فضول شڪايتن جا دفتر بند رکجن:
مسئلا زندگيءَ جو اڻ ٽٽ حصو آهن. هن دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو جيڪو سؤ سيڪڙو خوش ۽ غمن ۽ پريشانين کان صفا آجو هجي. ڪي ماڻهو دل جا ڪشادا ۽ همت وارا هوندا آهن، صبر سان مسئلن کي مُنهن ڏئي وينداآهن ۽ زماني يا ماڻهن جي ڪابه شڪايت نه ڪنداآهن. اهڙ ا سياڻا ۽ ڀلوڙ ماڻهو روئڻ پٽڻ، ٻين تي گند اڇلائڻ ۽ هر هڪ سان پنهنجا ڏک ونڊڻ کان پاسو ڪندا آهن ڇو جو ائين ڪرڻ سان کين ڪنهن فائدي جي اميد نه هوندي آهي. سياڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته پنهنجا ڏک ڏاکڙا ٻين کي ٻڌائڻ سان گهٽجي ته ڪونه ويندا، تنهن ڪري اجايو ٻين جي رنگ ۾ ڀنگ ڇو وجهجي ۽ سندن وقت ڇو وڃائجي. ان جي ابتڙ ڪي ماڻهو وري ايتري سمجهه نه رکندا آهن ۽ ڪا به ڳالهه سندن دل ۾ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندي آهي. کين شڪايتون ڪرڻ ۽ روئڻ پٽڻ جي عادت پئجي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هر ڪنهن جي اڳيان شڪايتن جا دفتر کولي ويهڻ ۾ کين مزو ايندو آهي. دوستن جي ڪچهريءَ ۾، جيڪا اصل ۾ وندر ورونهن، ڀوڳ ٺڪاءُ، غم غلط ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، ته کين پنهنجي مسئلن ۽ زماني جي شڪايتن بيان ڪرڻ جو سونهري موقعو ملي ويندو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح سڄي ڪچهريءَ جو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي دوست اهڙي قسم جي ماڻهن جي سنگت کان پري ڀڄندا آهن.
جيئن ته ٻيا ماڻهو اهڙن هلڪڙن جون دانهون ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، تنهن ڪري اهي وري پٽڪو اچي پنهنجي گهرڀاتين ۽ ويجهن مٽن مائٽن مان ڪنداآهن. ڪڏهن کين مهانگائي جي شڪايت هوندي آهي ته ڪڏهن وري ڪنهن سسٽم ۾ کين ڪيڙا نظر اينداآهن، ڪڏهن بسن ۾ گهڻن مسافرن کي کڻڻ کين نه وڻندو آهي ته ڪڏهن وري گهڻي ٽريفڪ جي ڳڻتي هوندي اٿن، ڪڏهن دوستن ۽ مٽن مائٽن جي هلت نه وڻندي اٿن ته ڪڏهن وري پنهنجي آفيسر جي ورتاءَ جي دانهن ڪندا آهن ۽ ڪڏهن وري بيمارين ۽ ڊاڪٽرن جي ڳريءَ فيءَ جو پٽڪو ڪندا آهن. مطلب ته کين هر ڳالهه ۾ رڳو برائي نظر ايندي آهي. ٿورين ٿورين ڳالهين تي پاڻ به پريشان ته گهر ڀاتين کي پڻ آزار ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. انهن جي حال تي جيترو به افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي.
