پنهنجي مڙس کي غلط واٽ تي نه هلڻ ڏجي:
مرد کي روزگار ۽ دفتري ڪمن ڪارين جي ڏس ۾ آزاديءَ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن ۽ لاڙن مطابق ڪوشش ڪري سگهي. جيڪڏهن مٿس ڪا پابندي هنئي ويندي ته هو پريشان ٿيندو ۽ سندس شخصيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. سياڻي ۽ سيبتي زال ڪڏهن به مڙس جي ڪمن ڪارين ۾ دخل ناهي ڏيندي ۽ نه ئي سندس مڙني ڪمن جي نگراني ڪندي آهي. ڇو جو کيس خبر هوندي آهي ته مرد جي آزادي کسڻ ۽ سندس ڪمن ڪارين ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ڪو سٺو نتيجو ڪونه نڪرندو يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته نتيجو ان جي ابتڙ ئي نڪري.
سياڻن ۽ تجربيڪار مردن جي سخت نگراني ڪرڻ جي ڪابه ضررورت ناهي جو اهي پاڻ بچڙن ڪمن جي نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهندا آهن، سوچ سمجهه کان سوا ءِ ڪو به قدم ناهن کڻندا ۽ نه ئي وري ڪنهن کان دوکو کائيندا آهن. هو مصلحتن کي سمجهندا آهن. اهي دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪري سگهندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ تي ويساهه هوندو اٿن. پر حقيقت ۾ سڀ مرد اهڙا ڪونه هونداآهن جيڪي اهڙن سادن ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندارهندا آهن. اصل ۾ انسان جي سرڪش فطرت، بُري سنگت ۽ گندو ماحول کيس ڀٽڪائي ڇڏيندا آهن ۽ ڀٽيڪل انسان جڏهن هوش ۾ ايندو آهي ۽ کيس احساس ٿيندو آهي ته هو فتني ۽ فساد جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي ته پوءِ سندس لاءِ ان ڄار مان آجو ٿيڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اسان کي پنهنجي آسپاس اهڙا ڪيترائي اٻوجهه انسان ملندا جيڪي ويچارا بنا ڪنهن ارادي جي مفت ۾ مصيبتن ۽ مسئلن جي ور چڙهي ويندا آهن. اڻ ڄاڻائي، ناتجربيڪاري ۽ نتيجي تي نه سوچڻ ڪري ئي اهي مصيبتن جو شڪار ٿينداآهن، باقي ڄاڻي واڻي ته ڪو مسئلن کي دعوت ڪونه ڏيندو آهي.
هيءَ ئي اها مهل هوندي آهي جڏهن اهڙي قسم جي مردن جي سار سنڀال لهڻ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن ڪو خيرخواهه ۽ هوشيار ماڻهو سندن ڪمن تي نظر رکندو ۽ سندن نگراني ڪندو ته پوءِ ان جا هاڪاري نتيجا نڪري سگهندا.
ان وڏي ذميواري کي سهڻي نموني سان رڳو زال ئي نڀائي سگهي ٿي. هڪ سياڻي ۽ وفادار عورت پنهنجي ڏاهپ ڀري هلت وسيلي پنهنجي مڙس کي سنئين دڳ لائي سگهي ٿي. پر اها ڳالهه ذهن ۾ هجي ته پنهنجي مڙس جي ڪمن ڪارين ۾ سڌي سنئين مداخلت ڪرڻ يا مٿس ٽوڪ ٺٺول ڪرڻ سٺو نه ٿيندو. ڇو جو مرد ڪڏهن به ٻئي جي يا توڙي زال جي ڪنٽرول ۾ رهڻ پسند ناهي ڪندو. تنهنڪري جيڪڏهن سندس سخت نگراني ڪئي ويندي ته پوءِ چڱي نتيجي جي اميد نه ڪري سگهبي. ان ڏس ۾ هوشيارپ ۽ سياڻپ کان ڪم وٺجي ۽ زال کي پري کان ئي مڙس جي نگراني ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙن ماڻهن سان اٿي ويهي ٿو ۽ ڪيڏانهن اچي وڃي ٿو.
جيڪڏهن مڙس معمول جي ابتڙ دير سان گهر اچي ته پوءِ ٻه ٽي ڀيرا ان ڳالهه تي ڪو ڌيان ئي نه ڏجي ڇو جو اڪثر ڪري ڪي اهڙا تڪڙا ڪم ٿي پونداآهن جن کي پورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي. پر جيڪڏهن مڙس ڏهاڙي دير سان ايندو هجي ته پوءِ سندس کوجنا ڪجي. کوجنا ڪرڻ ڪو سولو ڪم ٿوروئي آهي. ان لاءِ صبر، هوشيارپ ۽ سهپ جي ضرورت هوندي آهي،. ڪاوڙ، سختي ۽ اعتراض ڪرڻ کان پاسو ڪجي ۽ نرمي ۽ محبت مان پڇڻ گهرجي ته، ”توهان روزانو دير سان گهر ڇو ٿا اچو؟ ڪيڏانهن ويندا آهيو؟ وغيره“
ڌار ڌار موقعن تي سياڻپ ۽ صبر کان ڪم وٺندي ان ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته جيئن حقيقت جي خبر پئجي سگهي. جيڪڏهن هو اوور ٽائيم ڪري ٿو يا وري آفيس جي ڪمن ڪارين گهڻي هجڻ ڪري دير سان گهر اچي ٿو يا ديني، اخلاقي، مذهبي ۽ ادبي ڪچهرين ۽ پروگرامن ۾ وڃي ٿو ته پوءِ اعتراض بنهه نه ڪجي. ويتر خوش ٿيڻ گهرجي ۽کيس ڇڏي ڏجي ته جيئن هو آزاديءَ سان انهن سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي.
ڀيڻ! جيڪڏهن توکي خبر پئي ته هو نون ماڻهن سان گهڻو گهرو ٿي رهيو آهي ته پوءِ توکي ان باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي ماڻهو شريف ۽ خوش اخلاق آهن ته پوءِ توکي خوش ٿيڻ گهرجي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو هن تنهنجي مڙس کي سٺن ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ جي توفيق ڏني آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ کي سٺن دوستن جي گُهرج پوندي آهي. سٺا دوست هڪ وڏي نعمت هوندا آهن.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن هو خراب ماڻهن سان لاڳاپا رکي رهيو آهي ته پوءِ تون لاپرواهي نه ڪر. جيڪڏهن ان موقعي تي ٿورڙيءَ به بي احتياطيءَ کان ڪم ورتو ويو ته ممڪن آهي ته زندگي جي ڪئي ڪمائي لڙهي وڃي، اهڙي موقعي تي عورت کي بردبار ۽ سياڻو ٿيڻ گهرجي. دانهن، ڪوڪن ۽ ويڙهه جهيڙ سان اهو مسئلو حل نه ٿي سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ توکي ٻه فرض پورا ڪرڻا پوندا.
پهريون اهو ته گهرو زندگيءَ ۾ پنهنجي اخلاق ۽ عادتن ۽ پنهنجي گهر جي عام حالتن جو جائزو وٺ ۽ اهو پڻ ڏس ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري تنهنجو مڙس گهر کان بيزار ٿيو آهي. هڪ انصاف پسند جج وانگر توکي ان مسئلي جو سبب ڳولهڻ گهرجي. ان کان پوءِ وري انهن سبب کي هٽائيڻ جي ڪوشش ڪر. ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو مڙس تنهنجي اعتراضن بداخلاقي ۽ ويڙهاند ڪري گهر مان تنگ ٿيو هجي يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته تون ساڻس محبت جو اظهار نه ڪندي هجين، پسند جو کاڌو نه ٺاهيندي هجين ۽ سندس خيال نه رکندي هجين.
اهڙي قسم جون خاميون مرد کي گهر ۽ پنهنجي زندگيءَ کا لاپرواهه ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ پنهنجا ذهني مونجهارا مٽائڻ لاءِ شراب ۽ جوا جو سهارو وٺندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ مرد کان پڇا ڳاڇا ڪري سگهجي ٿي ۽ کانئس ذهني مونجهارن جا ڪارڻ معلوم ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن زال پنهنجي خامين کي دور ڪندي ۽ گهر کي پنهنجي مڙس جي مرضيءَ پٽاندڙ هلائيندي ته پوءِ گهر جو ماحو ڀلو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح مرد گهر ۽ پنهجي زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪندو ۽ نيٺ مٿس زال جي خوش اخلاقيءَ ۽ مهربانيءَ جو سٺو اثر پوندو ۽ پوءِ هو هر هاڃيڪار ڪم کان سدائين لاءِ پاسو ڪري ڇڏيندو.
زال تي ٻيو فرض اهو آهي ته جيترو به ٿي سگهي پنهنجي مڙس سان پيار ۽ محبت جو اظهار ڪري، نصيحت ڪري ته نرميءَ سان ڪري ۽ سندس چال چلت جي نتيجن کان خبردار ڪري ته به نرمي سان. کيس اهو پڻ چئي ته، ”مان توهان کي ڏاڍو ڀائيندي آهيان ۽ مون کي توهان جهڙي مڙس تي ناز آهي. توهان ئي مون کي هر شيءِ کان وڌيڪ پيارا آهيو. مان توهان سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر مون کي ڏک رڳو ان ڳالهه جو آهي جو توهان جهڙو سٺو انسان خراب ماڻهن جي محفلن ۾ ڇو ٿو وڃي يا فلاڻي اڻ وڻندڙ عادت ۾ ڇو ڦاسي پيو آهي؟ اهڙي قسم جا ڪم توهان جهڙي سٺي ماڻهو کي ڪونه ٿا سونهن. مهرباني ڪري اهڙن ڪمن کان پري رهو.“
ٿي سگهي ٿو ته مرد جو اخلاق ۽ ڪردار سٺو نه هجي، ۽ انهن ڳالهين جو مٿس ڪو تڪڙو ۽ هاڪاري اثر نه ٿئي. پر زال ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه ٿيڻ گهرجي. صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ اٽل ارادي سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکڻ گهرجي.
الله پاڪ عورت کي اثرانداز ٿيڻ جي هڪ عجيب سگهه ڏني آهي. ان سگهه وسيلي هوءَ جيڪو ڪجهه چاهي ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پڪو ارادو ڪري ته مڙس کي هر حالت ۾ سڌي واٽ وٺائڻي آهي ته پوءِ هوءَ ائين ڪرڻ ۾ سوڀاري ٿي سگهي ٿي پر ان لاءِ صبر ۽ سياڻپ نهايت ضروري آهن.
بهرحال... جيترو ٿي سگهي جهيڙي جهٽي، ڪاوڙ ۽ سختيءَ کان بچجي. جيڪڏهن نرميءَ سان هلڻ جو ڪو چڱو نتيجو نڪري ته پوءِ سختي به ڪري سگهجي ٿي ۽ويڙهه جهيڙ کان پڻ ڪم وٺي سگهجي ٿو. پر پوءِ همدرديءَ ۽ اخلاق جو دامن هٿن مان نه ڇڏجي. جيڪڏهن ڪاوڙ ۽ سختي ڪجي ته ان ۾ به همدردي هجي، نه ڪي بدلي ۽ ساڙ جو جذبو.
مرد جي نگراني ۽ سار سنڀال عورت جو فرض آهي. جيئن ته اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، تنهن ڪري پيغمبر ﷺ جن ان کي جهاد ڪوٺيو آهي. پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪري.“