پنهنجي مڙس جي ڌنڌي ڌاڙيءَ تي اعتراض نه ڪجي:
هر ماڻهوءَ کي ڪونه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ضرور ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان ڌنڌي پٽاندڙ زندگيءَ کي گذارڻو پوندو آهي. هڪ ڊرائيور پنهنجي ڄمار جو ڳچ ڀاڱو روڊ رستن تي گذاري ڇڏيندو آهي ۽ ٻين ماڻهن وانگر روزانو رات جو گهر ڪونه موٽي سگهندو آهي. هڪ چوڪيدار کي سڄي رات چوڪي ڏيڻي پوندي آهي، هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي ڪٽنب سان ويهي ڪچهري ڪرڻ يا سير سپاٽي ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ وقت ملندو آهي ۽ هڪ استاد يا ڏاهي کي راتين جو دير تائين پڙهڻ جي عادت هوندي آهي. ڪجهه ڌنڌا وري اهڙا هوندا آهن جن ۾ گهڻو وقت سفر ۾ گذرندو آهي. تيليءَ مان تيل جي بوءِ ايندي آهي، هڪ مڪينڪ جا لٽا ڪپڙا سڻڀا ۽ ميرا لڳا پيا هونداآهن، ڪوئلا وڪڻندڙ سدائين ڪارو لڳو پيو هوندو آهي ۽ رات جو ڪم ڪندڙ مزدور ويچارو مجبور هوندو آهي ته پنهنجو ننڊ آرام ڦٽائي روزي ڪمائي.
اهڙا نهايت گهٽ ڪم هونداآهن جن ۾ پورو سڪون ۽ دلجاءِ هجي. زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو ته ضرور ڪرڻو پوندو آهي. روزي ڪمائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان ڏس ۾ مرد ويچاري کي ڏاڍا ڏک ڏسڻا پوندا آهن. جيڪڏهن ڪٽنب وارا سهڪار نه ڪن ته پوءِ روزي ڪمائڻ اڃا به ڏکي ٿي پوندي آهي.
عورتون عام ڪري اهڙو مڙس پسند ڪنديون آهن جيڪو گهر کان ڏور نه هجي وطن ۾ هجي، شام جو گهر موٽي اچي ۽ واندڪائيءَ جو وقت ساڻن سيرو تفريح ۾ گذاري سگهي ۽ سندس ڌنڌو عزت وارو، صاف سٿرو ۽ آمدني وارو هجي. پر افسوس جو ڪيترن ئي مردن جا ڌنڌا سندن زالن جي مرضيءَ ۽ پسند جا نه هونداآهن.
ڪٽنبي زندگيءَ جي ڏکيائين جو سلسلو اتان کان ئي شروع ٿيندو آهي. هڪ ڊرائيور ويچارو، جيڪو سدائين سفر ۾ هجڻ ڪري الائي جي ڪيتريون تڪليفون ڏسندو آهي، نه ننڊ مزي سان ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي وري آرام سان کائي پي سگهندو آهي، جڏهن ڪجهه ڏينهن ٻاهر گذارڻ کان پوءِ ٿڪل ٽٽل آرام ڪرڻ لاءِ ۽ گهر وارن جي خير خيريت لهڻ گهر مس ايندو آهي ته سندس زال پاران دانهن ۽ شڪايتن جا دفتر کلي وينداآهن، ”ڀلا هيءَ به ڪا زندگيءَ آهي؟ مون بدنصيب کي ٻارن سوڌو ڇڏي هفتن جا هفتا گم ٿيو وڃين. سمورو ڪم ڪار مون کي ٿو ڪرڻو پوي. هنن شيطان ٻارن ته منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڊرائيور جهڙي خراب ڌنڌي کان کڻي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪر! مان سڄي عمر هيئن نه ٿي گذاري سگهان.“
هڪ ڊاڪٽر کي صبح کان اڌ رات تائين بيمارن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، ذهني ۽ جسماني طور ڪيڏو نه ٿڪجي پوندو هوندو! جيڪڏهن کيس گهر ۾ به سڪون نه ملي ته پوءِ ويچاري جو ڇا حال ٿيندو! ڇا هو ٿڪل جسم ۽ پريشان دماغ سان پنهنجو ڪم ڪري سگهندو؟ هڪ مزدور ويچارو جيڪو سڄي رات جاڳي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ صبح جو آرام ڪرڻ لاءِ گهر ايندو آهي، تنهن لاءِ جيڪڏهن گهر ۾ باهه ٻري پئي هجي ته پوءِ ڇا اهو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت ڪري سگهندو؟ هڪ ڏاهي سان، جنهن جو ڪم تحقيق ۽ مطالعو هوندو آهي، جيڪڏهن زال سهڪار نه ڪندي ته پوءِ ڇا هو پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ٿي سگهندو؟ اهڙي صورتحال ۾ اياڻين ۽ سياڻين عورتن ۾ فر ق محسوس ڪري سگهبو آهي.
