زال جي ماءُ (سَسُ):
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا زال ۽ مڙس جي وچ ۾ رنجش پيدا ڪرڻ ۽ ڪٽنبن جي سڪون کي تباهه ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي، سا آهي زال جي ماءُ جي اجائي مداخلت ۽ روڪ ٽوڪ.
ڪي مائرون پنهنجي ڌيءَ کي پرڻائڻ کان اڳ پنهنجي ذهن ۾ هڪ اهڙي ڄاٽي جو خاڪو ٺاهي ڇڏينديون آهن جيڪو مڙني خامين ۽ نقصن کان آجو هوندو آهي. اهي اهڙي ئي آئيڊيل نوجوان سان پنهنجي ڌيءَ کي پرڻائڻ چاهينديون آهن. شاديءَ کان پوءِ مهڙ ۾ ته پنهنجي نئين ڄاٽي کي هڪ آئيڊيل نوجوان سمجهندي سندس خدمت چاڪري ڪنديون آهن ۽ مٿس گهور گهور پئي وينديون آهن ۽ گڏوگڏ دل ۾ اهو پڻ سوچينديون آهن ته جيڪڏهن منجهس ڪو ٽيڙ هوندو ته اهو پاڻ هُرتو اسان جي هدايت ۽ نصيحت سان سڌو ٿي ويندو.
جيڪڏهن ڄاٽو سندن مرضيءَ تي هليو ته پوءِ ته سٺو پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڪي تڪڙا اُپاءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته جيئن هو سندن مرضي پٽاندڙ هلڻ لڳي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي هر حيلو هلائينديون آهن. ڪڏهن همدرديءَ ۽ خيرخواهيءَ وسيلي پنهنجو ڪم ڪڍڻ چاهينديون آهن يا وري ڌيءَ کي مقصدن حاصل ڪرڻ جو وسيلو بڻائينديون آهن ۽ مٿس زور ڀرينديون آهن ته هوءَ مڙس سان جهيڙو ڪري. ڇوڪري ويچاري جيڪا زماني جي لاهن چاڙهن ۽ ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان اڻ سونهين هوندي آهي. ماءُ کي پنهنجي خيرخواهه سمجهندي سندس هر حڪم تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندي آهي. جيڪڏهن ان طريقي سان ڄاٽو مُٺِ ۾ اچي ويو ته واهه واهه پر جيڪڏهن ڄاٽي سندس مرضيءَ آڏو ڪنڌ نه جُهڪايو ته پوءِ ضد ۽ ڇڪتاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. نيٺ ان ضد جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ نڪرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گهڻا تڻا ڄاٽا زال جي مائرن کان بيزار هوندا آهن ۽ سندن اجاين مداخلتن ڪري ڏاڍو پريشان رهنداآهن. اهي زال جي اڍنگي هلت ۽ اڻبڻت جو ذميدار سَسُ کي ئي سمجهندا آهن ۽ چونداآهن ته اها ئي ڌيءَ کي کاري خراب ڪري ٿي.
