شاعري

دَمِ ديدار مي رقصم

”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
Title Cover of book دَمِ ديدار مي رقصم

تلاش گر آ بخت جي-سڃاڻ ان جي وقت کي

تلاش گر آ بخت جي-سڃاڻ ان جي وقت کي
لڪل ٿئي راز ڪرت ۾-اگر گهرين ٿو تخت کي

تون وقت جو خيال رک-نماز جو قيام رک
تون پهرين تندرست ٿي-نه ڇڏج اهڙي ڪرت کي

جهان ميلو آ وڏو-حسين کان حسين تر
انهي جي حاصلات لئه-سڌار پنهنجي صحت کي

اگر لڳو رهين نماز کي ته چست آهين تون
نماز اهڙو شيوه آ-روان ڪري ٿو پست کي

اگر تو استقامت آ-ته جُهد جو جهاد ڪر
جي جُهد آهي زُهد ۾-پو ويجهو آهين پرت کي

نماز کان پري نه ره-نه تن نه من جي کوٽ رک
نماز اعليٰ ورزش آ-ڪر عادي اهڙي خفت کي

چُري نٿو هلي نٿو-جمود ۾ آ مثل مرگ
تون لوڏ هن کي دوس ٿي اٿار اهڙي سست کي

ڄمڻ مرڻ جي وقفي ۾-هِتي هُتي جو کڻ سمر
اجائي سوچ ۾ نه وڃ-ڇڏي ڏي اهڙي گشت کي

نماز جو آ فلسفو ته چار ڏينهن چاق ره
جمود ۾ تون زندگي وڃائي خود نه سرت کي

نماز جي حُصول لئه-دماغ دل سجاگ رک
اگر اهي سمهي رهن-لڪڻ هڻين پشت کي

دل و دماغ صحت مند-اگر قيام ۾ رهن
حيات صحت ڪاملا-چمن بنائي دشت کي

حفن نماز جو عمل خلوص سان تا دم رهي
ڪو احتياج غير جو کپي نٿو ڪنهن چست کي.