مانوارا ڀاءُ! دانهن ۽ شڪايتن مان سواءِ پريشاني جي ٻيو ڇا ٿو ملي سگهي؟ شڪايتون ڀلاڪهڙي درد جي دوا آهن؟ ڇو ٿا ڀلا ان بڇڙي عادت جي ڪري پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي پريشان ڪندا وتو؟ توهان جي زال ويچاري سڄو ڏينهن ڪم ڪار جي گهڻائي ۽ ٻارڙن سان مٿي ماريءَ ڪري مس وڃي شام جو واندي ٿيندي آهي. گهر جي ڪم ڪار جي گهڻائي ٻارڙن سان مٿي ماري ڪري سندس بدن ۽ ذهن ٿڪجي چُور ٿي پوندو آهي. ٻارڙا به سڄو ڏينهن اسڪول ۽ پوءِ وري گهر ۾ پڙهي ٿڪجي پوندا آهن ۽ توهان مان اها اميد رکندا آهن ته جڏهن توهان گهر ايندا ته کين پيار ڪري سندن ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيندا. توهان پاڻ ئي انصاف ڪيو ته ڀلا اهو چڱو آهي ته توهان کين دلجاءِ ڏيڻ بدران شڪايتن ۽ دانهن جا تحفا کنيو گهر اچو؟ توهان پيار ۽ محبت جي مرڪز يعني پنهنجي گهر کي دوزخ ۾ بدلائڻ تي ڇو سندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ دانهون ۽ شڪايتون ڪري گهر مٿي تي اچي کنيو اٿو؟ جيڪڏهن زندگيءَ جا مسئلا ڳچ آهن ۽ ماڻهن جو ورتاءُ سٺو ناهي ته پوءِ ان ۾ توهان جي زال ۽ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن توهان کي آفيس ۾ دڙڪا داٻ ملن ٿا يا وري ڪاروبار گهٽ آهي ته پوءِ اهي ويچارا ڇا ڪن؟
توهان جي اها هاڃيڪار عادت ڪو به مسئلو حل نه ٿي ڪري سگهي، ويتر توهان جي گهر ڀاتين کي پنهنجي گهر، زندگيءَ ۽ توهان کان بيزار ڪري ڇڏيندي. ڪاوڙ ۽ رنج ۾ جيڪا ماني کاڌي ويندي تنهن مان ڪهڙو فائدو ملندو؟ ٻيو ته توهان جي ان عادت ڪري توهان جي زال ۽ ٻارڙا گهر کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن جو نتيجو جهيڙي جهٽي جي صورت ۾ پڻ نڪري سگهي ٿو. ان کان سواءِ ذهني روڳ به گهيراءُ ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري ڇا اهو چڱو نه ٿيندو ته سياڻپ، سهپ ۽ صبر کان ڪم وٺجي؟ توهان جڏهن شام جو گهر وڃو ته مسئلن ۽ پريشانين کي وقتي طور تي وساري ڇڏيو، کلندا ٻهڪندا گهر ۾ داخل ٿيو. جيترو وقت به گهر ۾ رهو ته سٺي موڊ ۾ رهو، گهر جي ماحول کي ٺيڪ رکو، زماني جون شڪايتون ۽ د ل جا درد بيان نه ڪيو. گهرڀاتين سان وڻندڙ ڳالهيون ڪيو، پاڻ به کلو ته ٻين کي به کلائي کيرو ڪيو. گڏجي ماني کائو ۽ محبت واري ماحول مان پورو پورو مزو وٺو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي وري ڪم ڪارين لاءِ نئين سر تازو توانو ڪري ڇڏيو.
اسلام ۾ به سهپ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ ۽ دانهن شڪايتن کان پاسو ڪرڻ کي هڪ سٺي عادت ٻڌايو ويو آهي ۽ ان لاءِ ثواب جو پڻ واعدو ڪيو ويو آهي.
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”جڏهن ڪنهن مسلمان تي ڪا مصيبت ڪڙڪي ته هو ماڻهن سان خدا جي شڪايت نه ڪري، پر خدا سان شڪايت ڪري ڇو جو مڙني مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي ڪنجي خدا جي ئي هٿ ۾ آهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي جسماني يا مالي اعتبار کان ڪا مصيبت آئي ۽ هن ماڻهن سان ان جي شڪايت نه ڪئي ته پوءِ خدا سندس گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو.“