زال سان همدردي ڪجي:
جيئن مرد سدائين هڪ حال ۾ نه رهندا آهن تيئن عورتون به مختلف حالتن ۾ هونديون آهن. ڪڏهن پيون ٻهڪنديون آهن ته ڪڏهن وري اداس ۽ مايوس نظر اينديون آهن ۽ ڪڏهن ته وري ايڏي ڪاوڙ ۾ هونديون آهن جو کين ڪابه ڳالهه نه وڻندي آهي چڙپيون کائينديون آهن. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ: ٿي سگهي ٿو ته اهي گهرجي ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيون هجن، ٻارڙن جي گوڙ گهمسان کين تنگ ڪيو هجي، ڪنهن پاڙي واريءَ جي طعنن مهڻن کيس ڏکارو ڪيو هجي يا وري پاڙي وارن جي ٺٺ ٺانگر مٿن ذهن تي بار وڌو هجي. اهڙي قسم جون ڳالهيون سندن روح تي ناڪاري اثر وجهي کين بيحال ڪري ڇڏينديون آهن.
عورتون جيئن ته نازڪ احساس ۽ جذبا رکنديون آهن تنهن ڪري مردن جي ڀيٽ ۾ اڻ وڻندڙ حالتن جو مٿن وڌيڪ گهرو اثر ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهي هڪدم پنهنجو رد عمل ظاهر ڪري ويهنديون آهن. ننڍي کان ننڍي ڳالهه به کين ڪاوڙ ڏئي ڇڏيندي آهي. جيئن ته اهي حد کان وڌيڪ جذباتي هونديون آهن تنهن ڪري مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ جي منجهن ڪا به سگهه ڪونه هوندي آهي ۽ اهي هڪدم روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڏينديون آهن.
اهڙن موقعن تي کين ڪنهن جي تسليءَ ۽ همدرديءَ جي ضرورت پوندي آهي ۽ ان ڪم لاءِ مڙس کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي، ڇو جو مڙس ئي سندس زندگيءَ جو ساٿي ۽ غم ونڊيندڙ هوندو آهي. تنهن ڪري مڙس کي گهرجي ته هو اهڙي موقعي تي زال کي دلجاءِ ڏئي سندس ٿڪل ذهن کي سُڪون پهچائي.
پيارا ڀاءُ! جڏهن توهان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڏسو ته جيڪڏهن توهان جي زال ڪاوڙ ۾ آهي يا پريشان آهي ۽ سندس مُنهن لٿل آهي ته پوءِ توهان سندس حالت ڏسي مٿس رحم ڪريو. جيڪڏهن ناراضگيءَ يا پريشانيءَ ڪري هن توهان کي سلام نه ڪيو ته پوءِ توهان کڻي اڳ ۾ ئي سلام ڪيو. ائين ڪرڻ سان توهان جي عزت گهٽجي ٿوروئي ويندي. توهان ساڻس نرميءَ سان ڳالهايو ۽ پهرين کان به وڌيڪ پيا ر ۽ محبت جو اظهار ڪريو، ڪاوڙ ۽ چڙ نه ڏيکاريو، گهر جي ڪم ڪار ۾ سندس هٿ ونڊايو. ڌيان رهي ته توهان جي واتان ڪي اڻ وڻندڙ ۽ سخت لفظ نه نڪري وڃن، مٿس ٽوڪ ٺٺول ياچٿر نه ڪريو ۽ جيڪڏهن هوءَ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ ناهي ته پوءِ کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. کيس اهو نه چئو ته ”ڇا ٿيو ٿي؟ منهن سڄايون ويٺي آهين“ جيڪڏهن هوءَ پنهنجي دل جي ڳالهه توهان کي ٻڌائي ته اها ڌيان سان ٻڌو ۽کيس دل کولي ڳالهائڻ ڏيو ته جيئن سندس دل جو بار هلڪو ٿي وڃي.
پوءِ جڏهن هوءَ سامت ۾ اچي ته توهان هڪ مهربان سرپرست ۽ هڏ ڏوکي مڙس وانگر، سندس مونجهارا مٽائڻ جي ڪوشش ڪريو، کيس دلجا ءِ ڏيو ۽ صبر ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺڻ لا ءِ همت ٻڌرايو. نرم ۽ وڻندڙ لهجي ۾ دليلن ۽ ثابتين وسيلي زندگيءَ جي اڻ وڻندڙ حادثن کي عارضي ۽ معمولي ڪري ٻڌايو ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي هر ممڪن مدد جو واعدو ڪيو ته جيئن هوءَ مطمئن ٿي وڃي. جيڪڏهن توهان صبر، سهپ ۽ سياڻپ کان ڪم ورتو ته پوءِ جلد پريشانين مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح توهان جي زندگي پهرين کان به سٺي گذري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن توهان ان جي ابتڙ بداخلاقيءَ سان هلندا ته پوءِ ڳالهه جهيڙي جهٽي ۽ مارڪُٽ تائين پهچي سگهي ٿي ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو ته معاملو وڃي طلاق تي دنگ ڪري.