ.

محب جي هر هڪ ادا آهي صفا مسحورڪن،
هر سمئي هر رنگ ۾ هو محب جو حبدار آ.

جو رهي ٿو من ۾ تنهن جو-ورد ٿي ويو خودبخود،
چئو ڀلي هر عام کي ڀڳوان خود هڪ پيار آ.

دلربا درشن ڪرائي وڃ ته ٿئي ڪا تازگي،
انتظار آهي حفن کي-ديد لئه اصرار آ.