اڄ قوم کي ٿو گهرجي ليڊر جي ڳالهه ڪر،
رهزن گهڻا مليا هِن، رهبر جي ڳالهه ڪر.
انصاف قوم هن کي ناهي ڪڏهن مليو،
انصاف ڏئي سگهي، تنهن افسر جي ڳالهه ڪر.
دشمن سان ٿيندا ليکا، وٺبا حساب سڀ،
چونڊون کٽي ڀڄي ويو ميمبر جي ڳالهه ڪر.
ڪابل قنڌار گوادر ڪشمير ڇو پڇون،
ڪينجهر ڪراڙ ڍنڍ ۽ منڇر جي ڳالهه ڪر.
مسعود نوري ليليٰ، مهدي ڀلي ٻڌو،
يوسف جمن ڪنور ۽ چندر جي ڳالهه ڪر.
هن قوم کي ته ڌارين نشتر هنيا گهڻا،
پنهنجا هڻن ٿا پٺ ۾ خنجر جي ڳالهه ڪر.
سنڊي منڊي ۽ ٽوڊي ٻولي ٻين جي آ،
اربع خميس جمع، ڇنڇر جي ڳالهه ڪر.
هن سامراجي سسٽم ڪنهن کي به ناهي بخشيو،
هر گهر ۾ ظلم ٿيو آ، گهر گهر جي ڳالهه ڪر.
سرويچ ۽ مجيدي رنگريز ۽ امر،
سانگي ادي مريم ۽ ساگر جي ڳالهه ڪر.
مومل جي ماڙي ستيون مڪلي موهن دڙو،
هو جي ڊهي ٿيا هِن کنڊر جي ڳالهه ڪر.
هڪڙو هو پٽ امڙ کي سودو وٺڻ ويو،
گس تان ويو ٿي اغوا نينگر جي ڳالهه ڪر.
هڪ هڪ ڪري اسانجي سوڍن جا سروٺن،
ان معتبر اداري جي مخبر جي ڳالهه ڪر.
هر دؤر ۾ سلامي، جابر جا جي ٿين،
سنڌ جي غدار قاتل، ڪمتر جي ڳالهه ڪر.
جت موت جو آ منظر ۽ زندگي ڌڪا،
کارو ۽ ڳاڙهو ڪيٽي بندر جي ڳالهه ڪر.
ماکي ته ناهي ڇاڻيون، سوڀن کي سر کپن،
جو آجپي لئه وڙهندو، لشڪر جي ڳالهه ڪر.
هيءَ قوم پئي ستي آ، سمجهي نٿي اڃا،
ڪنهن ننڊ جو آ پڙهيو، منتر جي ڳالهه ڪر.
اي ’عبد سنڌي‘ هاڻي ڳالهيون ٻيون ڇڏي،
ٻولي سنڌي ۽ سنڌ جي ڪلچر جي ڳالهه ڪر.