ڀيڻ! اسان دنيا جا هڙئي ڪم پنهنجي مرضي ۽ خواهش پٽاندڙ نه ٿا ڪري سگهون، پر پاڻ کي حالتن جي قالب ۾ وجهڻ تي ضرور قدرت رکون ٿا. روزي ڪمائڻ لاءِ تنهنجي مڙس کي ڪونه ڪو ڌنڌو ته ڪرڻو ئي پوندو آهي. هر ڪم يا ڌنڌي جا ڪي اصول ۽ گهرجون هونديون آهن. تنهن ڪري ڀلو ان ۾ آهي ته تون پنهنجي ڪمن ڪارين کي مڙس جي ڪم يا ڌنڌي پٽاندڙ ترتيب ڏي ته جيئن هو به دلجاءِ ۽ آزاديءَ سان پنهنجو ڪم ڪري سگهي ۽ تون به سڪون سان زندگي گهاري سگهين. رڳو پنهنجي آرام ۽ سهولت جي ڳڻتي نه ڪر، تنهنجي مڙس کي به تو وانگر سڪون سان رهڻ جو حق آهي. سياڻپ، سهپ، صبر ۽ ايثار کان ڪم وٺ ۽ هڪ سگهڙ ۽ هوشيار زال وانگر پنهنجا فرض پورا ڪر. جيڪڏهن تنهنجو مڙس ڊرائيور آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر اچي ته پوءِ تون مرڪي سندس آڌرڀاءُ ڪر ساڻس پيار ۽ محبت جو اظهار ڪر ته جيئن سندس ٿڪاوٽ لهي وڃي، اڻ وڻندڙ ڳالهيون ڪرڻ کان پرهيز ڪر، ۽ سندس ڪم تي اعتراض بنهه نه ڪر. ڀلا ڊرائيوري ڪو خراب ڪم ٿورئي آهي.
هو ويچارو ته توهان جي آرام ۽ سهولت ڪاڻ جان جوکي ۾ وجهي ڊرائيوري ڪندو وتي ٿو ۽ تون وري سندس قدر ڪرڻ بدران کيس ڇينڀين ٿي. تنهنجي اها هلت کيس توکان، گهر ٻار ۽ پنهنجي زندگيءَ کان لاپرواهه ڪري سگهي ٿي. ڀلا سندس ان ڪم ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ هو ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ الائي ڪيتريون تڪليفون سهي ٿو. جيڪڏهن هو واندو هجي ها يا وري ڪو ناجائز ڪم يا ڌنڌو ڪري ها ته پوءِ ڇا اهو چڱو ٿئي ها؟
ڇا اهو تنهنجي لاءِ چڱو ناهي ته تون اهڙي قسم جي زندگيءَ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ۽ خوشيءَ ۽ سڪون سان زندگي گذارين ۽ جڏهن تنهنجو مڙس گهر اچي ته گرم جوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪرين، پيار ۽ محبت وارو ورتاءُ ڪرين ۽ سندس ڪم جي واکاڻ ڪرين، همٿائين ۽ جڏهن هو واپس وڃي ته تون پيار ۽ پاٻوهه مان مسڪرائي کانئس موڪلائين؟ تنهنجي اهڙي هلت سندس دل کي خوش رکندي ۽ هو خوشيءَ مان گهر واپس موٽندو، محنت ۽ شوق سان ڪم ڪندو، گهر سان سندس دلچسپي وڌندي، سندس ذهن پريشانين کان آجو رهندو ۽ هو توهان جي آرام ۽ سهولت جو گهڻي کان گهڻو خيال رکندو ۽ اڃا به وڌيڪ محنت ڪري سگهندو.
