خبر ڏي خير جي قاصد، پڇڻ وارا اچن ٿا نه،
ٻڪي ڪا ٻاجهه مان مونکي ڏيڻ وارا اچن ٿا نه!
فراقي ڦٽ ڏسي منهنجو، هتي جا ويڄ ورچي ويا،
هٿن سان پاڻ هو مرهم، مکڻ وارا اچن ٿا نه!
اڙانگي جاءِ تي اٽڪيس، پرين ٿيو آهي بي پرواهه،
ڪريو آهيان وڏي ڪُن ۾ ڪڍڻ وارا اچن ٿا نه!
ڏيان ڦيرا چرين وانگي، گهمي جيئن اُٺ گهاڻي ۾،
سڌي گس تان وٺي مونکي، هلڻ وارا اچن ٿا نه!
وڇوڙي جو زهر ساري بدن ۾ ويو پکڙجي آ،
زبان جي لعاب سان ماکي ڪرڻ وارا اچن ٿا نه!
سفينو سير ۾ آهي، لڳن لهرون ٿيون طوفاني،
اُڪاري پار ڪن سي ڪي پتڻ وارا اچن ٿا نه!
هتي بيمار بستر تي، آهيان ٿيو بي بلو بلڪل،
وٺي هو پاڻ سان مونکي وڃڻ وارا اچن ٿا نه!
ڪيان دانهون وڏي واڪي، پڄن من پار پرين کي،
سندم سورن سنديون سارون لهڻ وارا اچن ٿا نه!
ٻڌايان حال دل ڪنهنکي، ٻڌڻ وارا ئي ڪونهي ڪو،
ڪٿا هن درد منهنجي جي، ٻڌڻ وارا اچن ٿا نه!
الاهي ’عبد سنڌيءَ‘ جي وڃي رهجي نه هيءَ دل ۾،
مئي کانپوءِ مٺا مونکي وٺڻ وارا اچن ٿا نه!