مُهاڳ:
مادرِ وطن سنڌ اهلِ دل ماڻهن جو ملڪ آهي، هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي جيءَ جهان ۾ نرالا اسرار رکن ٿا. انهن جي اندر ۾ هڪڙي آڳ هجي ٿي، جيڪا ڪڏهن ڌڳندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي ٿي. اها آڳ سچائيءَ جي، محبت جي، عشق جي آڳ آهي، پاڻ ارپڻ جي آڳ آهي. هنن جون دليون انهيءَ آڳ سان منور رهن ٿيون ۽ شاعري انهن دلين جو لباس آهي. هو شاعريءَ کي پنهنجي دل مٿان ولين وانگر ويڙهي انهيءَ روشنيءَ کي نئين جاوداني، نئين چمڪ ڌمڪ ۽ نئين جرڪ ڏين ٿا. اهي ماڻهو جيڪي شاعري نٿا ڪن، جيڪي شاعر نه آهن، اهي به پنهنجي دل جي نگريءَ ۾ ڪوتا جا تيل ڦليل ڏيئا ٻاري رکن ٿا، ۽ جيڪي شاعر آهن، ڪوي آهن، ڪلاڪار آهن، انهن جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي، انهن جي اندر ۾ تخليق جي سونهن پنهنجي پوري حسناڪي ۽ ڦوهه جوانيءَ سان کڙيل رهي ٿي، اها آڳ، اها روشني، اها سونهن جڏهن مجسم صورت وٺي لفظن جي شڪل ۾ ڪاڳر جي بدن تي لهي ٿي، تڏهن حُسن، ڏاهپ ۽ معنيٰ جا نوان نظارا پڌرا ٿين ٿا، جيڪي دلفريب، دلڪش ۽ من موهيندڙ هجن ٿا.
سائين عبد سنڌي به تخليقڪارن جي انهيءَ لاجواب برادريءَ جو حُسناڪ حصو آهي، هو سنڌ جو آهي، سنڌ جي به لاڙ جو آهي، ان ڪري سندس ڪوتا جي ڦلواڙيءَ ۾ جيڪا رنگارنگي، نرملتا، سونهن حليمت، نزاڪت، ڪوملتا ۽ سڳنڌ آهي، اها لاجواب ۽ شاندار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جي کٿوريءَ جي خوشبوءَ به آهي، وصال جا سون ورنا رنگ به آهن، وڇوڙي جون دلسوز آهون ۽ دانهون به آهن، پنهنجن ماڻهن جي هيڻي حال تي ملال به آهي، ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي وڃايل تشخص، وقار ۽ حيثيت جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جو اونو به آهي.
جيئن ته ڪائنات ۽ زندگي گوناگون آهن، ان ڪري شاعري پڻ گوناگون گهڻ طرفي، گهڻ رنگي ۽ سڀ پاسائين هجي ٿي. اها پاڻ کي ڪنهن هڪ يا ڪن مخصوص موضوعن جي قيد ۾ بند نٿي رکي، اها ڪائنات، زندگي، سماج، انساني رشتن، ڌرتيءَ جي گولي تي ايندڙ اٿلن پُٿلن، روز روشن توڙي پوشيدا حقيقتن، نِت نوَن جنم وٺندڙ لقائن، ننڍي کان ننڍن ۽ وڏي کان وڏن مامرن، مسئلن، اسرارن، رازن رمزن ۽ خدائي توڙي مانسڪ ڳُجهن جي ڀڃ کول کان وٺي حسن ۽ فن جي تخيلق ۽ اظهار جي نون گهاڙيٽن جي دريافت تائين انيڪ، اڻکُٽ ۽ اڻڳڻين موضوعن کي پنهنجو عنوان بناءِ ٿي. انهيءَ موضوعاتي گهڻس سان گڏ شاعريءَ جي هڪڙي تمام وڏي خوبي اها به آهي ته اها تصور جي لاحدن ۾ اتي به جهٽ هڻي ٿي. جتي عام طور تي نثر نه ٿو پهچي، لاحدن ۾ لوچڻ ۽ حدن لهڻ جي ۽ سپيريان جي سونهن جي قدمد تائين رسڻ جي اها حيرتناڪ خوبي ئي شاعريءَ کي عظيم بلندي، اَٿاهه گهرائي، بيڪران ويڪر، وشالتا ۽ لازوال عظمت عطا ڪري ٿي، اهڙي ئي گهرائي وشالتا، بلندي عظمت سائين عبد سنڌيءَ جي شاعريءَ مان پڻ لياڪا پائي ٿي. اها پنهنجي موضوعاتي وسعت، رنگا رنگي، گونا گونيت ۽ تخيل جي اڏام سبب پڙهندڙ جي جيءَ جهان کي سڀ رنگ سانول جهڙين ڪيفيتن ۾ رنگي ٿي ڇڏي.
