مڙس جي مائٽن سان ميٺ محبت سان رهجي:
زندگيءَ جو هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي جو زال پنهنجي مڙس جي مائٽن سان سٺو ورتاءُ ناهي ڪندي. زال جي پنهنجي مڙس جي ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن سان اڻبڻت پئي هلندي آهي ۽ سدائين منجهن ويڙهه جهيڙ هلندي رهندي آهي. هڪ پاسي زال ڪوشش ڪندي آهي ته پنهنجي مڙس کي ائين مُٺ ۾ بند ڪري رکي جو هو پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن تي ڪوبه ڌيان نه ڏئي سگهي. ۽ سندن وچ ۾ لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندي آهي. کين گهٽ وڌ به ڳالهائيندي آهي ۽ مڙس سان سندن اجايو شڪايتون ڪندي آهي ۽ جهيڙا جهٽا ڪندي. ٻئي پاسي وري سَسُ پاڻ کي پنهنجي پٽ ۽ نُنهن جو اڪيلو مالڪ سمجهندي آهي ۽ هر طرح ان ڳالهه جي ڪو شش ڪندي آهي ته پنهنجي پٽ کي پنهنجي چنبي ۾ رکي ته جيئن نئين آيل نُنهن سندس حقن تي ڌاڙو نه هڻي. ان مقصد لاءِ هوءَ پنهنجي نُنهن جي ڪمن مان عيب ڪڍڻ لڳندي آهي ۽ کيس بُرو ڀلو چوندي رهندي آهي. نيٺ ڳالهه وڃي جهيڙي جَهٽي تائين پهچندي آهي. جيڪڏهن اتفاق سان ٻئي هڪ ئي گهر ۾ هجن ته پوءِ ڄُنڊا پٽ روز جو معمول هوندو آهي. جيڪڏهن منجهائن ڪا به پوئتي ناهي هٽندي ته پوءِ معاملو مارڪٽ ۽ آپگهات تائين وڃي پهچندو آهي. سَسُ ۽ ننهن ته ڏينهن رات هڪ ڪيو بيٺيون هونديون آهن پر پريشانيون ۽ ڏک وري به ويچاري مرد جي پلئه پونداآهن.
جيڪڏهن سَسُ ۽ ننهن هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ اڳريون آهن ته پوءِ مرد لاءِ ڏچو وڌي ويندو آهي. هڪ پاسي سندس زال هوندي آهي جيڪا پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏي سوين اميدون ۽آسون کڻي ساهرين ايندي آهي ته جيئن هو ان گهر جي مالڪياڻي ٿي سگهي. کيس ضمير چُهنڊڙي پائيندو آهي ۽ هو سوچيندو آهي ته منهنجي پيءُ ماءُ سالن جا سال منهنجي لاءِ ڏک ڏاکڙا ڪاٽيا آهن، وڏيون اميدون رکي مون کي پرڻايو اٿئون ۽ هاڻي مون مان اها اميد ٿا رکن ته مان سندن پوڙهائپ جو سهارو بڻجان، اها ڳالهه به بنهه چڱي ناهي ته مان ساڻن لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيان ۽کين ڪاوڙائي ڇڏيان. ٻيو ته زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. پريشاني، دوستي دشمني، حادثا، موتي فوتي، مطلب ته ڪيترائي اهڙا موقعا ٿي سگهن ٿا جن ۾ ڪنهن ساٿي ۽ هڏ ڏوکيءَ جي گُهرج پوندي آهي. تنهنڪري هو سوچيندو آهي ته آئيءَ ويل جيڪي ڪم ايندا سي منهنجا پيءُ ماءُ ئي هوندا. سچ پچ ته هن هيڏي ساري دنيا ۾ اڪيلو هرگز نه ٿو رهي سگهجي. پنهنجا پيءُ ماءُ هڪ اجهو هونداآهن جن کان ڌار رهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
اهڙي منجهائيندڙ موقعي تي هڪ سمجهدار ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پريشانيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسندو آهي. پنهنجي زال جو پاسو وٺي ۽ پيءُ ماءُ کي ڇڏي ڏي يا ماءُ پيءُ جي مرضيءَ پٽاندڙ ڪم ڪري ۽ زال کي ناراض ڪري ڇڏي. اهي ڳالهيون کيس ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏينديون آهن پر عقلمند ڪيئن به ڪري ٻنهي کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو ڪم حقيقت ۾ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي پر جيڪڏهن زال سمجهدار ۽ عقلمند آهي ۽ ضد تان لهي ٿي ته پوءِ ڳالهه ٺهي ويندي. اهڙي موقعي تي مڙس پنهنجي زال جيڪا ساڻس سڀ کان گهڻو ويجهو هوندي آهي، مان اها اميد رکندو آهي ته هوءَ ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ساڻس سهڪار ڪري. جيڪڏهن نُنهن سس جي عزت ڪندي، ساڻس محبت ڪندي، گهر جي ڪمن ڪارين ۾ کانئس صلاح ثواب وٺندي ۽ ساڻس نباهڻ جي ڪوشش ڪندي ته پوءِ سس کان وڌيڪ سندس لاءِ ٻي ڪابه عورت پيار ڪندڙ ۽ مددگار نه ٿي ٿي سگهي.
ماڻهو پنهنجي سٺي اخلاق ۽ ميٺ محبت وسيلي سوين ماڻهن کي پنهنجو دوست ۽ ٻانهن ٻيلي بنائي سگهي ٿو. ته ڇا اها ڏک جي ڳالهه ناهي جو وڏائي، خود غرضي ۽ ضد جي ڪري انهن سڀني پيار ڪندڙن سان لڳ لاڳاپو ختم ڪيو وڃي. ڇا توکي ان ڳالهه جي ڪا ڳڻتي ناهي ته ڏکي وقت ۽ پريشانين ۾ ماڻهوءَ کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي وقت ۾ رڳو پنهنجا مٽ مائٽ ئي ڪم اچي سگهن ٿا. تنهن ڪري ڀلو ان ۾ آهي ته پنهنجن سان ميٺ محبت سان رهجي ته جيئن زندگي سولائيءَ سان گذري سگهي. ڇا اهو چڱو آهي ته ڌارين سان ته دوستي نڀائجي پر پنهنجن سان تعلق ٽوڙي ڇڏجي. تجربن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اوکيءَ ويل گهڻا دوست ساٿ ڇڏي ويندا آهن پر اهي ئي مٽ مائٽ، جن سان توهان لاڳاپا ختم ڪري چڪا هوندا آهيو، توهان جي مدد لاءِ ڀڄندا آهن ڇو جو اهي رت جا رشتا آهن جن کي سولائي سان ٽوڙي نه ٿو سگهجي. هڪ چوڻي آهي ته اوهان ضرور ٻڌي هوندي ته پنهنجا ماري ڇانوَ ۾ اڇلائين ٿا پر ڌاريا ماري اُس ۾ ڦٽو ڪن.
حضرت علي ؐ فرمايو آهي ته، ”ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن کان ڪڏهن به لاپرواهه نه ٿو رهي سگهي، توڙي کڻي کيس ڪيڏي به ڌن دولت ۽ اولاد ڇو نه هجي. مٽ مائٽ ئي (هٿ ۽ زبان سان) سندس مدد ڪندا آهن. پنهنجا مٽ مائٽ ئي سٺي نموني بچاءُ ڪري سگهن ٿا. مصيبت مهل اهي ئي مدد لاءِ ايندا آهن. جيڪو ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن مان هڪ هٿ پري ڪندو آهي سو اصل ۾ ڪيترن ئي هٿن کان وانجهيل رهجي ويندو آهي.“
ڀيڻ! پنهنجي مڙس جي راضپي لاءِ، پنهنجي سڪون ۽ آرام لاءِ ۽ پنهنجي مڙس جي محبت ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته تون سندس مٽن مائٽن سان سهڻو ورتاءُ ڪر. اجائي ضد، هٺ ۽ وڏائيءَ کان پري رهه، سياڻي ۽ سٻاجهي ٿيءُ، هروڀرو پنهنجي مڙس جي ڳڻتين ۾ واڌارو نه ڪر، صبر ۽ سهپ کان ڪم وٺ. ائين ڪندينءَ ته پوءِ خدا ۽ سندس ٻانهن اڳيان تنهنجي عزت ۽ رتبو وڌي ويندو.