زال سان محبت ڪرڻ گهرجي:
عورت محبت جومرڪز ۽ ٻاجهه ۽ مهربانيءَ جي جذبن سان ٽمٽار هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن جي وجود مان هر وقت محبت ۽ پيار جو وسڪارو ٿيندو رهندو آهي. سندس زندگي پيار ۽ محبت سان سلهاڙيل هوندي آهي. سندس دل چاهيندي آهي ته هوءَ ڪنهن جي محبوب هجي ۽ جيڪا عورت ڪنهن کي جيترو پياري هوندي آهي اوتروئي هوءَ خوش ۽ ٻهڪندي رهندي آهي. پيار حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. تنهن ڪري اهو نڪتو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته جيڪڏهن عورت ڪنهن جي محبوب ناهي هوندي ته پوءِ هوءَ پاڻ کي سکڻو، شڪست کاڌل ۽ بي اثر سمجهي مايوس، اداس ۽ ڏکايل رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو قطعي طور تي ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته زال جي سار سنڀال جو سڀ کان وڏو راز اهو آهي ته ساڻس دل کولي پيار ڪيو وڃي.
مانوارا ڀاءُ! پهرين توهان جي زال کي توهان جي سس سُهري جي محبت ملندي هئي پر شاديءَ کان پوءِ هن سمورا رشتا ناتا ٽوڙي توهان سان وفاداريءَ ۽ پيار جو ٻنڌڻ ٻڌو آهي ۽ ان اميد سان توهان جي گهر ۾ آئي آهي ته توهان ئي کيس اهي ڇڏي آيل محبتون ڏيندا. نه رڳو اهو پر هوءَ توهان مان اها اميد پڻ رکي ٿي ته توهان جو پيار ۽ محبت سندس ماءَ پيءُ واري محبت کان وڌيڪ جٽادار هوندو، ڇو جو هن توهان تي ڀروسو رکي پنهنجي وجود کي توهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. زال کي خوش رکڻ ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي حل ڪرڻ جو ڀلو طريقو اهو آهي ته ساڻس محبت ۽ پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو وڃي. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي زال سدائين خوش باش رهي ۽ گهر ۾ پوري دلچسپي وٺندي رهي، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هوءَ توهان کي سچيءَ دل سان پيار ڪندي رهي ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هوءَ پڇاڙيءَ تائين توهان سان وفادار رهي ته پوءِ ان جو سٺو طريقو اهو آهي ته توهان دل جي گهرائيءَ سان ساڻس پيار ۽ محبت جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن هن سهي ڪري ورتو ته توهان کي ساڻس محبت ناهي ته پوءِ هوءَ گهر ۽ زندگيءَ مان بيزار ٿي ويندي، سدائين مايوس ۽ اداس رهندي، گهر گهاٽ ۽ ٻارڙن ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺندي ۽ پنهنجي دل ۾ سوچيندي ته آخر اهڙي مڙس کي ڇو ليکيان جيڪو مون کي بنهه نه ٿو ڀائين. نتيجو وڃي اهو نڪرندو جو گهر جي حالت سدائين پئي ڊانوانڊول رهندي.
جيڪڏهن توهان جو گهر محبت ۽ پيار کان خالي ٿي ويو ته پوءِ اهو توهان لاءِ دوزخ بڻجي ويندو. ان صورتحال ۾ توهان کڻي ڪيڏي به آرام ۽ آسائش جو بندوبست ڪيو پر پيار ۽ محبت جي خوشبوءِ نه هوندي ته پوءِ معاملو ڪونه هلي سگهندو. اهڙي طرح صورتحال توهان جي زال کي نفسياتي ۽ ذهني روڳن جي وَر پڻ چاڙهي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي محبت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هوءَ ٻين ڏانهن واجهائي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ توهان ۽ گهر مان ايڏو بيزار ٿي وڃي جو طلاق جي گهر ڪري. سچ پچ ته انهن مڙني حادثن جو ذميدار مرد ئي هوندو آهي جنهن جي زال ۽ ٻارڙن کان لاپرواهي هڻي وڃي هنڌ ڪندي آهي. پڪ ڄاڻو ته گهڻيون طلاقون مڙسن جي لاپرواهي ڪري ٿينديون آهن. هيٺين انگن اکرن مان توهان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهو ٿا:
مڙس جي لاپرواهي، ڪمن ڪارين ۾ گهڻو مصروف رهڻ ۽ گهر ۾ سندس دلچسپي نه هئڻ طلاق جا مکيه ڪارڻ رهيا آهن. 1949ع ۾ 10372 زال مڙس هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. انهن مان 1203 عورتن، طلاق جو ڪارڻ مڙس جي لاپرواهي ۽ ساڻن پيار ۽ محبت نه هجڻ ٻڌايو.