عبد سنڌيءَ جي شاعري هونئن ته گهڻ پاسائين، گهڻ طرفي، سڀ رنگي ۽ موضوعي گونا گونيت جي شاهڪاريت سان ڀرپور آهي. پر ان جا جيڪي وڏا، ڇانيل ۽ حاوي پاسا آهن، انهن ۾ سڀ کان ڳرو ۽ وزندار پاسو سندس قومي شاعريءَ وارو آهي، سندس قومي شاعريءَ ۾ جيڪا فني ۽ فڪري اڏام آهي، اها وڏي اثرانگيز آهي ۽ ان کي پائندگي حاصل آهي. سندس قومي شاعريءَ کي ٽن حصن ۾ ورهاءِ سگهجي ٿو. هڪ هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي وڃايل قومي آزادي ۽ قومي تشخص جي حاصلات ۽ بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جا سڏ ۽ واڪا ڪندو نظر ٿو اچي. سنڌي قوم جي هزارين سالا تهذيب، ثقافت، ٻولي، تمدن، تاريخ ۽ جدا گانا قومي تشخص ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي ۽ بچاءُ صرف ئي صرف پنهنجي ”قومي راڄ“ جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿو سمجهي. ان ڪري ڪٿي هو ڀاڳ کي جاڳ جي روشني ڏيڻ جي تاڪيد ٿو ڪري، ڪٿي لُٽيل ڀنڀور جي واهر جا سڏ ٿو ڪري، ڪٿي چانڊوڪين ۽ چيٽن جي رکواليءَ جون صدائون ٿوڪري پر هو هرصورت ۾ سنڌ تي سُهائي آڻڻ لاءِ جاکوڙ، جدوجهد ۽ اُميد جا ڏيئا ٻرندا رکڻ گهري ٿو. قومن ۽ ملڪن جي زندگين ۾ آزادي ئي سهائي آهي. جڏهن ته غلامي ٻاٽ اونداهه جي مصداق آهي، ٻاٽ مان جدوجهد جي لاٽ ئي ڪڍي سگهجي ٿي ۽ اها لاٽ آخرڪار وڌي، ويجهي، پکڙي بلند ٿي سهائي سهائي ٿي ٿي وڃي.
سنڌ جي ملڪي قومي عظمت، تاريخي حيثيت، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ قومي جبر جي اُپٽار کانسواءِ سندس قومي شاعريءَ جو جيڪو ٻيو پاسو آهي، اهو طبقاتي جبر ۽ ڦُرلٽ کي نروار ٿو ڪري. سنڌ جو جاگيردار ۽ مردار مٿيون طبقو ڪيئن نه ڌارين جي هٿن ۾ ڪَٺ پتلي بڻجي پنهنجي ئي قوم جو مارو بڻيل آهي، ۽ ڪيئن نه ڄئور جيان عوام جو رت چوسي مچي مواڙ ٿي پيو آهي. اهو عبد جي شاعريءَ ۾ روز روشن وانگر عيان ٿئي ٿو. هو سخت ڀوتارڪي وڪڙ ۽ جڪڙيل سنڌي سماج تي زبردست چوٽ ٿو ڪري ۽ ان مان بند خلاصي ٿيڻ لاءِ عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجون واڳون پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ تي آڀاري ٿو.
