کاڌو پيتو ۽ صحت:
ٻارن جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ عورتن جي مکيه ذميدارين مان هڪ آهي. ٻارن جي چڱڀلائي ۽ بيماري، خوبصورتي ۽ بدصورتي، ذهانت ۽جڏائپ جو کاڌ خواراڪ سان گهرو لاڳاپو آهي. سندن کاڌي جون گهرجون وڏن جهڙيون نه هونديون آهن پر عمر جي حساب سان سندن کاڌي جي پروگرام ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. ٻارن واري ماءُ کي انهن مڙني نڪتن جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
ٻار جو سڀ کان سٺو ۽ مڪمل کاڌو کير آهي. جسم جي واڌ ويجهه لاءِ خوراڪ جي جن جُزن جي گهرج هوندي آهي سي سڀ کير ۾ موجود هونداآهن. تنهن ڪري ماءُ جو کير هر نيئن ڄمندڙ ٻار لاءِ هڪ سٺي ۽ مڪمل خوراڪ سمجهيو ويندو آهي. ماءُ جي کير ۾ بار جي معدي جي حساب سان سمورا جزا موجود هونداآهن جن کي هو سولائيءَ سان هضم ڪري ويندو آهي. ماءُ جي کير جي هڪ ٻئي خوبي اها به آهي جو منجهس ڪا به ملاوٽ ڪونه هوندي آهي ۽ ان کي گرم ڪرڻ جي ضرورت به نه هوندي آهي ۽ جڏهن ته کير گرم ڪرڻ سان ان جا ڪيترائي جزا ختم ٿي وينداآهن. اهو ئي سبب آهي جو حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ سٺي ۽ برڪت ڀري ٻي ڪا به خوراڪ ناهي.“
صحت جي عالمي تنظيم ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن وارن جو چوڻ آهي ته ”ٻار کي ماءُ جي کير کان محروم رکڻ معنيٰ ٻار کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي حوالي ڪرڻ آهي.“
ٻار کي کير پياريندڙ مائرن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻار کي کير جي وسيلي خوراڪ جا مختلف جزا پهچائين. کير ۾ موجود جزا ماءُ جي کاڌي جي وسيلي ٺهندا آهن يعني ماءُ جي کير جو سندس کاڌ خوراڪ جي مقدار ۽ قسم سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي. ماءُ جو کاڌو جيترو مڪمل گهڻ قسمين هوندو اوترو ئي سندس کير به مڙني جُزن سان ڀريل هوندو. تنهنڪري کير پياريندڙ مائرن کي گهرجي ته ٻارڙي کي کير پيارڻ واري دؤر ۾ پنهنجي کاڌي جو خاص خيال رکن. مائرن جي خوراڪ ايتري ته سٺي هجي جو جيئن نه رڳو سندن کاڌي جون ضرورتون پوريون ٿين پر ٻارڙي کي پڻ پوري خوراڪ ملي. جيڪڏهن اهي ان ڳالهه جو ڪو خيال ڪونه رکنديون ته پوءِ سندن ٻارڙي جي صحت ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي.
مڙس تي پڻ اهو لازم آهي ته هو زال لاءِ اهڙي طاقتور خوراڪ جو بندوبست ڪري جيڪا غذائيت جي لحاظ کان صفا مڪمل هجي. جيڪڏهن هن ان ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ ان جو ڏنڊ، دوائن ۽ ڊاڪٽر جي فيءَ جي صورت ۾ ڀرڻو پوندو. زال جي کاڌ خوراڪ جي معاملي ۾ ڊاڪٽر کان به صلاح وٺي سگهجي ٿي يا وري سٺن ڪتابن مان پڻ مدد وٺڻ گهرجي. مطلب ته ماءُ جي خوراڪ هر لحاظ کان مڪمل ۽ طاقتور هجي. کيس گهرجي ته مختلف قسمن جا کاڌا کائي، خاص ڪري ڀاڄيون، ميوا، داليون، گوشت، بيضا، کير، ڏهي ۽ مکڻ جهجهي مقدار ۾ واپرائڻ گهرجن. جيئن ته ماءُ جي کير جو سٺو يا خراب اثر ٻارڙي تي ضرور پوندو آهي تنهن ڪري کيس گهرجي ته هوءَ مٿي ٻڌايل خوراڪ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪري.
ٻار کي کير پيارڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏجي ته جيئن کيس وقت جي پابندي جي عادت پئجي وڃي ۽ پڻ بردبار ۽ صابر ٿي سگهي. ٻيو ته وقت تي کير پيارڻ سان ٻار جو پيٽ ۽ معدو به صحيح نموني ڪم ڪندو رهندو. ڪي مائرون وري ائين ڪنديون آهن جو هيڏانهن ٻار رُنو ناهي ۽ هوڏانهن وري کيس کير ڏنو ناهي.
ان ڪوتاهيءَ جو نقصان اهو ٿيندو جو وڏي ٿيڻ کان پوءِ به ٻار ۾ اها بدنظمي موجود رهندي ۽ منجهانئس پابنديءَ واري عادت ختم ٿي ويندي. زندگيءَ جو مشڪلاتون ۽ مسئلا حل ڪري نه سگهندو ۽ ننڍي ننڍي ڳالهه تي ضد ڪندو يا وري روئيندو پٽيندو رهندو. اهو خيال غلط آهي ته نيئن ڄاول ٻار ۾ نظم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.