هيٺ نموني جي طور تي ڪجهه ڄاٽن جي دلين جا درد پڙهو:
جواد- م لکي ٿو ته ، ”منهنجي سس ڏائڻ ۽ ٻه مُنهن بلا آهي. خدا شل دشمن کي به اهڙي سَسُ نه ڏي. مون کان الائي جي ڪهڙا پاڙ پاڙي رهي آهي. هن مون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته مان چريو ٿي ويندس. رڳو مان ئي ناهيان پر اهڙا ڪيترائي نوجوان هوندا جيڪي سَسُن جي ڪري رت روئيندا هوندا. منهنجي خيال ۾ ته هر سؤ مان پنجانوي نوجوان سَسُن جا آزاريل هوندا ۽ باقي پنجن جون سَسُون ئي ڪونه هونديون.“
محمد- ف لکي ٿو ته، ”منهنجي سَسُ کي، منهنجي ۽ منهنجي زال جي زندگيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي عادت آهي. هوءَ اسان کي هروڀرو تنگ ڪندي رهندي آهي. منهنجي مٽن مائٽن جي گلا غيبت ڪندي نه ٿڪبي آهي ۽ جڏهن مان زال لا ءِ ڪا شيءِ آڻيندو آهيان ته هوءَ ان مان هزارين عيب ڪڍندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح منهنجي زال کي مون کان بي دليو ڪري ڇڏيندي آهي.“
پرويز- ڪ لکيو آهي ته، ” سَسُ جي ڪري مان ٽي ڀيرا زال کي طلاق ڏيڻ تي سوچيو آهي. کيس وڇونءَ وانگر ڏنگ هڻڻ جي عادت آهي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي منهنجي بيعزتي ڪرڻ ۽ گهر جو ڪم ڪار نه ڪرڻ تي مجبور ڪندي رهندي آهي. هوءَ جيستائين اسان جي گهر ۾ هوندي آهي تيستائين اسان جو گهر دوزخ بڻيل هوندو آهي. تنهن ڪري مان کيس نفرت وچان ڏسندو آهيان.“
ڪي ڄاٽا پنهنجي سَسُن جو اثر گهٽائڻ ۽ سندن دخل اندازيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ کانئس تعلق ٽوڙي ڇڏيندا آهن، وٽن اچ وڃ گهٽائي ڇڏيندا آهن ۽ زال کي ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ جي موڪل ڪونه ڏيندا آهن، سندن ڪنهن به ڳالهه تي ڪَنُ نه ڏيندا آهن ۽ کانئن لاپرواهي ڪنداآهن. مطلب ته جيترو ٿي سگهندو اٿن، ساڻن سختيءَ سان پيش اينداآهن.
پر اها ڪا سٺي هلت ناهي. اهڙي هلت جا گهڻو ڪري خراب نتيجا نڪرنداآهن ڇو جو ماءُ ۽ ڌيءَ جي محبت هڪ فطري تعلق آهي جنهن کي ٽوڙڻ هڪ نه ٿيڻي ڳالهه آهي. مرد اها اميد ڪيئن ٿو رکي سگهي ته هڪ ڇوڪري، جنهن سالن جا سل ماءُ جي هنج ۾ پرورش ورتي آهي ۽ سندس محبت ۽ شفقت جي پاڇي ۾ رهي آهي، ساڻس شادي ڪرڻ کان پوءِ سندس هر ڳالهه بنا ڪنهن چُون چران جي مڃيندي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي محبت کي هڪدم وساري تعلق ٽوڙي ڇڏيندي.
ائين ته ٿي ئي نه ٿو سگهي. ٿورا ڏينهن ڪجهه رنج رسامو ٿي سگهي ٿو پر سدائين لاءِ اها حالت نه ٿي رهي سگهي. مڙس جي زور زبردستيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ٿورو وقت ماٺ ڪري پر نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي سخت ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيندي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ مڙس جي سختين مان بيزار هي سندس نافرماني يا جهيڙو جهٽو ڪرڻ لڳي. ٻيو ته ماءُ آخر ته ماءُ آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڌيءَ کان لاتعلق رهي نه ٿي سگهي بلڪه ان ڪري نفرت اڃا به وڌي ويندي ۽ هوءَ کيس مڙس کان لاپرواهي ڪرڻ تي سندس همت وڌائيندي. اهڙي صروتحال ۾ طلاق به ٿي سگهي ٿي. ڏٺو ويو آهي ته ڪيتريون ئي طلاقون انهن ڳالهين جي ڪري ئي ٿينديون آهن.
اها هلت اصولي طوري ته انسان جي مفاد ۾ نه آهي ته زال جي والدين سان محبت وڌائڻ بجاءِ انهن کان ناتا ئي ٽوڙي ڇڏي ۽ اها هلت گهڻو ڪري مسئلن کي منجهائڻ ۽ مشڪلاتن ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻبي آهي.
هندستان جي پوليس رپورٽ مطابق 1972ع ۾ نئين دهليءَ ۾ 146 آپگهات جون وارداتون ٿيون جن جو اصلي ڪارڻ سَسُن ۽ ڄاٽن جي وچ ۾ لاڳاپا خراب هجڻ ٻڌايو ويو آهي.
هڪ ماڻهوءَ پنهنجي سس جي اجائي دخل اندازيءَ کان تنگ اچي هڪ ڏينهن کيس ٽيڪسيءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.