سندس قومي شاعريءَ جو ٽيون پاسو خود تنقيدي يا سياسي، سماجي تنقيد وارو پاسو آهي، هر عظيم فنڪار ۽ ڪلاڪار رڳو پنهنجي قوم يا عوام جا ڳُڻ ڪونه ڳائيندو آهي، پر اهو ان تي تنقيد به ڪندو آهي، اها تنقيد ڪنهن ڪوفت، نفرت يا بڇان تي بيٺل ڪانه هوندي آهي، پر ان جي پٺيان شديد محبت جو جذبو ڪارفرما هوندو آهي. قومن جا عظيم محسن، رهنما ۽ ديدآور پنهنجي قومن جي آرسي به هوندا آهن. اها آرسي فقط سونهن، عظمت ۽ خوبيون نه ڏيکاريندي آهي، اها ڪوتاهيون، اوڻائيون، اوڳڻ ۽ سماجي برائيون پڻ پڌريون ڪندي آهي. اها تنقيد ان لاءِ هوندي آهي، جو اهي انسان پنهنجن قومن مان اهي اوڻايون ڪوري ڪڍڻ گهرندا آهن، ڇو ته اهي اوڻايون قومي جسم مٿان ڪنهن ڦٽ وانگر بدنما لڳنديون آهن. ڪنهن به خامي، اوڻائي يا خرابيءَ مان جان تڏهن ڇڏائبي، جڏهن اها شعور جي پڙدي تي پڌري ٿيندي. برائي يا خرابي جيستائين لڪل رهندي، تيستائين زندهه رهندي.ان ڪري جڏهن ڪو ڪلاڪار پنهنجي عوام تي تنقيد ڪري ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ٿئي ته هو پنهنجي عوام کي اڃا وڌيڪ سهڻو، لائق ۽ ڳڻوان ڏسڻ گهري ٿو. عبد سنڌي به سنڌي سماج ۾ پيدا ٿي پيل اهڙين اوڻائين جو تذڪرو ڪندي انهن جي خاتمي جي چاهنا ڪري ٿو. ڪنهن به اوڻائيءَ جو خاتمو ڪنهن نئين خوبيءَ جي پئدائش جا در کولي ٿو. سو سائين عبد سنڌي به سنڌي سماج کي سٺائين ۽ چڱائين جي نين رفعتن تي وٺي وڃڻ ٿو گُهري، تنهنڪري سنڌي سماج جي وڻ جو ڇانگيارو ٿي بيهي ٿو. هو سنڌي عوام کي سماجي برائين، سستي، ڪمزوري، خود ارادي ۽ اعتماد جي اڻهوند، ٺهلي ڦونڊ، لٻاڙ، اجاين جهيڙن جهٽن، ڦڏن، فشرين، نفاق، انتشار، اجتماعي شعور جي اڻاٺ ۽ ماٺ جي اوڙاهه مان نڪري قومي جياپي ۽ عوامي جياپي ۽ عوامي خوشحالي جي راهه تي رڙهندو ڏسڻ گهري ٿو.
اونداهه ۾ وئي آ، سنڌ جا هُئي سهائي،
هاڻي ته هڪ وڃو ٿي، ڪريو ڪا روشنائي.
سنڌ سائي سُکي، ٿي پئي آهي ڏکي،
ڀاڳ کي جاڳ ڏيو، روشني ڪا ڪيو.
هڙپ ڪري ويا هڙئي بجيٽون، ننڍا وڏا هي نڀاڳا ناظم،
پنجاهه لک ۾ وري پيجارو، نئين نڪوري ڪٿان ته آئي!؟
وٺي ووٽ ميمبر، وري ڪين وريا،
وتن راڄ رُلندا، نڀاڳن جي پويان.
پنج سئو جي هڪڙي پرچي هر ڊاڪٽر لکي ٿو،
اَڀرن ٻچن اَگهن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون!؟
چيو جن ته سِر ۾ پوَئي ڪم ته چئجان!
اهي هاڻ سمجهيم لٻاڙون هڻي ويا.
اوهان ڏنا ڏڍ دلاسا جيڪي، انهن جي پويان رُلي مئاسين،
اوهان جون ڳالهيون وڏيون، ٻڌيونسين، مگر اوهان سي اڃا نه پاريون.
اوهين ته آهيو امير ماڻهو، امير کاڌا امير پهرڻ،
اسان ته دالين ۽ ڀاڄين لئه، اڃا ته ناهن چلهون به ٻاريون.
اوهان جا گلشن اندر گذارا، گلن سان آهي اوهانجي رِلمِل،
اسين پري کان ڏسون به جيڪر اُڀيون اسان تي تکيون تراريون.
چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،
چيائون سچ چوڻ جهڙا، اڙانگا ڪم ڪندو آهين.
نه نعرا نه جلسا، نه هوڪا نه واڪا،
عُمر قيد گهارڻ، وڏي ڳالهه آهي.