ڀيڻ! جيڪڏهن تون ٿورو خبر ڪندينءَ ته پوءِ هو ٿوري ئي وقت ۾ تنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ هلندو. ٻار جي کاڌي جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نيئن ڄاول ٻار کي هر ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ کير پيارڻ گهرجي.
کير پيارڻ مهل ٻارڙي کي هنج ۾ سمهارجي. ائين ڪرڻ سان هو نه رڳو کير سولائيءَ سان پيئندو پر تنهنجي پيار ۽ محبت کي پڻ محسوس ڪندو ۽ اڳتي هلي اهوئي احساس سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اثرائتو ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. ٻي ڳالهه ته ٻار کي پنهنجي پاسي ۾ سمهاري کير نه پيارجي، ٿي سگهي ٿو ته ان حالت ۾ سندس وات کير ۾ ڀريل هجي ۽ توکي ننڊ اچي وڃي ۽ پوءِ سندس ساهه گهٽجڻ لڳي اهڙي لاپرواهي ڪري ٻار جو موت به ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن تنهنجو کير ٻار لا ءِ ڪافي ناهي ته پوءِ کيس ڳئونءَ جو کير پيارڻ گهرجي. ڳئون جو کير، ماءُ جي کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهاٽو هوندو آهي ۽ منجهس مٺاڻ به گهٽ هوندو آهي. ڳئون جي کير ۾ ٿورو پاڻي ۽ کنڊ ملائي به ٻار کي ڏئي سگهجي ٿو يا وري اُٻاريل کير به استعمال ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ناهي. کير کي پندرهن ويهن منٽ گهڻو اُٻارجي ته جيئن منجهس موجود جيوڙا مري وڃن. ٻار کي گهڻو ڪوسو يا گهڻو ٿڌو کير به نه ڏيڻ گهرجي. هر ڀيري کير پيارڻ کان پوءِ بوتل ۽ چوسڻيءَ کي ڌوئي صاف ڪري رکي ڇڏڻ گهرجي. خاص ڪري اونهاري ۾ بوتل ۽ چوسڻيءَ جو خاص خيال رکڻ گهرجي. ڇو جو گرميءَ ڪري کير کري پوندو آهي جيڪو ٻار جي صحت لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي. ٻيو ته خراب يا رکيل کير ٻار کي هرگز نه ڏجي ۽ کير لاءِ اهي بوتلون ڪتب آڻجن جن تي کير جي وزن جا نشان ٺهيل هوندا آهن ته جيئن ٻار کي صحيح مقدار ۾ خوراڪ ملي سگهي. جيڪڏهن ٻار کي پائوڊر وارو کير پيارڻ ضروري آهي ته پوءِ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. ڇو جو پائوڊر وارا کير ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن، تنهن ڪري ڊاڪٽر ئي صلاح ڏئي سگهي ٿو ته ڪهڙو کير ٻار جي معدي لاءِ صحيح آهي.
ٻارڙي کي ميوي جي رس به پيارڻ گهرجي.پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ ٿورڙو ٿورڙو کاڌو به ڏيڻ گهرجي، کيس پٽڙو ڀت ۽ سوپ به ڏجي ته سٺو. بسڪوٽ به کير ۾ ٻوڙي کارائي سگهجن ٿا. نون مهينن جي عمر کان پنهنجي کاڌي مان به کيس ٿورو ٿورو کارائڻ گهرجي. توهان وانگر ٻار کي اُڃ لڳندي رهندي آهي تنهن ڪري پاڻي پيارڻ جي معاملي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪجي. ٻار کي پاڻياٺ وارا کاڌا ڏيڻ گهرجن، خاص ڪري ميون جي رَسُ ۽ ساين ڀاڄين ۽ گوشت جي هڏين جو سوپ سندس صحت ۽ واڌويجهه لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي. باقي جيترو ٿي سگهي ته ٻار جي ڪچڙي مشينريءَ ۽ معدي کي چانهه پياري تباهه نه ڪجي.
ٻار جي صفائي ۽ تندرستيءَ جو پڻ ڏاڍو خيال رکڻ گهرجي. سندس بسترو ۽ لٽا ڪپڙا سدائين صاف سٿرا هئڻ گهرجن. کيس روزانو وهنجارڻ گهرجي، ڇو جو جيوڙا ٻار جي جسم کي جلدي چنبڙي پوندا آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن صحت جي انهن اصولن تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ٻار سدائين بيمارين جي ور چڙهيل رهندو.
ٻيو ته ٻارڙي کي بيمارين جا ٽيڪا هڻائڻ نهايت ضروري آهن. خاص ڪري ماتا، اُرڙي، وڏي کنگهه، پوليو ۽ ڳاڙهي بخار جا ٽُڪا هڻائي ٻارڙي کي انهن خطرناڪ بيمارين کان بڇائي سگهجي ٿو. نه رڳو اهو پر جيڪڏهن کيس ٻي به ڪا بيماري ٿي پوي ته هڪدم ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي.
خوش قسمتيءَ سان انهن بيمارين جا ٽُڪا اسان وٽ اسپتالن ۾ مفت هنيا ٿا وڃن، تنهن ڪري اهي هڻائڻ ۾ ڪا به لاپرواهي نه ڪجي. بهرحال... جيڪڏهن صحت ۽ چڱڀلائي جي انهن مڙني اصولن تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ توهان جا ٻارڙا تندرست ۽ خوش رهي سگهن ٿا.