هڪ شخص سس کي مغز ۾ ٺونشو هڻي سندس مٿو ڦاڙي وڌو. اهو ڏسي سندس سالي کيس چاقو هڻي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو ۽ ڀڄي هليو ويو.
هڪ ماڻهو پنهنجي سس مان ايڏو تنگ ٿي چڪو هو جو هڪ ڏينهن سندس مٿي تي ڪوسي پاڻيءَ سان ڀريل بالٽي هاري ڇڏيائين. هوءَ رڙ ڪري هيٺ پٽ تي ڪري پئي. هڪدم کيس اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن چڪاس ڪرڻ کان پوءِ چيو ته جيئن ته هن جي جسم جو ڳچ حصو سڙي چڪو آهي ۽ سندس حالت خطري ۾ آهي تنهن ڪري کيس تهران نيو وڃي. ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي تهران وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ۽ مڙس کان گُهر ڪيائين ته هو کيس طلاق ڏئي.“
اهڙو ورتاءُ ڏاڍو خراب آهي جنهن کان جيترو ٿي سگهي بچڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇو جو اهڙي ورتاءَ ڪري مسئلا حل ته ڪونه ٿيندا آهن ويتر انهن ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان ان سلسلي ۾ اطمينان جوڳو رستو اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ مسئلن کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ هيٺين ٻن نڪتن کي چڱي طرح پڙهي ڏسو:
اها ڳالهه مڃيل آهي ته سس پنهنجي ڄاٽي جي دشمن ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگهي. هوءَ پنهنجي ڄاٽي کي ڏاڍو ڀائيندي آهي ڇو جو هوءَ اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهندي آهي ته سندس ڌيءَ جي خوشي سندس ڄاٽي جي هٿ ۾ ئي آهي. جيتوڻيڪ هوءَ سندن گهريلو زندگيءَ ۾ دخل ڏيندي آهي پر سندس نيت خراب ڪونه هوندي آهي. هوءَ جيڪو ڪجهه ڪندي يا ڪرڻ گهرندي آهي تنهن ۾ همدرديءَ ۽ خير خواهي ۽ کانئس اڻ ڄاڻائيءَ ۽ اياڻپ جي ڪري ٿيندي هجي. پر ان کي بدنيتيءَ تي ٻڌل بنهه نه ٿو چئي سگهجي.
ماءُ ۽ اولاد جو تعلق هڪ فطري ڳالهه آهي، جنهن کي سولائيءَ سان ٽوڙي نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪو ان تعلق کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ اهو هڪ غير فطري عمل هوندو، جنهن جا نهايت اگرا نتيجا ڏسڻا پوندا. هونئن به اصولي طور تي اها ڳالهه انصاف کان ڪوهين پري آهي ته ماءُ ۽ ڌيءَ جو تعلق ٽوڙيو وڃي ۽ کين هڪ ٻئي کان جدا ڪيو وڃي. جهڙيءَ طرح مرد آزاد رهڻ ۽ ماءُ پيءُ سان لاڳاپا قائم رکڻ ۽ وٽن اچڻ وڃڻ چاهيندو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪا به پابندي قبولڻ نه گهرندو آهي. تنهن ڪري کيس سوچڻ گهرجي ته سندس زال جي دل به جذبن ۽ احساسن کان خالي ناهي ۽ هوءَ به چاهيندي آهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻين ويجهن مٽن مائٽن وٽ ايندي ويندي رهي.
مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ ان مسئلي جو سٺو حل اهو آهي ته زال جي ماءُ پيءُ ۽ ٻين مائٽن سان سٺا اخلاق ۽ وڻندڙ هلت وسيلي سندن پيار حاصل ڪيو وڃي، زماني جي ڪمن ڪارين ۾ ساڻن صلاح ثواب ڪيو وڃي، پنهنجا مسئلا ۽ معاملا ٻڌائي کانئن راءِ ورتي وڃي، سندن آڏو زال جي گلا غيبت نه ڪئي وڃي ۽ اهڙي هلت هلجي جيئن کين پڪ ٿي وڃي ته هو سندن ڌيءَ جو وفادار آهي ۽ کيس ڏاڍو ڀائين ٿو. ها! جيڪڏهن سندن ڪا راءِ عمل جوڳي ناهي ته پوءِ اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اها ڪا بدنيتي پيا ڪن. اهڙي صورتحال ۾ سٺن لفظن ۾ ثبوتن ۽ دليلن وسيلي کين ان شيءِ جي هاڃيڪار نتيجن بابت ٻڌائڻ گهرجي. سندن راين کي ڪاوڙ يا لاپرواهيءَ مان رد نه ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن زال سان ڪا اڻبڻت ٿي وڃي ته ان جي کين دانهن نه ڏجي پر مدد وٺڻ جي مقصد سان ان بابت ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ مڙس کي اها ڳالهه پڻ دماغ ۾ ويهارڻ گهرجي ته زال جي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان محبت ڪرڻ ۽ سندن خيال رکڻ ازدواجي زندگيءَ جو هڪ تمام وڏو راز آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ساهُرا پنهنجي ڄاٽي تي ڀروسو ڪندا آهن ۽ مٿس ساهه صدقي پيا ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جا ڪيترائي مسئلا پاڻ هُرتو حل ٿي ويندا آهن.
توهان به ڏٺو ٻڌو هوندو ته گهڻا تڻا ڄاٽا سَسُن جا ستايل هوندا آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان ۾ سڄو ڏوهه سَسُن جوئي هوندو آهي پر اهي پاڻ به بي قصور ڪونه هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي غير عقلمند روش سبب پنهنجي هڪ حقيقي خيرخواهه کي مخالف سمجهي وٺندا آهن.
اوهان ضرور اهڙا ڄاٽا به ڏٺا هوندا جيڪي زال جي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان سٺا لاڳاپا رکندا آهن ۽ سندن شفقت ۽ محبت جو مزو ماڻيندا رهندا آهن. هيٺيون مثال پڙهو:
منوچر لکي ٿو ته، ”منهنجي سَسُ ته ملائڪن کان به ڀلي آهي. مان کيس پنهنجي ماءُ کان به وڌيڪ ڀائيندو آهيان. هوءَ ڏاڍي ٻاجهاري، پيار ڪندڙ، نيڪ ۽ سياڻي عورت آهي. منهنجي گهريلو زندگيءَ جا هڙئي مسئلا هوءَ ئي حل ڪندي آهي. سندس هئڻ اسان جي ڪٽنب لاءِ ڀاڳ جو سبب آهي.“
ٿي سگهي ٿو ته ڪي سَسُون ضدي ۽ هٺيليون هجن، کين سوچ سمجهه ۽ عقل نه هجي ۽ جن جي اجاين مداخلتن مان آجپو حاصل ڪرڻ ڏکيو هجي پر تنهن هوندي به ساڻن جهيڙو جهٽو ڪرڻ يا سختيءَ سان پيش اچڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. چڱو ته ائين ٿيندو ته ساڻن نرميءَ، محبت ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش اچي. ائين ڪرڻ سان کين سڌاري ته نه ٿو سگهجي پر پوءِ به سندن ضد ۽ اعتراضن کي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ازدواجي زندگيءَ جي تاج محل کي ڊاهڻ واري خطري کي ٽاري سگهجي ٿو.
ان ڏس ۾ مڙس کي گهرجي ته هو زال سان ويجهڙائپ رکي دل سان سندس ادب ڪري ۽ پيار ۽ محبت جي اظهار وسيلي سندس دل کي فتح ڪري ۽ اعتماد حاصل ڪري. ان کان پوءِ سس جي اجائي مداخلت جي باري ۾ زال سان سٺن لفظن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ دليلن سان کيس سمجهائي ته سندس ماءُ جي هلت جا سٺا نتيجا ڪونه نڪري سگهندا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي سمجهائڻ ۾ سوڀارو ٿيو ته پوءِ هڙئي مسئلا پاڻ هُرتو حل ٿي ويندا. مڙس کي اها ڳالهه بنهه نه وسارڻ گهرجي ته زندگيءَ جا سمورا مسئلا نرميءَ، خوش اخلاقيءَ ۽ ڏاهپ وسيلي حل ڪري سگهجن ٿا.
حضرت علي رضه جو هي به فرمان آهي ته، ”جيڪو ماڻهو توهان سان سختيءَ سان پيش اچي، تنهن سان توهان نرميءَ واري هلت ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته ائين ڪرڻ سان هو سنيئن واٽ تي اچي وڃي.“