سڪون دل اگر طلب ڪرين ته لب خموش رک
غبار دل جو آب ٿي وهي اچي ته پوش رک
سمهي رهن ٿا مثل مرگ-رات ڪاري ٿي جڏهن
سجاگ ڪو رهي ته ڇو نه ڪنهنجو دل تي دوش رک
خوشي ۽ غم رهن ٿا گڏ نه ڪرب ڪر نه طرب ڇڏ
نزاڪتن سين وقت جي تون خود کي خوش خروش رک
جڏهن ڪو وس هلي نٿو ته راض سمجهه يار جو
صبر سين انتظار ڪر هي نقطو من بگوش رک
جهان ۾ هميشه لئه-شب گران نٿي رهي
اِجها سحر ٿي رونما-اُميد پُر سَروش رک
نمود ڏينهن جو جڏهن-بَدل ڪري ٿو رات کي
سحر چوي ٿي رات کي-ته خود کي پرده پوش رک
جڏهن ٿو مئي سمئه اچي-ته ساقي باده مست ٿي
ڀري چوي ٿو بزم ۾-هي جام رندي نوش رک
حفيظ تون نراس ٿي-نه پاند ڇڏج صبر جو
تون جنهن به حال ۾ هجين-عقل فهم به هوش رک