هتي مونکي ننڍي کنڊ جي وڏي اديب ۽ دانشور مائي ارون ڌتي راءِ ياد اچي وئي آهي. تازو بي بي سي تان نشر ٿيل سندس انٽرويو ۾ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته، ”ڇا توکي جيل وڃڻ جو شوق آهي!؟“ ته ان جي جواب ۾ مائيءَ وراڻيو ته، ”نه مونکي هرو ڀرو جيل وڃڻ جو شوق ڪونهي، آئون جيل وڃڻ نه ٿي چاهيان، البت هڪ طرف سرڪاري جيل آهي، ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي پنهنجي اندر جو وڏو جيل آهي، جڏهن ڪوئي ليکڪ سرڪاري جيل وڃڻ جي ڊپ کان پنهنجي ضمير جو سڏ نٿو ورناءِ سچ جي ڳالهه نٿو ڪري ته هو پنهنجي اندر جو جيل پنهنجي سِر تي ٿو کڻي. اهڙي جيل ۾ جڪڙجڻ کان سرڪاري جيل ۾ وڃڻ وڌيڪ بهتر آهي.“ سائين عبد سنڌي به اهائي ڳالهه ٿو ڪري، بلڪ ڪنهن حد تائين هن ارون ڌتي راءِ کان به ڪجهه وڌيڪ وزندار ڳالهه ڪئي آهي. هو نه صرف سچ جي ڳالهه، پر سچ لاءِ جدوجهد، جاکوڙ ۽ پتوڙ ٿو چاهي.
جيڪڏهن زندگيءَ ۾ اهو تحرڪ ناهي ته زندگي زندگي نه ٿي رهي. نه فقط ڪوئي ڪلاڪار يا تخليقڪار، پر عام ماڻهو به جيڪڏهن متحرڪ، سرگرم ۽ پنهنجي دؤر جي سچ جو ساٿاري ناهي ته هو پنهنجي جيون کي عمر قيد ۾ بدلاءِ ٿو ڇڏي، جيڪا ڳالهه عبد جهڙي انسان لاءِ اجوڳي اَسونهيندڙ آهي.
جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي رومانوي شاعريءَ جو تعلق آهي، ته اها پڻ تمام جاندار، سگهاري ۽ شاهڪار شاعري آهي. سندس رومانوي شاعريءَ ۾ انساني احساسن، امنگن، اڌمن، جذبن ۽ اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ولوڙ جي جيڪا اُپٽار ڪيل آهي، اها ايڏي ته لاجواب آهي، جو ماڻهو سمجهي ٿو ته اها سندس ئي من جي ڳالهه ڪيل آهي.
عشق جي نفيس احساسن، عورتاڻي حُسن جي دلفريب چانڊوڪي، ادائُن جي دلڪشي ۽ دل جي دل لاءِ اجهل ۽ اروڪ ڇڪ کي جنهن فنڪاراڻي ڪمال سان لفظن ۾ تراشيو ويو آهي، اهو نهايت ئي وڻندڙ، آفرين لائق ۽ قابل ستائش عمل آهي، جيڪو جهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعري درد جي سوداگري آهي، شاعري عشق هٿان لڻيل دل جي ٻنيءَ مان احساسن جو چونڊو ڪرڻ جو نالو آهي. تيلو تيلو ڪري گڏ ڪيل درد ۽ احساس جي سٿيءَ کي ڪُٽي ڇنڊي ڦوڪي جيڪي سالم ڪڻا ڪڍجن ٿا، اهي ئي لافاني شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا.
جڏهن عبد سنڌي اسان کي اهڙا احساس ڪڻا آڇي ٿو، ته اهي هيئن جرڪندا سامهون اچن ٿا.
اهي ته ڪومل تيوَر نظرون،
ناز نهارون اڃا به اڳتي.
مُرڪي مُرڪي، مون به ڏٺو هو،
تو به کنيا ها، نيڻ نماڻا.
ايندو ايندو ڀيڄ ڀنيءَ جو، عشق عجب اسرار ميان،
محبوبن جو ”عبد“ سڏاءِ، گهور مٿان گهرٻار ميان.
مان مُرڪان ۽ هوءَ شرمائي،
نينهن ڊڍِي مان نسرڻ گهرجي.
ڪير چوي ٿو ڪونه مِلون ٿا،
روز ملون ٿا ڪونه ڪُڇون ٿا.
آمون سامهون رستي ۾ ٿي،
تِرڇين نظرن ساڻ ڏسون ٿا.
تجسُسُ ۾ احساس جو ڇا مزو آ،
وٺڻ لئه ڪيو مون نقابن ڏي لاڙو.
جنونِ حوس مون تي ايڏو ٿيو طاري،
ڪيم جنتن ۾ به حُورن ڏي لاڙو.
تنهنجي در جي دلبر گدائي وڻي ٿي،
وفائي ته ڇا بيوفائي وڻي ٿي.
منهنجي منزل اُڀ کان اڳتي،
چنڊ مٿي مس چڙهيو آهيان.
