هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر عبد سنڌي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.عبد سنڌي هن دؤر جو سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سونهن وڇوڙي جون صدائون، رساما، عشق مجازي، عشق حقيقي کانسواءِ اصلاح به آهي. ته مزاحمت ۽ انقلاب به آهي، سندس شاعريءَ ۾ وزن جي بختگي به نظر اچي ٿي پاڻ شاعر سان گڏ سٺا اُستاد به آهن.
سائين عبد سنڌي بهترين انسان، سٺو اُستاد ۽ ڀلوڙ شاعر آهي، عوامي شاعرن سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيديءَ جي صحبت ۾ رهندي هن پنهنجي شاعري کي خوب سنواريو ۽ سُڌاريو آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي عشق جا اُلاءُ ۽ پيار جي پالوٽ مهراڻ جي موجن جيان ڇلڪندي نظر اچي ٿي، اتي ڌرتيءَ ماءُ سان محبت ۽ انهيءَ سان ڪيل عقوبتن جي پڻ ڀرپور عڪاسي نظر اچي ٿي، پاڻ جتي ٻالڪ بڻجي ٻالڪپڻي جي موج مستين ۾ مهو نظر اچي ٿو، اتي جواني ۾ زندگيءَ جي اهنجن ۽ آزارن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿو. هو ٻارن، ٻُڍن ۽ جوانن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ هن ڪائنات جي سڀ کان عظيم ترين ۽ مقدس هستي عورت جي اهنجن آزارن ۽ اِلتجائن کي اندر ۾ اوتي لفظن جي موتين سان مرهم رکڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، سندس شاعري محبوب جي ماڻن کان ويندي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي مارو ماڻهن جي ڏکن، سُورن، اهنجن، آزارن جو داستان هئڻ سان گڏ درمان به آهي، سندس شاعري غلامي لاءِ گار ۽ آزاديءَ جي علامت آهي. پاڻ سنڌ جو ترجمان ۽ بيباڪ شاعر آهي پر وقت آهر ڇپجي نه سگهڻ ڪري گمنامي جي غار ۾ پيل رهيو آهي پر سندس هي شعري مجموعو کيس عزت، عظمت ۽ سُڃاڻپ جي اعليٰ مقام تي ضرور پهچائيندو ۽ سجاول جي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ سڃاتو ويندڙ هي درويش صفت انسان سموري سنڌ ۾ پرهه جي باک جيان پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪندو.