مختلف موضوع

زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

مرد ۽ عورت جي ازدواجي  لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي تہ عورت لاشعوري طور تي ئي سھي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي بہ شڪايت رهي آهي تہ مرد گهڻو ڪري  گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو. ھن ڪتاب ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن سان گڏ دلچسپ موضوع زير بحث رھيا آھن، جن ذريعي زال ۽ مڙس جي ازدواجي رشتي کي قائم رکي سگهجي ٿو.

Title Cover of book زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

مهمان نوازي:

مهمان نوازي:
مهمان نوازي به زندگيءَ جي ڪمن ڪارين منجهان هڪ آهي. مهمان نوازي هڪ تمام سٺي رسم آهي جنهن وسيلي دلين ۾ محبت پيدا ٿيندي آهي، نفرت ۽ ٻيائي ختم ٿيندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح لڳ لاڳاپا سگهارا ٿيندا آهن. هونئن به دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ ڪجهه وقت گڏجي ويهڻ هڪ سٺي تفريح سمجهي ويندي آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”مهمان جو رزق آسمان کان لهندو آهي. مهمان کي کاڌو کارائڻ سان ميزبان جا ڏوهه بخشيا وينداآهن.“
امام علي رضا رح فرمايو آهي ته، ”سخي ماڻهو ٻين جي کاڌي مان کائيندا آهن ته جيئن سندن کاڌي مان وري اهي به کائين پر ڪنجوس ٻين جي کاڌي مان نه کائيندا آهن ته متان اهي به سندن کاڌي مان کائين.“
زندگيءَ جي هن وٺ وٺان ۾ ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ کي آرام ۽ سڪون جي ضرورت هوندي آهي تنهن ڪري اهو سڪون ۽آرام حاصل ڪرڻ لاءِ کيس وفادار ۽ پيار ڪندڙ دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ويهڻ گهرجي. پنهنجو حال احوال ڏئي وٺي دل جو بار هلڪو ڪجي. وڻندڙ ڳالهه ٻولهه وسيلي ڪچهريءَ ۾ رونق پيدا ڪجي ۽ وقتي طور تي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ پريشانين کي وساري ڇڏجي، گهمجي ڦرجي، دل وندرائجي ۽ دوستيءَ جي ٻنڌڻن کي اڃا به سگهارو ڪجي.
مهمان نوازي ڏاڍي ڀلي شيءِ آهي ۽ شايدئي ڪو ان جي خوبين کان انڪار ڪري. پر ان ڏس ۾ ٻه مشڪلاتون آڏو اينديون آهن ۽ ماڻهو، جيترو ٿي سگهندو اٿن، انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪنداآهن.
پهرين مشڪل: زندگيءَ جي رنگا رنگيءَ ۽ هڪٻئي کان اڳتي نڪري وڃڻ جي لالچ زندگيءَ کي ڏاڍو ڏکيو بنائي ڇڏيو آهي. گهر جو ضروري سامان، جيڪو اڳي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۽ آرام ۽ سهولت لاءِ هوندو هيو، هاڻي پنهنجي حقيقي اهميت وڃائي رڳو ڏيکاءُ لاءِ وڃي رهيو آهي. ان ڳالهه مهمان نوازي ۽ دوستن جي اچ وڃ ۾ گهٽتائي پيدا ڪري ڇڏي آهي. اڄڪلهه گهٽ ماڻهو مهمانن جي اچڻ تي سرها ٿيندا آهن. ڪي وري مهمانن جي اچڻ کان ان ڪري لنوائينداآهن جو کين زندگيءَ جو معيار مٿانهون ڪرڻ جي ڳڻتي لڳل هوندي آهي ۽ اهي ڪونه چاهيندا آهن ته مهمانن تي پئسا ڏوڪڙ خرچ ڪيا وڃن.