هڪ عورت عدالت ۾ چيو ته هوءَ حق مهر معاف ڪرڻ سان گڏ ڏهه هزار روپيا مڙس کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن هو کيس طلاق ڏئي ڇڏي. سندس شاديءَ کي رڳو چار مهينا گذريا هئا. عورت چيو ته، ”منهنجي مڙس کي مون کان وڌيڪ طوطن سان پيار آهي تنهن ڪري مان ساڻس گذارو ڪري نٿي سگهان.“
ڪٽنب ۾ پيار ۽ محبت هڪ اهم ۽ قيمتي شيءِ آهي. اهو ئي سبب آهي جو خدا پاڪ قرآن مجيد ۾ ان کي قدرت جي نشانين ۽ وڏين نعمتن ۾ ڳڻيو آهي. فرمايو ويو آهي ته، ”خدا جي نشانين مان هڪ اها به آهي ته هن توهان جي لاءِ توهان جي ئي جنس منجهان زندگيءَ جو ساٿي بنايو آهي ته جيئن توهان ساڻس سڪون سان رهو ۽ هن توهان جي وچ ۾ محبت ۽ الفت پيدا ڪئي آهي. ان ۾ سوچيندڙن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن.“
امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو آهي ته، ”عورت مرد لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي ۽ سندس سمورو ڌيان مرد ڏانهن ئي رهندو آهي، تنهن ڪري پنهنجي زالن کي دوست رکو.“
هڪ ٻئي موقعي تي پاڻ فرمايائون ته، ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زال سان گهڻي محبت ڪري ٿو سو اسان جي دوستن منجهان آهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”ماڻهوءَ جو ايمان جيترو وڌيڪ مڪمل هوندو آهي اوترو ئي وڌيڪ پنهنجي زال سان محبت ڪندو آهي.“
امام جعفر صادق عه جو قول آهي ته، ”پيغمبرن جي هڪ سيرت اها به هئي جو اهي پنهنجي زالن سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا.“
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”مرد جيڪڏهن زال کي چئي ته مون کي توسان سچي محبت آهي ته پوءِ اها ڳالهه ڪڏهن به سندس دل مان نه نڪري سگهندي آهي.“
محبت دل جي گهراين سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن دل تي سٺو اثر ٿئي، ڇو جو دل کي دل مان ئي سڪون ملندو آهي. رڳو دلي محبت تي ئي نه ڀاڙي ويهجي پر ان جو کليل اظهار به ٿيڻ گهرجي. اهڙي صورت ۾ محبت جي سٺن ۽ هاڪاري نتيجن ۽ چاهت جو اظهار ڪرڻ گهرجي، سندس موجودگيءَ ۾ ۽ پرپَٺ واکاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ شهر کان ٻاهر وڃجي ته کيس خط پَٽ لکي پنهنجي جدائيءَ جو ذڪر ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن سندس لاءِ سوکڙيون پاکڙيون به آڻڻ گهرجن. جيڪڏهن گهر ۾ فون هجي ته پوءِ آفيس مان سندس خيريت معلوم ڪرڻ گهرجي. هڪ شيءِ جنهن کي عورتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهن سو اهوئي سچو پيار آهي. مثال جي طور تي هيٺيون واقعو پڙهو:
هڪ عورت سُڏڪا ڀريندي ٻڌايو ته، ” مان بهار جي موسم ۾ هڪ رات هڪ نوجوان سان شادي ڪئي هئي. شاديءَ کان پوءِ اسان ٻنهي جي زندگي ڏاڍي مزي سان گذرڻ لڳي. مان پنهنجو پاڻ کي دنيا جي سڀ کان وڏي ڀاڳوند عورت سمجهندي هيس. مان ڪجهه سال ساڻس گڏ ان ننڍڙي گهر ۾ گذاريا جيڪو هن خاص ڪري مون لاءِ ٺهرايو هيو. اُن ڏينهن مان ڏاڍي خوش ٿيس جڏهن مونکي خبر پئي ته مان پيٽ سان ٿي آهيان. جڏهن مان اها خوشخبري پنهنجي مڙس کي ٻڌائي ته هو ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ مون کي پنهنجي هنج ۾ کڻي ٻارڙن وانگر روئڻ لڳو. ان کان پوءِ هو بازار ويو ۽ وٽس جيڪي پئسا ڏوڪڙ هئا تن مان هيرن جو هڪ هار وٺي آيو ۽ اچڻ سان اهو هار مون کي پارائيندي چيائين ته، ”مان هيرن جو هي هار دنيا جي ڀلي ۽ پياري عورت جي ڳچيءَ ۾ وجهي رهيو آهيان.“ پر افسوس جو ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ هو مون کان هميشه هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو.“