هاڻي ڪجهه ڳالهيون ڀينرن کي چئبيون:
ڀيڻ! تنهنجي مڙس جي خيانت جو مسئلو ٻين مڙني موضوعن وانگر ثبوت ۽ دليل جو گهرجائو آهي. سندس خيانت جيستائين ثابت نه ٿئي تيستائين شرعي ۽ اصولي طور تي کيس الزام ڏيڻ جو توکي ڪو به حق ڪونهي. ڇا اهو صحيح آهي ته رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن بي گناهه تي الزام هنيو وڃي؟ جيڪڏهن دليل ۽ ثبوت کانسواءِ ڪو توتي الزام هڻي ته تون ناراض نه ٿيندينءَ؟ ڇا هڪ يا ڪجهه بدنيت ۽ بي عقل ماڻهو خيانت جهڙي مکيه موضوع کي ثابت ڪري سگهن ٿا؟
الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته، ”اي ايمان وارو! ڪيترن ئي شڪن کان پرهيز ڪريو ڇو جو ڪجهه شڪ گناهه هونداآهن.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن مومن مرد يا مومن عورت تي الزام هڻندو، تنهن کي الله پاڪ قيامت جي ڏينهن باهه ۾ وجهندو ته جيئن کيس پنهنجي عمل جي سزا ملي.“
ڀيڻ! اياڻپ، اٻهرائي ۽ اجاين خيالن کان پنهنجو دامن بچاءِ، صبر ڪندڙ ۽ سمجهدار ٿيءُ ۽ جڏهن تون ڪاوڙ ۾ نه هجين ته پوءِ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ٿڌي دل سان مڙس جي خيانت بابت سببن ۽ شاهدين تي ويهي ويچار ڪر ۽ پوءِ هڪ انصاف پسند قاضيءَ وانگر ڏس ته ڏوهه ڪنهن جو آهي. رڳو اجاين خيالن دليلن ۽ شڪن جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگيءَ کي زهر نه بناءِ. ڪار ۾ روڳو ڪلپ يا ڪانٽي جي موجود هئڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
تنهنجي مڙس جي مائٽياڻين جهڙوڪ: ڀيڻ، ڀاڻيجي، ڀائٽيي، پڦي ۽ ماسي وغيره مان ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪار ۾ ويٺو هجي ۽ انهن مان ئي ڪنهن کان اها ڪلپ وسري وئي هجي.
ٿي سگهي ٿو ته اها ڪلپ تنهنجي ئي هجي ۽ لهڻ مهل يا ڪار جي ڌڏڪي ۾ اها سُرڪي سيٽ ٿي ڪري پئي هجي.
ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي مڙس جي ڪار ۾ سندس ڪنهن دوست زال سميت سفر ڪيو هجي.
ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن ڪنهن بيمار يا مصيبت جي ماريل عورت کي سندس گهر ڇڏي آيو هجي.
شايد ڪنهن دشمن ڄاڻي واڻي ڪلپ کي ڪار ۾ رکي ڇڏيو هجي ته جيئن توهان ۾ اڻبڻت پيدا ٿئي.
ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي سيڪريٽري يا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن عورت کي گاڏيءَ ۾ ويهاريو هجي ۽ اها ڪلپ ان جي ئي هجي.
۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي محبوبا کي ڪار ۾ويهار ي سير سپاٽي لاءِ وٺي ويو هجي. پر اهو رڳو هڪ شڪ جي بنياد تي هل هنگامو نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجو مڙس دير سان ٿو گهر اچي ته پوءِ ان جو اهو مطلب ٿوروئي آهي ته هو محبوبا کي گهمائڻ وٺي ويندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اوور ٽائيم ڪندو هجي، کيس ڪو ضروري ڪم ٿي پيو هجي، ڪنهن دوست، مائٽ يا آفيس جي ڪنهن ساٿيءَ جي گهر ڪنهن ڪم ڪار سان ويو هجي يا ڪنهن علمي يا ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هجي.
جيڪڏهن ڪا عورت تنهنجي مڙس جي واکاڻ ڪري ٿي ۽ کيس سهڻو نوجوان چئي ٿي ته پوءِ ان ۾ هن ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه آهي. خوش اخلاقيءَ کي خيانت جو دليل نه ٿو چئي سگهجي. ڇا اهو چڱو آهي ته بداخلاق ٿئي، سڀ ماڻهو کيس اڍنگو سمجهن ۽ بااخلاق ماڻهو کانئس ڪونهين پري ڀڄن؟ جيڪڏهن هو ڪنهن غريب رَن زال ۽ سندس يتيم ٻارن جي مدد ڪري ٿو ته اهو خيانت جو دليل نه ٿو ٿي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هو الله پاڪ جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو هجي.
جيڪڏهن تنهنجو مڙس پنهنجا ڪاغذ پَٽ ڌار الماريءَ يا پيتي ۾ رکندو هجي يا پنهنجا خط پڙهڻ جي توکي موڪل نه ڏيندو هجي ته پوءِ ان کي به خيانت نه ٿو چئي سگهجي. ڪيترائي مرد پنهنجن رازن کي ذاتي طور تي لڪل رکڻ چاهيندا آهن ۽ نه چاهيندا آهن ته ڪو سندن ذاتي معاملن کان سونهون هجي. ٿي سگهي ٿو ته سندن ڪم ئي اهڙو هجي جنهن ۾ ڪجهه شين کي ڳجهو رکڻ نهايت ضروري هجي يا هو سمجهندو هجي ته تون سندس رازن کي لڪائي نه سگهندينءَ.
خير... ڪو به ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن شڪ تي شبهي جو بنياد نه ٿو رکي سگهجي. ٻي ڳالهه اها ته جڏهن به توکي ڪو شڪ شبهو ٿئي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪدم ان جي باري ۾ مڙس سان ڳالهه ٻولهه ڪر. اها ڳالهه اعتراض جي صورت ۾ نه پر حقيقت ڄاڻڻ جي خيال کان ڪرڻ گهرجي. کانئس هيئن پڇ ته، ”فلاڻي جي باري ۾ مونکي ڪجهه وهم ٿي پيو آهي، تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي حقيقت ٻڌايو ته جيئن مون کي دلجاءِ ٿئي.“ پوءِ هو جڏهن توکي حقيقت ٻڌائي ته اها ڌيان سان ٻُڌ. جيڪڏهن تنهنجو شڪ ختم ٿي وڃي ته پوءِ چڱو پر جيڪڏهن تون سندس وضاحت کان مطمئن ناهين ته پوءِ پنهنجي ليکي ان جي کوجنا ڪر ته جيئن توکي حقيقت معلوم ٿي سگهي. جيڪڏهن کوجنا ڪندي توکي خبر پئجي وڃي ته تنهنجي مڙس توسان فلاڻي ڳالهه جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو هو يا حقيقت جي ابتڙ ٻڌايو هو ته پوءِ ان ڪوڙ کي خيانت نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هو بي گناهه هجي ۽ تنهنجي شڪ جي کيس خبر هجي، ان ڪري هن ڄاڻي واڻي حقيقت جي ابتڙ ڳالهه ٻڌائي هجي ته متان تنهنجي شڪ ۾ واڌارو ٿئي. چڱو ٿيندو ته تون ان ڏس ۾ وري به کانئس پڇي پڪ ڪر ۽ سندس ڪوڙ جو سبب معلوم ڪر. جيڪڏهن هن ڪوڙ ڳالهايو آهي ته پوءِ تون هن وانگر نه ٿيءَ ۽ کيس نرميءَ سان چئه ته آئندي ڪوڙ نه ڳالهائجو. جيڪڏهن توکي وضاحت گهرجي ۽ تنهنجو مڙس توکي تسليءَ جوڳو جواب نه ڏئي ته پوءِ ان ڳالهه کي سندس خيانت نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته اصل ڳالهه کانئس وسري وئي هجي يا تنهنجي بد گمانيءَ جي ڪري وائڙو ٿي ويو هجي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توکي ڳالهه ختم ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ وري توکي اهو مڃڻ گهرجي. تنهن هوندي به جيڪڏهن تنهنجو شڪ باقي هجي ته پوءِ ٻئي ڪنهن طريقي سان تکي کوجنا ڪرڻ گهرجي.
ٽئين ڳالهه اها ته پنهنجو شڪ سڀني کي نه ٻڌائڻ گهرجي ڇو جو انهن ۾ تنهنجو دشمن يا اهڙا ماڻهو به ٿي سگهن ٿا جيڪي توسان ساڙ ڪندا هجن، تنهن ڪري هو تنهنجي ڳالهه ٻڌي ان ۾ ڪجهه مرچ مصالحا به لڳائي سگهن ٿا ته جيئن تنهنجي زندگي اڻ وڻندڙ ٿي وڃي. گڏوگڏ پنهنجو شڪ بيوقوف ۽ ناتجربيڪار کي به نه ٻڌاءِ پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀينرن ڀائرن ۽ مٽن مائٽن سان به اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. پو ءِ به جيڪڏهن ضروري هجي ته ان ڪم لاءِ پنهنجي ڪنهن ساهيڙي سان صلاح ثواب ڪر.
چوٿين ڳالهه اها ته جيڪڏهن شاهدين ۽ دليلن وسيلي تنهنجي مڙس جي خيانت ثابت نه ٿي سگهي ۽ تنهنجا مائٽ به ان تصديق ڪن پر تنهن هوندي ته تنهنجو شڪ ختم نه ٿئي ته پوءِ پڪ سان تون نفسياتي مريض آهين. تنهن ڪري ضروري آهي ته تون ڪنهن سٺي ۽ تجربيڪار نفسياتي ڊاڪٽر (سائڪالاجسٽ) وٽ وڃي پنهنجو علاج ڪراءِ ۽ سندس هدايتن تي عمل ڪر.
پنجين ڳالهه اها ته تنهنجي مسئلي جو حل اهو ئي آهي جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. جهيڙي جهٽي، دانهن ڪُوڪن ۽ هُل هنگامي سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، ويتر به ائين ڪرڻ سان معاملو خراب ٿي ويندو آهي. چڱو ته ان ۾ آهي جو نه تون ڪورٽ ۾ وڃ، نه مڙس کا طلاق جي گهر ڪر ۽ نه کيس هروڀرو بدنام ڪر ڇو جو انهن ڳالهين مان ڪو چڱو نتيجو ڪونه نڪري سگهندو، پر اهڙي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته دشمني ۽ ضد وڌي وڃي ۽ مجبور ٿي ڪري تنهنجو مڙس توکي طلاق ڏئي ڇڏي. جيڪڏهن خدا نه ڪري ائين ٿيو ته پوءِ تنهنجي لاءِ ڏاڍو بُرو ٿيندو ۽ پوءِ تون سڄي ڄمار پڇتائيندي رهندينءَ.
اهڙي وقت ۾ صبر، سهپ ۽ سياڻپ کان ڪم وٺڻ گهرجي. اُٻهرائي ۾ ڪو خطرناڪ فيصلو بنهه نه ڪجي ۽ نه ئي آپگهات لاءِ ڀُلجي ڪري به سوچجي، ڇو جو اهڙو بڇڙو ڪم ڪري تون هيءَ دنيا ته وڃائيندينءَ پر آخرت ۾ پڻ توکي سدائين لاءِ دوزخ جو ٻارڻ بنجڻو پوندو. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي جو انسان هڪ معمولي ڳالهه جي ڪري جذباتي ٿي پنهنجو انت آڻي؟ ڇا اهو سٺو ناهي ته سياڻپ ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺندي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي؟
ڇهين ڳالهه اها ته جيڪڏهن تنهنجو شڪ ختم ناهي ٿيو ۽ توکي پڪ آهي ته تنهنجو مڙس ٻين عورتن تي نظر رکي ٿو ته پوءِ به ان ۾ ڏوهه تنهنجو ئي آهي ڇو جو ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته تو ۾ مڙس جي دل کٽڻ جي صلاحيت ئي ناهي. حقيقت ۾ تنهنجو مڙس جي دل تي ايڏو قبضو هجي جو ٻي ڪا به عورت ان قبضي کي ڇڏائڻ جي همت نه ڪري سگهي. خير... هاڻي به دير ناهي ٿي. ضد ۽ اياڻپ ڇڏ ۽ خوش اخلاقي، سٺي ورتاءَ ۽ محبت جو اظهار ڪري پنهنجي مڙس جي دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺ ته جيئن ٻي ڪا عورت نه ان ۾ اچي وڃي.