ڀيڻ! ڇا تنهنجا مٽ مائٽ تنهنجي گهر جو ٺٺ ٺانگر ۽ سجاوٽ کي ڏسڻ ايندا آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ چڱو آهي ته دڪان، شوروم ۽ ميوزم ڏسڻ وڃن. ڇا تون ٺاهه ٺوهه جي شين جي گهر ۾ نمائش لڳائي آهي ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ کين گهر اچڻ جي نينڍ ڏيندي آهي؟ هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ان ڪري ٿيندو آهي ته جيئن سڪ ۽ محبت وڌي ۽ وندر ورونهن ٿئي. مهمان تنهنجي گهر کائڻ ۽ نظارا ڏسڻ ڪونه ايندا آهن. تنهنجو اهو ڏيکاءُ کين پسند ڪونهي. کين سادگي ئي وڻندي آهي، پر سندن اها همت ڪونهي جو ان ڏيکاءَ جهڙي ڪُڌي رسم کي ختم ڪري سگهن. جيڪڏهن تون سندن مهمان نوازي سادگيءَ سان ڪندينءَ ته اهي ڏاڍا خوش ٿيندا. تنهن ڪري چڱو آهي ته ڏيکاءُ ڇڏي سادگيءَ جي واٽ تي هلجي. سادگي ئي مڙني مسئلن جو حل آهي.
ٻي مشڪل: مهمان نوازي ڪو سولو ڪم ڪونهي پر عورتن جي ڏکين ڪمن مان هڪ آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مهمانن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ زال کي جَهٽ پَٽ بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. تڪڙ ۾ کاڌا مرضيءَ مطابق تيار نه ٿي سگهندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ پاسي ته مڙس ڪاوڙجي ويندو آهي ته مان هيڏا سارا ڏوڪڙ خرچ ڪيا، تنهن هوندي به منهنجي عزت ڌوڙ ۾ ملي وئي. ٻئي پاسي وري زال ناراض ٿيندي چوندي آهي ته مان هيڏي ساري تڪليف ڪئي، پر پوءِ به مهمانن جي آڏو منهنجي گهٽتائي ٿي ۽ اهي هاڻي مون کي اڍنگي ۽ اياڻي سمجهندا. ان ڳالهه جي ڪري گهڻا ماڻهو مهمان نوازيءَ کان لنوائيندا آهن. کين اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي.
ڀيڻ! اسان مڃون ٿا ته مهمان نوازي سڻائو ڪم ناهي. پر اصل مسئلو اهو آهي ته ميزبان عورت مهمان نوازيءَ جي طور طريقن کان اڻڄاڻ هوندي آهي ۽ چاهيندي آهي ته جهٽ پٽ ۾ تريءَ تي بهشت ٺاهي وٺي. جيڪڏهن عورت سيبتي ۽ تجربيڪار آهي ته پوءِ سٺي نموني سان دعوت جو بندوبست ڪري سگهي ٿي.
