هيل به سانوڻ مينهن وسي ويا، ساجن توکي سار نه ڪائي،
يار اوهان جي مون وٽ ناهيو، مون کي مند ملهار نه ڀانئي.
سرتين پنهنجا سرتا ساريا، ويڙهيل وينڍا وار سنواريا،
مند کي سرتين خوب ملهايو، مون لئه هئي سا مند اجائي.
ڪالهه به توکي ڏاڍو ساريم، روئي تنهنجو نانءُ پچاريم،
اوڙي پاڙي مان نه سکي ڪا، ڪانه ڏيڻ ڪا آٿت آئي.
نينهن نڀاءِ پار پڄاءِ، عشق الهڙ کي چوٽ چڙهاءِ،
هيڪ هجون ٻئي هِت هُت سهڻا، ٻن پوي هي جاڙ جدائي.
مون گهر گهٽيون گس ٻهاريا، تو ڪيئن پنهنجا قول وساريا،
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهايل گهاريان، غم گوندر ۽ گهوڙا وائي.
موٽي ايندين ميلا ٿيندا، پوءِ نه وچ ڪي ويلا ٿيندا،
سانوڻ سان گڏ ساجن گهرجي، اڳ پو منهنجي آس اهائي.
جنهن لئه صدقو ساهه ڪرايو، ساجن ’عبد سنڌيءَِ‘ گهر آيو،
ڏور ڀڳا سڀ ڏک ڏولاوا، لوڪ ڏني مونکي واڌائي.