سائين عبد سنڌي جي رومانوي شاعري جي هڪڙي اهم ۽ وڏي خصوصيت اها به آهي ته اها سماجي نفسيات ۽ سماجي شعور جي زبردست عڪاس آهي. گڏوگڏ هو روايتي اک سان ڏسڻ بدران عشق ۽ محبت جي مامرن کي نئين نظر سان ڏسي ٿو. شيڪسپيئر جي هن ڳالهه ته ”او انگلينڊ! آئون تنهنجي غدارن سان به محبت ٿو ڪريان“ وانگر سائين چئي ٿو ته، ”اي محبوب تنهنجي وفائي ته ڇا بيوفائي به منهنجي دل ۾ لهي وڃي ٿي، وڻي ٿي ۽ مونکي پياري آهي.“ اسان جنهن قسم جي سماج ۽ ذهني سطح ۽ سماجي روين واري ماحول ۾رهون ٿا، اتي ان قسم جي ڳالهه نئين نرالي ۽ جدت سان ڀرپور آهي، اهڙي نواڻ اسانکي سندس شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين نظر اچي ٿي.
جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي شاعري جي فني پاسي جو تعلق آهي، ته اهو پڻ ڏاڍو سگهارو ۽ دل آويز آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان لاءِ ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هو لاڙ جو آهي، لاڙ جتي حاجي احمد ملاح، صاحبڏنو شاهه، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، سيد اڪبر، علڻ شاهه، ارشاد ساگر ۽ محسن عباسي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. اڃا به اڳتي شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو پيدا ٿيو. اها نالن جي ڪهڪشان جي ڊگهي جهرمٽ آهي، اهو تسلسل جاري وساري آهي، آپا مريم مجيدي، غلام حُسين رنگريز، حافظ محمد نظاماڻي، عبد ماڃوٺي، مانجهي، ڪوي، اياز امر شيخ، جمن سوهو، ديدار شاهه ساپڙي وارو، محمد ٻارڻ حبيب الله سانگي سجاولي، سورج سجاولي ۽ ٻيا ڪئين نالا آهن، جيڪي اُنهي جهرمٽ ۾ جرڪي رهيا آهن. انهي جهرمٽ ۾ سائين عبد سنڌي جو نالو نرالي ۽ منفرد ستاري سمان آهي، جنهن جي جوت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ آهي.
مون ويجهڙ ۾ پنهنجي هڪڙي تقرير ۾ ٻهڳڻي ڪوي مرهيات حسن درس لاءِ چيو هو ته ”حسن درس شيخ اياز جي دؤر ۾ پيدا ٿيو، پر سندس انفراديت اها هئي ته هن اياز جي اهل ڪرڻ بدران پنهنجو نرالو لهجو، نئون اسلوب ۽ الڳ انداز بيان پيدا ڪيو. هن جي شاعري تي اياز جي ڇاپ ناهي.“ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن مان عبد سنڌي به هڪ آهي. هن جي ٻولي، هن جو لهجو، هن جو انداز سڀ هن جو پنهنجو آهي، ان تي ٻئي ڪنهن به پيشرو يا همعصر شاعر جي ڪائي ڇاپ نظر نٿي اچي. هن جي ٻولي عوام لاءِ آهي، عوام جي ٻولي آهي. پر ڏاهپ ۽ فن جي نقطن ۽ رمزن سان سرشار ٻولي آهي، جيڪا هر عام ۽ خاص جي سمجهه وٽان به آهي ته ان جي سمجهه کي هيٺين سطح کان کڻي مٿي آڻيندڙ به آهي.
مونکي هن موقعي تي عربي جي زبردست شاعر نابغا ذبياني جي هڪڙي شعر جو ترجمو ياد اچي رهيو آهي، هن لکيو آهي ته:
منهنجا محبوب!
مون توکي ان مهل ياد ڪيو،
جڏهن ڪڻڪ رنگيون بڙڇيون،
منهنجو خون پي، ڍاپي، ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون.
آئون سمجهان ٿو ته سائين عبد سنڌي جي هن ڪتاب، ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ ۾ موجود هيءَ شاعري ياد رهجي وڃڻ جهڙي شاعري آهي. اها تڏهن به ياد اچي سگهي ٿي، جڏهن محبوب جي گلنار چپن تي چمين جا ڏاڙهونءَ گل کڙندا هجن. ۽ اها تڏهن به گهايل چپن تي اُڀري ٻُري سگهي ٿي، جڏهن بڙڇيون سرخ ۽ جسم رت ۾ لال هجي ۽ انهيءَ گهاءُ گهاءُ لالائي مان اڀري اچي محبوب جي سُرهي سُرهي ۽ مُرڪ ڀري سار.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
نواز خان زئور
ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپور بٺورو
ضلع ٺٽو.
22 سيپٽمبر 2011ع