هيٺ اسان مهمان نوازيءَ جا ٻه نمونا ڏيون ٿا. انهن مان اوهان کي جيڪو وڻي سو چونڊيو:
پهريون نمونو: مڙس گهر اچي زال کي چئي ٿو، ”خميس تي ڏهه ماڻهو رات جي مانيءَ تي ايندا.“ زال مهمانن جو ٻڌي ڊڄي وڃي ٿي ۽ اعتراض ڪري ٿي. مڙس دليلن وسيلي ۽ خوشامد ڪري کيس راضي ڪري ٿو ته اها دعوت ضرور ڪرڻي آهي. ڪيئن به ڪري ان جو بندوبست ڪرڻو آهي. نيٺ خميس جو ڏينهن به اچي پهتو مڙس سامان وٺڻ گهر کان ٻاهر اچي ٿو. رستي ۾ سوچي ٿو ته ڇا ڇا وٺڻ گهرجي. آخرڪار قسمين قسمين شيون وٺي منجهند ڌاري گهر موٽي اچي ٿو. زال جو ڪم منجهند کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. مانجهاندو ڪيو نه ڪيو جهڙو، هوءَ ڪم کي لڳي وڃي ٿي. کيس ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن. ڀاڄيون، پٽاٽا ۽ بصر صاف ڪري وڍڻا آهن، دال چونڊڻي آهي، چانور صاف ڪري ڀڄائي رکڻا آهن، گوشت ڌوئي قيمو ڪرڻو آهي، ڪڪڙ ڀڃڻو آهي، ڪباب ٺاهڻا آهن، ٻوڙ رڌڻو آهي، پلاءَ رڌڻو آهي، چانهه جو سامان ٺيڪ ڪري رکڻو آهي، ٿانوَ ڌوئڻا آهن ۽ ڊرائنگ روم کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. هيڏا سارا ڪم، ويچاري ڪري ته آخر ڪيئن ڪري؟ ڀاڄي وڍڻ ويهي ٿي ته کيس ڪاتي ڪونه ٿي لڀي، ٻوڙ رڌڻ مهل ڏسي ته بصر ته آهن ئي ڪونه ۽ چانور چلهي تي چاڙهي ڏٺائين ته لوڻ ختم ٿي ويو آهي. جنهن شيءَ جي ضرورت پويس ٿي اها لڀي ڪانه ٿي. وري ڌيءَ ۽ پٽ کي ٿي دڙڪا ڏي. مٿان وري مصيبت اها جو کاڌو رڌڻ مهل گئس ختم ٿي وڃي ٿي.
ائين ڪندي دروازي تي گهنٽي وڄي ٿي ۽ هڪ هڪ ڪري مهمان اچڻ شروع ٿين ٿا. ويچارو مڙس پنهنجي زال جي پريشانيءَ ۽ بي چينيءَ کي ڏسي ڌڙڪندڙ دل سان مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو. دعا سلام ۽ خير خيريت پڇڻ کان پوءِ هو رڌڻي ۾ چانهه کڻڻ لاءِ وڃي ٿو پر اُتي چانهه جو پاڻي به چُلهي تي رکيل ڪونهي. ڌيءَ ياپٽ کي دڙڪا ٿو ڏئي ته چانهه جو پاڻي اُٻرڻ لاءِ ڇو نه رکيو اٿوَ. خير چانهه تيار ٿي ته خبر پئي ته کير گرم ڪونه ٿيو آهي. خدا خدا ڪري مس چانهه ٺهي ۽ ڪجهه ڪوپ مهمانن جي اڳيان رکيا ويا. مڙس جو نظرون مهمانن تي کُتل آهن پر دل ۽ ذهن رڌڻي ۾ اٽڪيل آهي، جو کيس خبر آهي ته رڌڻي ۾ ڪهڙو ويل متل آهي. مهمانن جو مزيدار ڳالهيون به کيس ڪونه ٿيون وڻن. هو دعوت جي انجام کان ڊنل آهي. ٻيو ته جڏهن مهمان پنهنجا ويجها مائٽ هوندا آهن ته پڇندا آهن ته توهان جي گهرواري ڪٿي آهي؟ مڙس جواب ڏيندو آهي ته هوءَ ڪم پئي ڪري، بس اجهو آئي. هوءَ به نيٺ مجبور ٿي ڪم اڌ ۾ ڇڏي مهمانن وٽ هلي ايندي آهي. ڏڪندڙ دل ۽ خشڪ چپن سان کين سلام ڪري حال احوال پڇندي آهي. هن جي لاءِ ڪجهه دير وٽن ويهڻ ممڪن نه هوندو آهي تنهن ڪري هوءَ کانئن بهانو ڪري واپس رڌڻي ۾ هلي ايندي آهي. نيٺ کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي پر اهي کاڌا جيڪي ان حالت ۾ تيار ڪيا وڃن تن جي سواد جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائي به نه ٿو سگهجي. کاڌي رڌڻ مان واندڪائي ملڻ کان پوءِ کيس سلاد ٺاهڻو آهي، ڏهيءَ جو رائتو ٺاهڻو آهي، ڪُولي مان کٽاڻ ڪڍڻي آهي جيڪڏهن ٿانوَ ڌوتل نه آهن ته اهو الڳ مسئلو هوندو آهي. بدقسمتي اها جو ٿانو به هڪ هنڌ رکيل ناهن ان ڪري انهن کي هتان هُتان ڳولڻو آهي. خير ماني کائي مهمان ته هليا ويندا آهن پر خبر پوءِ پوندي آهي ته کاڌي سان ڪهڙو حشر ٿيل هو. ڪنهن شيءِ ۾ لوڻ گهٽ هوندو آهي ته ڪا وري صفا ڦِڪي هوندي آهي، ڪا شيءِ سڙي ويندي آهي ته ڪا وري ڪچي رهجي ويندي آهي ۽ تڪڙ ڪري کانئس ڪجهه طعام آڻڻ به وسري وينداآهن. زال کي رات جو ٻارهين هڪ وڳي واندڪائي ملندي آهي پر ٿڪاوٽ ڪري سندس سنڌ سنڌ پيو چيچلائيندو آهي. ايتري تائين جو ويچاريءَ کي منجهند کان وٺي اڌ رات تائين ساهه پٽڻ جيتري مهلت به ڪونه ملي هئي ۽ مهمانن سان ڪجهه دير ويهي ڪچهري ڪرڻ جو به کيس موقعو ڪونه مليو هو.
مرد کي ته سواءِ پريشاني ۽ ڪاوڙ جي ڪجهه هٿ ڪونه آيو. هيڏا سارا پئسا خرچ ٿيا پر پوءِ به کاڌو صحيح نموني ڪونه رڌجي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته هو زال سان جهيڙو ڪري ۽ ٿڪل ٽٽل زال کي گهٽ وڌ ڳالهائي. اهڙي طرح دعوت جي ڪري نه رڳو اهو ته زال مڙس کي ڪو فائدو ناهي ملندو پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون دعوتون ٻنهي جي وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻبيون آهن. جيڪڏهن خير سان ڪم ٿي ويو ته آئيندي اهڙي دعوت کان توبهه ڪري ڇڏيندا آهن.
مهمان به جيئن ته ميزبانن جي پريشانيءَ کي سهي ڪري وٺندا آهن تنهن ڪري کين کاڌي پيتي مان ڪو مزو ڪونه ايندو آهي ۽ دل ئي دل ۾ چوندا آهن ته اجايو اهڙي دعوت ۾ آياسين. پاڻ به پريشان ته ميزبان به پريشان.
ڇا توهان کي خبر آهي ته انهن پريشانين جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ان جو سبب رڳو زندگيءَ ۾ بي ترتيبي ۽ مهمان نوازي جي فن کان اڻ ڄاڻائي آهي نه ته مهمان نوازي هروڀرو ايڏو ڏکيو ڪم به ناهي.