جيڪڏهن تنهنجي مڙس جي ڊيوٽي رات جو آهي ۽ هو ويچارو ننڊ آرام ڦٽائي توهان جي لاءِ روزي ڪمائي ٿو ته پوءِ تون به ان پٽاندڙ زندگي گذارڻ سک. جيڪڏهن رات جو توکي اڪيلائي محسوس ٿئي ته پوءِ گهر جا ڪجهه ڪم ڪار رات جو ئي ڪر. رات جو سلائي ڪرڻ ڀرت ڀرن چڱو رهندو. جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪار نه هجي ته پوءِ ڪو ڪتاب ئي پڙهجي. جڏهن تنهنجو مڙس صبح جو ڪم تان واپس گهر اچي ته تون هڪدم سندن نيرن جو بندوبست ڪر ۽ سندس آرام لاءِ هنڌ بسترو تيار ڪري رک ته جيئن هو پنهنجي ٿڪاوٽ لاهي سگهي. ٻارڙن کي سمجهائي ڇڏ ته هو پيءُ جي ڪمري جي ڀرسان گوڙ نه ڪن. تنهنجو مڙس ويچارو سڄي رات جاڳندو آهي تنهنڪري کيس آرام ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
ڀيڻ! توکي پنهنجو پروگرام ٻن قسمن جو ٺاهڻ گهرجي ، هڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي مڙس لاءِ ته جيئن ماحول کي ڇڪتاڻ کان بچائي سگهجي. توکي ڪوشش ڪري پنهنجي مڙس کي آرام ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو دلجاءِ سان پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگهي. توکي سندس ڪم مان عيب نه ڪڍڻ گهرجن. ڀلا واندو ويهي ها يا وري رُلندو وتي ها ته چڱو هو؟ توکي ته فخر هجڻ گهرجي ته تنهنجو مڙس پورهيت آهي ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ سڄي رات جاڳندو رهي ٿو. سندس همت ۽ حوصلي جو قدر ڪر. جيڪڏهن تنهنجو مڙس ڊاڪٽر يا اسڪالر آهي ۽ ڏينهن رات ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿو ته پوءِ تون کيس همٿاءِ ۽ اهڙي مڙس تي ناز ڪر. جيڪڏهن کيس واندڪائي گهٽ ٿي ملي ته توکي گهرجي ته تون سندس ڪم ڪار يا ڌنڌي پٽاندڙ پنهنجا پروگرام سهيڙ ۽ کانئس اها اميد نه رک ته تنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش مطابق ڪم ڪري. کيس آزادي، دلجاءِ ۽ سڪون واري ماحول ۾ پنهنجا ڪم پورا ڪرڻ ڏي. جڏهن هو ڪم ۾ مصروف هجي ته ان وقت تون گهر جو ڪم ڪار ڪر، ڪتاب پڙهه يا وري کانئس موڪل وٺي پنهنجي ساهيڙين ۽ مائٽ سان ملڻ هلي وڃ پر ڪوشش اها ڪر ته جڏهن پنهنجي مڙس جو ننڊ ڪرڻ جو وقت هجي ته تون گهر ۾ موجود هجين. جڏهن هو گهر اچي ته مسڪرائي سندس آڌرڀاءُ ڪر ۽ وڻندڙ لهجي ۾ ڳالهائي سندس ٿڪاوٽ لاهي ڇڏ، سندس ڪم تي اعتراض ڪري سندس ٿڪل ذهن ۽ بدن کي ويتر به نه ٿڪاءِ. جيڪڏهن تون صحيح طريقي سان هڪ زال جا فرض پورا ڪندينءَ ته پوءِ اها ڳالهه نه رڳو تنهنجي مڙس جي عزت ۽ ترقيءَ جو سبب بڻبي پر سندس سماجي ڪمن ڪارين ۾ تون به ساڻس ڀاڱي ڀائيوار ٿيندينءَ.
اهڙن جاکوڙي مردن جون زالون ٿيڻ جي صلاحيت گهٽ عورتن ۾ هوندي آهي. تنهنڪري ڀيڻ تون ايثار، سهپ، صبر ۽ سٺي هلت وسيلي پنهنجي صلاحيتن کي اڃا به وڌاءِ. جيڪڏهن تنهنجي مڙس جو ڪم اهڙو آهي جو سندس وڳو گندو ٿي ويندو آهي ته تون مٿس ٽوڪ ٺٺول نه ڪر ۽ نه ئي کيس اهڙو ڪم ڇڏڻ تي زور ڀر. ظاهر آهي ته هن اهو ڪم سوچي سمجهي چونڊيو هوندو!
ڀيڻ! ڪنهن به قسم جي ڪم ۾ڪا خرابي ڪونهي، ها! واندو ويهڻ يا ناجائز ڪم ڪرڻ ئي عيب آهي. توکي گهرجي ته اهڙي مڙس جو دل سان قدر ڪر جيڪو ويچارو روزي ڪمائڻ لاءِ ايڏي جاکوڙ ڪري ٿو. کيس گهٽ وڌ ڳالهائي سندس دل نه ڏکاءِ ۽ ڪم مٽائڻ لاءِ ساڻس ضد نه ڪر. توکي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪا خبر ڪانهي! ڇا تون سمجهين ٿي ته ڪم يا ڌنڌو بدلائڻ ڪو سولو ڪم آهي؟ اصولي طور تي ڀلا ان ڪم يا ڌنڌي ۾ ڪهڙي خرابي آهي يا تون اهو بدلائڻ لاءِ مڙس کي ڇو تنگ ڪري رهي آهين؟ آخر تيل وڪڻڻ، ڪوئلو وڪڻڻ، مشينن ۽ پرزن کي ٺاهڻ ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ بس، رڳو اهائي خرابي آهي ته سندس وڳو خراب ٿو رهي. ان مسئلي کي نهايت سولائيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن تنهنجي مڙس وٽ ڪم جو يونيفارم ناهي ته پوءِ تون پيار مان کيس چؤ ته، ”ڪم لاءِ ڀلا هڪ ڌار يونيفارم سبراءِ ته سٺو“ جڏهن هو ڪپڙا لاهي ته اهي يڪدم ڌوئي رک. خير... اهو ايڏو وڏو مسئلو ناهي جو ڳالهه وڃي طلاق تي پهچي. ڪجهه عورتن جا بهانا ۽ اعتراض ته کلڻ جهڙا هونداآهن.