شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

اي حسن تون ستا نه مون نه درد ڏي فراق جو

اي حسن تون ستا نه مون نه درد ڏي فراق جو
اهو ئي امتحان آ هميشه کئون عُشاق جو

جهان جو نه دين جو نه آخرت جو معاملو
رڳو آ معاملو صنم سان دل جي ارتفاق جو

جي سونهن ٿو رکين صنم ته قرب کي نڀائي تون
عجب طريقو تو ڪيو آ دل سان هي مذاق جو

اهو سٺو لڳي ٿو مون-تون حسن کي سينگار پيو
نه نيهن کان نٽائي تون نه رستو وٺ اباق جو

اهو آ شيوه گل سندو سڏي ٿو ڀونئر کي هري
اهو ئي نيهن ناز دل وٺڻ جو استراق جو

صنم رهي پري پري-هري هري لڪي ڏسي
يقين سان اهو سبب آ دل جي التحاق جو

هتي گهڻن کي شوق آ ته محب سان وصال ڪن
مگر لڳي ٿو شور غل-شفاق جو نفاق جو

مجاز ۾ غريق ٿي مون شوق دل ڏٺو جڏه
ته افتخار دل اندر وڏيو مون اشتياق جو

جهان عشق جو وڏو آماجگاه آ رهيو
مگر ٻڏائي حال ڪو بيمار جو ۽ چاق جو

زماني کان ڊڄي ٿو هو-عزت جو خيال ٿس وڏو
اچي ته ڀل عتاق سان رکي سخن سياق جو

پنا مون ڪيئن ڏٺا مگر سڀئي ها درد عشق جا
پنو ڪو ڀي نه خالي هو ڪتاب جي اوراق جو

مجاز موج برق ٿي متان نه شوق ۾ اُٿي
متان حفن مذاق ۾ کلي نه طاق ڪاڪ جو.