مڙس جي ترقيءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿجي:
انسان پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت جي آڌار تي ترقي ڪندوآهي. ڪمال ۽ رتبي سان محبت ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾ پيٽيل آهي. انسان تڪميل لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. هر ماڻهو، هر هنڌ، هر حالت ۽ هر سن ۽ سال ۾ ترقيءَ جون منزلون ماڻي ڪامل بنجي سگهجي ٿو ۽ اهوئي سندس هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي موجود، حالت تي چپ ڪري ويهي نه رهڻ گهرجي. جيستائين هو جيئرو رهي تيستائين کيس ڪمال جي منزل ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. هر ماڻهو ترقيءَ جو خواهشمند هوندو آهي پر سڀ ماڻهو ان ڏس ۾ سوڀارا نه ٿي سگهندا آهن. ان واٽ تي هلڻ لاءِ وڏي همت، محنت ۽ ڪوشش جي ضرورت هوندي آهي. راهه کي سڌو ڪري ۽ رڪاوٽون هٽائي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مرد جي شخصيت وڏي حد تائين سندس زال جي خواهش سان واڳيل هوندي آهي. جيڪڏهن عورت چاهي ته پنهنجي مڙس سان سهڪار ڪري کيس ترقيءَ جي مٿانهين منزل تي پهچائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي ابتڙ، جيڪڏهن وڻيس ته سندس ترقيءَ جي واٽ ۾ وڏي رڪاوٽ بنجي سگهي ٿي.
ڀيڻ! پنهنجي هاڻوڪن امڪانن ۽ حالتن جي دائري ۾ رهندي پنهنجي مڙس جي شخصيت کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ کيس همٿاءِ. جيڪڏهن هو پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهيندو هجي يا ڪتابن وسيلي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ چاهيندو هجي ته پوءِ توکي مخالفت ڪرڻ بدران سندس واکاڻ ۽ حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. گڏو گڏ روزاني پرو گرامن کي ائين ٺاهه جيئن سندس ڪمن ۾ ڪو خلل نه پوي ۽ کيس سڪون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ته جيئن هو هر ڳڻتيءَ کان آزاد ٿي ترقي جا مرحلا طيءِ ڪندو رهي. جيڪڏهن هو پڙهيل لکيل ناهي ته کيس زور ڀر ته هو شام/ رات جي ڪلاسن ۾ پڙهڻ وڃي ۽ جيڪڏهن پڙهيل آهي ته کيس چئه ته پنهنجي مضمون ۾ اڃا به مهارت حاصل ڪر ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جو اڀياس ڪري پنهنجي فن ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪر. جيڪڏهن هو ڊاڪٽر آهي ته کيس زور ڀر ته هو روزانو ڪجهه وقت ميڊيڪل جي باري ۾ رسالن ۽ ڪتابن پڙهڻ لاءِ ڪڍي. جيڪڏهن هو استاد، جج، پروفيسر يا انجنيئر آهي ته کيس چؤ ته واندڪائيءَ مهل پنهنجي فن جي باري ۾ لکيل ڪتاب ۽ ٻيا علمي، اخلاقي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهي. مطلب ته تنهنجو مڙس جيڪو به هجي ۽ جيئن به هجي، توڙي کڻي مزدور يا دڪاندار هجي، ته تون کيس ترقيءَ پاڻ پتوڙڻ واسطي راضي ڪري سگهين ٿي.
ائين نه ٿئي جو جيڪا واٽ قدرت سندس لاءِ ٺاهي آهي تنهن تان ٿڙي وڃي ۽ ترقيءَ جي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي همت هاري ويهي. توکي پنهنجي مڙس ۾ علمي ۽ سائنسي کوجنا ۽ ڪتابن پڙهڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. ان ڳالهه جو پڻ خيال رکج ته ڪٿي تنهنجي مڙس جي شخصيت هڪ نقطي تي اچي نه بيهجي وڃي. جيڪڏهن کيس ڪتابن خريد ڪرڻ جو وقت ڪونهي ته پوءِ تون ساڻس صلاح ڪري ڪتاب خريد ڪري آڻي ڏئي سگهين ٿي. علمي، سائنسي، اخلاقي، تاريخي، مذهبي، ادبي، اقتصادي ۽ صحت جي اصولن بابت لکيل ڪتاب جيڪي سندس ذوق ۽ صلاحيت مطابق هجن، سي کيس پڙهائڻ گهرجن. تون پاڻ به اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهه. جيڪڏهن پڙهڻ دوران توکي ڪا سٺي ڳالهه نظر اچي ته پوءِ اها نوٽ ڪري مڙس کي به پڙهاءِ. ائين ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا ملي سگهن ٿا.
پهريون فائدو اهو ته جيڪڏهن ڳچ مدي تائين تون ان اصول تي پابند رهينءَ ته پوءِ تنهنجو مڙس هڪ قابل ۽ ڏاهو ماڻهو بنجي ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هو پاڻ کي مٿانهون محسوس ڪندو ۽ گڏوگڏ تون پڻ سندس شخصيت تي ناز ڪري سگهندينءَ. ان کان سواءِ هو پنهنجي فن يا ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري وٺندو، جنهن ڪري نه رڳو کيس ۽ توکي فائدو ملندو پر معاشرو پڻ سندس محنت مان لاڀ پرائيندو.
ٻيو فائدو اهو ٿيندو جو جڏهن ماڻهو پنهنجي پيدائش جي مقصد کي لبيڪ چوندي کوجنا ۽ مطالعي ۾ رُڌل رهندو ته ذهني ڪمزورين ۽ نفسياتي بيمارين جي ور نه چڙهي سگهندو.
ٽيون فائدو اهو ٿيندو جو جڏهن کيس ڪتابن پڙهڻ جي عادت پوندي ته پوءِ هو پنهنجو وقت هيڏي هوڏي وڃائڻ کان بچي پوندو، عياشيءَ جي اڏن ڏانهن نه ويندو ۽ موالين جي چنبي ۾ ڦاسڻ کان پڻ بچيل رهندو.