ٻيون نمونو: مرد گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ زال کي چئي ٿو ته مان جمعي جي شام جو ڏهن دوستن کي مانيءَ جي دعوت ڏني آهي. زال وراڻيو ته ٺيڪ آهي. ڀلا ڇا ڇا تيار ڪجي؟ ان کان پوءِ ٻئي گڏيل صلاح ڪري کاڌي جي فهرست ٺاهين ٿا ۽ پڻ کاڌي جي شين جو مقدار نوٽ ڪري ڇڏين ٿا. هڪ ڀيرو وري ان فهرست کي ٻيهر ٿا پڙهن ته متان ڪٿي ڪا شيءِ رهجي نه وئي هجي. جيڪڏهن ڪا شيءِ گهربل مقدار ۾ موجود آهي ته ان کي فهرست مان ڪاٽي ٿا ڇڏين. دعوت ۾ جيتوڻيڪ اڃا هڪ ڏينهن باقي آهي تڏهن به ٿورا گهڻا ڪم ڪري ٿا ڇڏين. جهڙوڪ: گهر جي صفائي ڪرڻ، ڀاڄيون وڍي رکڻ، چانورن ۽ دال کي چونڊي رکڻ، نمڪ داڻيءَ ۾ لوڻ ڀري رکڻ ۽ ضرورت جي ٿانوَن کي ڌوئي رکي ڇڏڻ. مطلب ته جيڪي ڪم پهرين ڪرڻ جهڙا هئا سي اڳ ۾ ئي ٿي وڃن ٿا. (ڪجهه طعام جهڙوڪ: کيرڻي ۽ ڪسٽرڊ هڪ ڏينهن اڳ ٺاهي فرج ۾ رکي سگهجي ٿي ۽ ڪبابن جو قيمو پڻ اڳ ۾ ئي پيهي رکي سگهجي ٿو.) جمعي جي صبح جو نيرن کان پوءِ ڪجهه ڪم ڪري سگهجن ٿا، جهڙوڪ: گوشت وڍي رکڻ، ڪڪڙ کي صاف ڪري ڀُڃي رکڻ، بصر وڍي ٽهڪائي رکڻ، مصالحا ڪٽي رکڻ ۽ چانور ڀڄائي رکڻ. مطلب ته ڪجهه ڪم منجهند کان اڳ ۾ ئي ٿي ويندا آهن. ظاهر آهي ته جڏهن اهي ڪم دلجاءِ سان ٿيندا ته پوءِ زال لاءِ باقي رهيل ڪم ڏکيا نه هونداآهن. مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ ٿوري دير آرام ڪري پوءِ هوءَ وري رڌڻو وڃي سنڀاليندي آهي. ڪم ڪو گهڻو ناهي ڇو جو اڳواٽ ئي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ سمورو سامان به ترتيب سان رکيل آهي. باقي ڪم به ڪلاڪ ٻن ۾ ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ پاڻ صاف سٿرا ڪپڙا پائي تيار ٿي وئي. مهمانن جي اچڻ کان اڳ ۾ چانهه جو پاڻي اٻرڻ لاءِ رکي ڇڏيائين. جيڪڏهن مهمان مائٽ ۽ محرم آهن ته پوءِ پاڻ ئي اڳتي وڌي کين آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي سندن خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي وئي. چانهه پيئڻ کان پوءِ ٻارڙن ۽ مڙس جي مدد سان دسترخوان تي کاڌو لڳايائين. مهمانن خوشيءَ ۽ دلجاءِ سان کائي ڍءُ ڪيو.
نتيجو: مهمان مزيدار کاڌي سان گڏ سڪ محبت ۽ پنهنجائپ جهري نعمت کان پڻ لطف وٺندا ۽ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا، ان رات سٺين يادن ۽ ميزبان جي ٻهڪندڙ چهري کي ڪڏهن به ڪونه وساريندا ۽ ميزبانن جي گرمجوشيءَ ۽ گهرڌياڻيءَ جي پڻ واکاڻ ڪندا. مڙس به دلجاءِ سان ڪجهه ڪلاڪ مهمانن سان گذاري ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ اهڙي سگهڙ زال تي، ناز ڪندو جنهن ايڏي سٺي دعوت جو بندوبست ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح لائق زال ۽ گهر سان سندس دلچسپي وڌي ويندي.
جيئن ته زال به دعوت جو بندوبست مزي مزي سان ڪيو هو تنهن ڪري هوءَ به ٿڪل بنهه ناهي، پنهنجي مڙس ۽ مهمانن جي اڳيان سندس عزت ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ پاڻ به خوش آهي ته ڪنهن ڏکيائي ۽ پريشانيءَ کان سواءِ مهمانن جي سٺي خدمت چاڪري ٿي وئي.
انهن ٻنهي نمونن کي پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي جيڪو وڻي تنهن تي عمل ڪجو.