خوش اخلاق ٿيڻ گهرجي:
هي دنيا پنهنجي مقرر رستي تي هڪ نظام هيٺ گردش ڪري رهي آهي ۽ ان ئي ترتيب سان هن دنيا ۾ هڪٻئي پويان حادثا ٿيندا رهن ٿا.هيڏي وڏي ڪائنات ۾ اسان جو وجود هڪ ننڍڙي ذرڙي وانگر آهي جيڪو سدائين ٻين ذرڙن سان گڏ چر پر ۾ آهي. هن ڪائنات جو نظام اسان جي هٿ ۾ ناهي ۽ دنيا جا حادثا اسان جي مرضيءَ پٽاندڙ ڪونه ٿينداآهن. صبح جو گهران نڪرندا آهيو ۽ شام جو موٽنداآهيو. ان وچ ۾ اوهان کي الائي ڇا ڇا ڀوڳڻو پوندو هوندو. زندگيءَ جي ميدان ۾ رزق جي لاءِ هڻ هڻان ۾ اوهان کي اڻ ڳڻيون مشڪلاتون ڏسڻيون پونديون هونديون. مثال طور: توهان بس يا ٽيڪسيءَ جي انتظار ۾ بيٺا هجو ته ڪو اوهان کي ڌڪو ڏئي ٿو وڃي، ڪنهن توهان کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ گلا ڪئي ۽ آفيس ۾ پنهنجي باس ۽ هيٺين جا اعتراض ٻڌڻا پوندا آهن. مطلب ته اهڙي قسم جا سوين حادثا هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ پيش ايندا رهندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهن اڻ وڻندڙ حالتن جي ڪري اوهان تپي باهه ٿي وڃو ۽ نيٺ ٻرندڙ جبل وانگر ڌڌڪو ڪري ڦاٽي پئو. پاڻ ڏاڍن سان ته ڪونه ٿا پُڄي سگهو پر جڏهن گهر ٿا اچو ته اها ڪسر وري بي گناهه زال ۽ ٻارڙن مان ٿا ڪڍو.
گهر ۾ ايندا آهيو ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ عزرائيل گهر ۾ ڪاهي پيو هجي. اصل سڀني جو ساهه سُڪي ويندو آ هي. ٻارڙا ويچارا خوف وچان ڪوئن وانگر پُڇ لڪائي هيڏي هوڏي پاسيرا ٿي وينداآهن. شل نه صاحب کي ڪو بهانو هٿ اچي، پوءِ ته اصل باهه ٻري ويندي. جيڪڏهن کاڌي ۾ لوڻ گهٽ وڌ ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن ٻار گوڙ ڪيو يا وري جيڪڏهن زال جي واتان ڪو گُٿو لفظ نڪتو ته پوءِ گهر ۾ قيامت اچي ويندي ۽ صاحب، ايٽم بم وانگر ڦاٽي پوندو. ڪنهن کي دڙڪا ڏيندو، ڪنهن کي گارين جا ڌُوڙيا لائي ڏيندو ته ڪنهن کي وري ٻه-ٽي ٿڦان وهائي ڪڍندو. اهڙيءَ طرح گهر جو وڻندڙ ۽ سڪون ڏيندڙ ماحول، جنهن ۾ هو آرام ڪرڻ لاءِ آفيس کان موٽيو هو، ڏسندي ئي ڏسندي دوزخ بنجي ويندو آهي جنهن ۾ هو نه رڳو پاڻ پر سڀني گهر ڀاتين کي پن ساڙي ڇڏيندو آهي. ان ڏهڪاءَ ۽ خوف واري ماحول کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار ويچارا گهر ڇڏي اچي گهٽين ۾ رُلندا وتندا آهن ۽ دعا گهرندا آهن ته شال اهو دوزخ جو داروغو گهر مان جلد نڪري وڃي ته جيئن اهي موٽي اچي ڪو آرام ڪن.
اهڙي ماحول ۾ جتي جهيڙو هلندو هجي، ڪنهن کي به سڪون ڪونه ملندو آهي. اهڙن ڪٽنبن جي حالت سدائين خراب پئي رهندي آهي. زال، مڙس جي اڍنگي رورتاءَ مان تنگ ٿي ويندي آهي. ڀلا اهڙي عورت جنهن جي سدائين مڙس پاران بيعزتي ٿيندي رهي، ويچاري ڪيئن خوش رهي سگهي ٿي؟ ۽ کانئس وري مڙس ۽ ٻارڙن جي پر گهرو لهڻ ۽ گهر ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟
اڃا به وڌيڪ خراب حالت ته ويچارن انهن ابهم ٻارڙن جي ٿيندي آهي جيڪي اهڙي بدنصيب ماحول ۾ پلجندا آهن. ماءُ پيءُ جي روز جي جهيڙن جهٽن ڪري سندن ڪچڙي دماغ ۽ حساس روح تي ڏاڍو خراب اثر پوندو آهي. نتيجو اهو وڃي نڪرندو آهي جو وڏا ٿيڻ کان پوءِ اهي به چيڙاڪ، جهيڙاگر، ساڙيلا ۽ بداخلاق ٿي پونداآهن ۽ سندن چهرا سدائين ڪومايل رهندا آهن. جيئن ته گهر جي ماحول ۽ زندگيءَ ۾ کين ڪا دلچسپي نه هوندي آهي، تنهن ڪري اهي هيڏي هوڏي ڀٽڪندا ۽ رُلندا پنندا وتندا آهن. ڪي ٻار ۽ نوجوان ته، انهن ڏوهارين جي هٿ چڙهي ويندا آهن جيڪي اهڙي قسم جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ڀٽڪائڻ جا وَجَهه پيا ڳوليندا آهن. ۽ کين پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي سندن ٻئي جهان خراب ڪري ڇڏيندا آهن. گهر جي ايذائيندڙ ماحول ڪري ڪي ٻار ۽ نوجوان وري وڏن ڏوهن جهڙوڪ: قتل ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ کان به نه مڙندا آهن. ان ڳالهه جي تصديق اوهان ڏوهاري ٻارن جا فائيل ڏسي ڪري سگهو ٿا. اهڙي قسم جي ٻارن جي باري ۾ خبرون ۽ انگ اکر اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپبا رهنداآهن. اهڙن اڻ وڻندڙ حادثن جا ذميدار رڳو ڪٽنب جا سرپرست هونداآهن، جن کي ڪنٽرول ناهي هوندو ۽ اهڙيءَ طرح گهر ۾ اڻ وڻندڙ ماحول پيدا ڪري ٻارڙن کي گهر ۽ ماءُ پيءُ کان بيزار ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ٻارن سان جُٺيون ڪندا آهن ۽ سندن آئندو تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، تن کي هن دنيا ۾ ڪوبه سڪون ناهي ملندو ۽ نه ئي وري سندن آخرت ڪا چڱي ٿيندي.
پيارا ڀاءُ! دنيا جو نظام اسان جي هٿ وَس ناهي. رڪاوٽون، مشڪلاتون، مصيبتون، ڏک ڏاکڙا، پريشانيون ۽ مونجهارا هن دنيا جو اڻ ٽٽ جزو آهن. هر ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ اهي سڀ مسئلا ڏسڻا پوندا آهن، تنهن ڪري ساڻن مُنهن ڏيڻ لاءِ سدائين تيار رهن گهرجي. انسان جي ڪردار جي پرک اهڙن ئي موقعن تي ٿيندي آهي. جيڪي به مسئلا پيش اچن تن کي ڳلو ڦاڙڻ کانسواءِ مڙسيءَ سان مُنهن ڏجي. انسان کي قدرت، مسئلن سان منهن ڏيڻ جي شڪتي ڏني آهي، تنهن ڪري ان شڪتيءَ کي ڪتب آڻيندي هر رڪاوٽ کي هٽائجي.
اصل ۾ پريشانين جو بنيادي ڪارڻ اڻ وڻندڙ حادثا نه هوندا آهن پر اها اسان جي ذهني ڏٻرائپ هوندي آهي جيڪا ٿوري ٿَڪي ڳالهه جو وڏو اثر وٺي اسان کي مونجهارن ۽ پريشانين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن اسان پيش آيل حالتن جي آڏو سينو تاڻي بيهون ۽ پنهنجي ذهن کي ڪنٽرول ۾ رکون ته پوءِ هر مسئلو اک ڇنڀ ۾ حال ٿي سگهي ٿو.
اسان کي زندگيءَ ۾ جيڪي اڻ وڻندڙ حالتون ۽ واقعا پيش ايندا آهن سي ٻن قسمن جا ٿينداآهن. هڪ اهي جيڪي هن دنيا جو نه ڇڄندڙ جزو آهن ۽جن کان بچڻ لاءِ ڪو به حيلو ڪونه هلي سگهندو آهي. ٻيا وري اهي حادثا آهن جن کي اسان پنهنجي ڪوشش سان ٽاري سگهون ٿا.
