پبلشر نوٽ
مرد ۽ عورت جي ازدواجي لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي ته عورت لاشعوري طور تي ئي سهي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي به شڪايت رهي آهي ته مرد گهڻو ڪري گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو.
هن صورتحال ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته خانداني اختلاف ۽ ڇڪتاڻ جي صورت دائمي طرح قائم رهي ٿي. انجو هڪ وڏو سبب زال مڙس جي ازدواجي زندگيءَ جي فرضن کان عدم واقفيت آهي ۽ ٻيو اهم سبب آهي، ٻنهي جي تعلق ۾ هڪ ٻئي مٿان خدائي ذميوارين جو عدم شعور آهي. جتي جتي اهو شعور مورئون ماٺو آهي اتي هڪ ٻئي کان وڌيڪ ويڳاڻپ آهي، ۽ جتي اهو شعور پختو ناهي اتي ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي جي لحاظ جا ڌنڌلا عڪس ته موجود آهن، پر تعلقات جي اها سرگرمي موجود ڪونهي جيڪا آدم ۽ حوا جي اولاد جو ورثو آهي.
خدائي ذميوارين جو اهو عدم شعور هينئر اسان جي سوسائٽيءَ جو روڳ بڻيل آهي. هڪ طرف پڙهيل ماڻهن ۾ ٿورڙين ٿورڙين ڳالهين تي رشتن ۾ ڏار پوڻ ۽ طلاق جي شرح ۾ اضافو آهي ته ٻئي طرف اڻ پڙهيل يا نالي ماتر پڙهيل طبقي ۾ ڪارو ڪاريءَ جي بهاني سان عورتن جو قتلام ڄڻ ته اسان جي قومي روايت جي حيثيت اختيار ڪندو پيو وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ اسان هيءُ مختصر ابتدائي ڪوشش ڪئي آهي. جو ايران جي نامور عالم ابراهيم امينيءَ جي ڪتاب ”خاندان جو اخلاق“ جو سنڌي ترجمو ڪرائي اوهان جي هٿن تائين رسايو آهي. اسان جي هن ڪوشش جو مقصد آهي ته مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ سندن ازدواجي رشتي جا اخلاقي قدر مستحڪم ٿين. اهڙي طرح اسان جي سماج ۾ ناسمجهي ۽ ناتجريبيڪاريءَ جي ڪري برباد ٿيندڙ زندگين کي بچايو وڃي.
هينئر سوسائٽي جي سڀني پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته شاديءَ کان پهريون ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هن مطالعي تي اتساهن. ياجن جوڙن زندگيءَ ۾ نئون قدم رکيو آهي، سي هن ڪتاب جو ابتدا ۾ مطالعو ڪري پنهنجون حالتون ۽ اخلاق سنوارڻ جي ڪو شش ڪن. يا جيڪي زال مڙس پنهنجون اڌ زندگيون گذاري چڪا آهن، اهي به هن ڪتاب جو مطالعو ڪري پنهنجي خاندن ۽ نئين نسل کي تباهيءَ کان بچائي وٺن.
ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترمه شبانه سولنگيءَ نهايت ئي ڪميٽمينٽ ۽ عرق ريزيءَ سان ڪيو آهي. ان لاءِ هن کيرون لهڻيون. شبانه سولنگي مختصر عرصي ۾ گهڻن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪري موجوده سنڌي ادب جي کيتر ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ ائين ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي ادبي سٿ ۾ اهم مقام حاصل ڪري ورتو اٿائين. اسان کانئس اميد ٿا رکون ته هوءَ ترجمن وانگر طبعزاد لکڻين ۾ به ساڳيءَ طرح پنهنجو ڌاڪو ڄمائي وٺندي.
نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي