بيمار زالن جي پر گهور لهڻ:
زال ۽ مڙس کي سدائين هڪ ٻئي جي سهڪار ۽ محبت جي ضرورت پوندي آهي پر اها ضرورت ڪنهن وقت شديد ٿي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي بيماريءَ ۽ پريشانيءَ ۾ پهرين کان وڌيڪ ڌيان ۽ دلجاءِ جي ضرورت پوندي آهي. بيمار لاءِ جيتري قدر ڊاڪٽر ۽ دوائن جي گُهرج هوندي آهي، ايتري ئي کيس پرگهور لهڻ جي ضرورت هوندي آهي. دلجاءِ ڏيڻ ۽ سندس خيال رکن سان کيس سڪون ملندو آهي ۽ اهائي ڳالهه منجهس جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪندي آهي. زال به بيماريءَ مهل مڙس مان اها اميد رکندي آهي ته هو سندس علاج ڪرائي ۽ ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ پر گهور لهي. هوءَ سندس مهربانيءَ ۽ نوازش کي پيار ۽ خلوص جي نشاني سمجهندي آهي. هوءَ ويچاري ڏينهن رات هڪ نوڪرياڻيءَ وانگر گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي آهي ۽ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏسندي رهندي آهي، تنهن ڪري جڏهن بيمار ٿيندي آهي ته مڙس مان اها اميد رکندي آهي ته هو سندس علاج لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري ۽ سندس پر گهور لهي.
ڊاڪٽر جي في ۽ دوا جو خرچ زندگيءَ جي انهن ضرورتن ۾ شامل آهي جنهن جو هر حال ۾ بندوبست ڪرڻ مڙس تي واجب آهي.
ڇا عورت، جيڪا ڏينهن رات بنا ڪنهن لالچ جي گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي آهي، ان ڳالهه جي حقدار ناهي ته بيماريءَ ۾ مڙس سندس دوا دارون ڪرائڻ تي پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪري؟ ڪي مرد ان ڏس ۾ لاپرواهه هوندا آهن. سچ پچ ته اهڙا مرد جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل هوندا آهن تنهن ڪري پنهنجي زال تي کين ڪو قهقاءَ ڪونه ايندو آهي. جڏهن سندن زال خوش چڱيءَ ڀلي هوندي آهي ته پوءِ سندس وجود مان گهڻي کان گهڻو فائدو وٺندا آهن ۽ جڏهن ويچاري بيمار ٿيندي آهي ته پوءِ کيس ليکيندا ئي ڪونه آهن ۽ سندس علاج تي پئسا خرچ ڪرڻ کان پيا لنوائيندا رهندا آهن.
ڇا ان کي وافاداري جو نالو ڏيندؤ؟ ڇا اها ئي ”مڙسي“ آهي؟
هي واقعو پڙهو:
هڪ عورت پنهنجي مڙس جي شڪايت ڪندي چيو ته، ”مان ورهين کان ڏک سک ۾ پنهنجي مڙس سان ساٿ نڀايو آهي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪئي آهي. هاڻي جڏهن مان بيمار ٿي پئي آهيان ته مون کي گهر مان تڙي ڇڏيو اٿائين ۽ چوي ٿو ته مون کي بيمار زال نه گهرجي.“
مانوارا ڀاءُ! جيڪڏهن توهان ۾ انسانيت جو اکر آهي ۽ توهان کي پنهنجو گهر پيارو آهي ته پوءِ جڏهن به توهان جي زال بيمار ٿئي پئي ته توهان کيس سگهوئي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃو ۽ جيئن ڊاڪٽر چئي تيئن ڪيو. رڳو ڊاڪٽر ۽ دوائون ئي ڪافي ناهن پر اهڙي موقعي تي ٻاجهارن والدين وانگر توهان سندس پرگهور لهو. هوءَ پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏي اوهان وٽ آئي آهي ۽ ان اميد سان هن پنهنجو پاڻ توهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته توهان کيس ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ ڀائيندا. هوءَ توهان جي ساٿياڻي، توهان جي ٻارڙن جي ماءُ ۽ توهان جي ٻانهن ٻيلي آهي. تنهن ڪري بيماريءَ ۾ پهرين کان به وڌيڪ ساڻس محبت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريو ۽ کيس دلجاءِ ڏيندا رهو. ڊاڪٽر سندس لاءِ جيڪا به کاڌ خوراڪ ڏسي آهي تنهن جو هڪدم بندوبست ڪريو . جيڪڏهن ڪو خاص کاڌو يا ميوو کيس وڻندو هجي ۽ ان کان ڊاڪٽر نه جهليو هجي ته پوءَ اهو وٺي کارايوس . کاڌو ۽ دوا به پنهنجي هٿ سان ڏيو ڇو جو توهان جي اها ڳالهه کيس خوشي ۽ حوصلو ڏيندي . ان کان سواءِ ٻارڙن کي به چو ته اهي گوڙ گهمسان نه ڪن . پنهنجو بسترو سندس بستري ڀرسان رکو ۽ رات جو جاڳي سندس سنڀال لهندا رهو . رات جو جيڪڏهن جاڳي ته کانئس طبيعت جو پُڇو. جيڪڏهن تڪليف جي ڪري رات جو کيس ننڊ نه ايندي هجي ته پوءِ توهان به جاڳندا رهو. جيڪڏهن گهڻي اوجاڳي ڪري اوهان کي ننڊ ايندي هجي ته پوءِ گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ يا پنهنجي وڏي ٻارڙي کي سندس پرگهور لاءِ ويهاريو. ائين نه ٿئي ته توهان ته سڄي رات مزي سان سمهيا پيا هجو ۽ توهان جي زال تڪليف وگهي چنگهندي رهي.
جيڪڏهن اهڙي ڏکئي وقت ۾ توهان پنهنجي زال جي چڱيءَ ريت پر گهور لڌي ۽ هڪ محبت ڪندڙ مڙس جو فرض ادا ڪيو ته پوءِ اها ڳالهه منجهس حوصلو پيدا ڪندي ۽ گڏوگڏ کيس توهان جي محبت تي پورو پورو ويساهه ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح چڱيءَ ڀلي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ پهرين کان به وڌيڪ گهر تي ڌيان ڏيڻ لڳندي ۽ سندس دل ۾ توهان لاءِ محبت ۾ پڻ واڌارو ٿي ويندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ سٺو هجي. مان پنهنجي ڪٽنب وارن لاءِ سڀ کان سٺو آهيان!“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمائين ٿا ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن بيمار کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، پوءِ کڻي اهو پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿئي يانه، ته پوءِ اهو پنهنجي گناهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو جيئن ٻار، ماءُ جي پيٽان بي گناهه پيدا ٿيندو آهي.“ هڪ انصاريءَ کانئن پڇيو ته، اي الله جا رسول! جيڪڏهن بيمار، گهر جو ڀاتي هجي ته ڇا گهڻو ثواب نه ملندو؟“ فرمايائون ته، ”ها ها! ڇو نه!“