جيڪڏهن حادثن جو تعلق پهرين قسم سان آهي ته پوءِ روئڻ پٽڻ، ڪاوڙ ڪرڻ ۽ چڙڻ مان ڪجهه ڪين ورندو، ڇو جو ان ڏس ۾ ڪا به شيءِ اسان جي وس ۾ ناهي. اسان کڻي ننهن چوٽيءَ جا زور ڇو نه ڏيون پر پوءِ به انهن شين جو ٿيڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي. تنهن ڪري اسان کي انهن شين لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن مسئلن ۽ حادثن جو لاڳاپو ٻئي قسم سان آهي ته پوءِ ڪوشش، حيلن وسيلن ۽ بردباريءَ سان انهن کي حل ڪرڻ سڻائو آهي. جيڪڏهن اسان مسئلن سان همت سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکنداسين، پنهنجي دل ۽ ذهن کي ڪنٽرول ۾ رکنداسين ۽ سمجهه ۽ هوشياريءَ کان ڪم وٺنداسين ته پوءِ اهي مسئلا سولائيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ ڪاوڙ ۽ بداخلاقي ڪرڻ سان نه رڳو اهو ته مسئلا حل نه ٿي سگهندا پر ويتر به انهن ۾ واڌارو ٿي ويندو تنهن ڪري هڪ سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي هوش حواس ۽ ذهن کي سدائين ڪنٽرول ۾ رکي ۽ زماني جي حادثن ۽زندگيء جي لاهن چاڙهن کان ڊڄي آپي کان ٻاهر نه نڪري وڃي.
انسان هڪ سگهاري ۽ بااختيار مخلوق آهي جيڪو پنهنجي ڪوشش ۽ بردباريءَ سان هر مشڪل کي آسان ڪر ي سگهي ٿو. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي ته ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ زماني جي ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان ڊڄي ماڻهو همت هاري ويهي، روئڻ پٽڻ شروع ڪري ۽ پاڻ کان هيڻن تي ڪاوڙ لاهي؟
ٻيو ته زماني جي گردش ۽ ماڻهن جو اڻ وڻندڙ ورتاءُ توهان کي پريشان ڪندوآهي، ان ۾ توهان جي زال ۽ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه؟ توهان جي زال ويچاري صبح کان شام تائين گهرجي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رهندي آهي. رڌپچاءُ ڪرڻ، ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ ۽ ٻارڙن سان مُنهن ڏيڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ايڏي ٿڪائيندڙ ڪم کان پوءِ هوءَ شام جو ان اميد سان اوهان جي اوسيئڙي ۾ رهندي آهي ته اوهان گهر اچي پنهنجي خوش اخلاقيء ۽ محبت سان دل کي خوش ڪري سڄي ڏينهن جو ٿڪُ لاهي ڇڏيندا.
توهان جا ٻارڙا به صبح کان منجهند تائين اسڪول ۾ پڙهڻ ۽ وري منجهند کان شام تائين اسڪول جو ڪم ڪري ٿڪجي پوندا آهن، تنهن ڪري جڏهن گهر موٽندا آهيون ته اهي توهان مان اها اميد رکنداآهن ته توهان مٺين مٺين ڳالهين، محبت ۽ شفقت وسيلي سندس ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيندا. هونئن به اها حقيقت آهي ته پيءُ جو پيار ۽ ٻاجهه وارو ورتاءُ ٻارڙي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيندو آهي ۽ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ لاءِ منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪندو آهي.
توهان جي زال ۽ ٻار دل ۾ سوين اميدون سانڍيون توهان جي اوسيئڙي ۾ ويهندا آهن. تنهن ڪري ڇا اها ڳالهه اوهان کي سونهين ٿي ته اوهان ڪاوڙ ۾ مُنهن بڇڙو ڪري گهر ۾ داخل ٿيو؟ اهي سڀ اوهان مان اها اميد رکنداآهن ته توهان گهر اچي کين پيار ڪندا، پنهنجي خوش اخلاقي ۽ ٻهڪندڙ چهري سان گهر جي ماحول کي رونق بخشيندا ۽ پنهنجي پيارين پيارين ڳالهين وسيلي سندن ٿڪل دماغ کي سڪون پهچائيندا، نه ڪي اهو ته اوهان گهر اچي باهه ٻاري ڇڏيندا ۽کين دڙڪا داٻ ڏئي ويتر به سندن ذهن کي ٿڪائي ڇڏيندا.
ڇا توهان کي خبر آهي ته اڻ وڻندڙ جملن، جهڻڪن ۽ ڇڙٻن سان سندن معصوم روح ۽ جسم تي ڪيڏو اثر پوندو آهي؟ انهن اثرن جا نتيجا ٻار سان گڏ اڳتي هلي توهان کي ڀوڳڻا پوندا. جيڪڏهن توهان کي مٿن ڪو رحم نه ٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ تي ته ڪو ترس ڪيو. توهان جيڪڏهن پاڻ تي ڪنٽرول نه ٿا ڪيو ۽ ٿورين ٿورين ڳالهين تي تپي باهه ٿي ٿا وڃو ته پوءِ ڇا توهان جو ذهن صحيح سلامت رهي سگهندو؟ اهڙي صورتحال ۾ توهان روز جا ڪم ڪار ڪيئن ڪري سگهندا ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽ پريشانين کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا؟ توهان پنهنجي ۽ پنهنجي زال ٻارڙن جي اجهي کي هروڀرو دوزخ بنائڻ لاءِ ڇو سندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ ياد رکو ته جيڪي به خراب نتيجا نڪرندا آهن تن جا ذميدار رڳو توهان ئي هوندؤ!
ڇا اهو سٺو ناهي تي اوهان سدائين خوش باش رهو ۽ ڪوبه مسئلو پيش اچي ته ان کي همت، سياڻپ ۽ دلجاءِ سان منهن ڏيو؟ توهان سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري ٿڪا ٽٽا گهر سڪون وٺڻ لاءِ ايندا آهيو، تنهن ڪري ڪاوڙ ۽ بداخلاقي ڪرڻ سان اوهان جو اهو سڪون تباهه ٿي سگهي ٿو. نه رڳو اهو پر اوهان جو ذهن ۽ جسم ويتر به ٿڪجي پوندو ۽ پوءِ اوهان جي طبيعت هلڪي ڪونه رهندي. توهان لاءِ سٺو ان ۾ آهي ته گهر اچي ڪجهه دير آرام ڪيو ۽ پوءِ وري اطمينان سان ٻارڙن ۽ گهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
ڪم ڪار کان ته سمورن مسئلن ۽ پريشانين کي دماغ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ مسڪرائيندا گهر ۾ داخل ٿيو، گهر ڀاتين سان ڀليون ڀليون ڳالهيون ڪريو، کين کلايو، دلجاءِ سان ماني کائو ۽ هر ڳالهه کان ذهن آجو ڪري وڃي آرام سان سمهي پئو. جيڪڏهن اوهان ان طريقي تي عمل ڪيو ته پوءِ اوهان جي زندگي ڏاڍي سٺي گذرندي ۽ اهڙي طرح اوهان گهر جي ماحول کي پڻ سڪون وارو بنائي سگهندا. ان جو سٺو نتيجو اهو نڪرندو جو اوهان جي زال ۽ ٻارڙا ڏاڍو خوش رهندا ۽ هر ڪم شوق سان ڪندا. ۽ اوهان به سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجا ڪم ڪار ڪري سگهندا.
اهو ئي سبب آهي جواسان جي دين اسلام ۾ سٺي اخلاق کي ديانت جو مکيه جزو ۽ ايمان جي نشاني ٻڌايو ويو آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”ايمان جي لحاظ کان سٺي اخلاق وارا ماڻهو ئي ڪامل انسان هوندا آهن. توهان مان سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب سان ڀلائي ڪري.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”سٺي اخلاق کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل ڪونهي.“
امام جعفر صادق عه فرمائي ٿو ته، ”نيڪي ڪرڻ ۽ وڻندڙ طبيعت جي ڪري گهر آباد رهندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي عمر وڏي ٿيندي آهي.“
امام جعفر صادق عه جو اهو قول به آهي ته، ”بداخلاق ماڻهو پاڻ کي سدائين عذاب ۾ رکندو آهي.“
حڪيم لقمان جو چوڻ آهي ته، ”سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي گهر ۾ ٻارڙن وانگر رهي ۽ پنهنجي مڙسي گهر کان ٻاهر ڏيکاري.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”خوش اخلاقيءَ کان وڌيڪ ڪوبه عيش ڪونهي.“
پاڻ ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”سٺو اخلاق اڌ دين آهي.“
پاڻ سڳورن ﷺ جو هڪ وڏو صحابي سعد بن معاذ، جنهن جو پاڻ ﷺ جن ڏاڍو احترام ڪندا هئا، جڏهن گذاري ويو ته حضور ﷺ جن ميڙ سان گڏ پيرين اگهاڙي وڃي جنازي ۾ شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي سڳورن هٿن سان سندس جنازو قبر ۾ لاهي مٿان قبر جي مٽيءَ کي سنوٽ ۾ آندائون. سعد جي ماءُ، جنهن حضور ﷺ جي اهڙي احترام کي پريان بيٺي ڏٺو، تنهن وڏي واڪي چيو، ”سعد! توکي مبارڪ هجي جو تون بهشت ۾ پهچي وئين!“
پاڻ ﷺ جن فرمايو، ”سعد جي امڙ! ايئن نه چئو ڇو جو سعد کي قبر ۾ ڏاڍي سختي ٿي رهي آهي. ”ماڻهن ان جو ڪارڻ پڇيو ته پاڻ ﷺ جن ٻڌايو ته، ”ان جو سبب اهو آهي جو هو پنهنجي گهر ڀاتين سان بداخلاقيءَ سان پيش ايندو هو.“