3- نسل جي واڌ ويجهه:
شاديءَ وسيلي اولاد پيدا ٿيندي آهي. هڪ ٻارڙو شاديءَ جو منطقي نتيجو هوندو آهي ۽ ڪٽنب جي پيڙهه کي سگهارو ڪرڻ سان گڏوگڏ زال مڙس جي لاڳاپن کي وڻندڙ ۽ جٽادار بنائڻ جو ڪارڻ بڻبو آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ شادي ڪرڻ تي گهڻو زور ڀريو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته، ”خدا جي نشانين منجهان هڪ نشاني اها (پڻ) آهي ته ان توهان لاءِ زندگيءَ جو ساٿي پيدا ڪيو آهي ته جيئن توهان ساڻس پيار ڪريو.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو منهنجي پيروي ڪرڻ چاهي، تنهن کي گهرجي ته اهو شادي ڪري ۽ شاديءَ وسيلي اولاد پيدا ڪري (۽ مسلمانن جي ڳاڻيٽي ۾ واڌارو ڪري) ته جيئن قيامت جي ڏينهن منهنجي امت جو انگ سڀني امتن کان وڌيڪ هجي.“
حضرت علي ؐ فرمائي ٿو ته، ”شادي ڪريو جو اها خدا جي رسولﷺ جي سنت آهي.“
انسان هن دنيا ۾ ان ڪري ناهي آيو ته اهو هڪ مُدي تائين کائي پيئي، سُمهي ، عيش ڪري، مزا ماڻي ۽ پوءِ مري کپي وڃي. انسان هن دنيا ۾ رڳو ان لاءِ آيو آهي ته اهو علم ۽ عمل ۽ مٿانهين اخلاق وسيلي پنهنجي نفس جي سڌاري ۽ سنئين واٽ تي هلي پالڻهار جي ويجهڙائپ حاصل ڪري.
انسان هڪ اهڙي خلقت آهي جيڪا سٺي اخلاق ۽ نفس جي پاڪائيءَ وسيلي براين کان پري ڀڄي ۽ ڀلا ڪم ڪري اهڙي مٿانهين ۽ مانائتي هنڌ تي پهچي سگهي ٿي جتي ملائڪ به نٿا پهچي سگهن.
انسان هن دنيا ۾ اجايو نه آيو آهي پر سندس اچڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو پيغمبرن جي هدايت ۽ رهبريءَ وسيلي دين جي اصولن ۽ قانونن تي عمل ڪري پنهنجا ٻئي جهان ڀلا ڪري ۽ هن دنيا ۾ به سڪون سان رهي ته آخرت جي دنيا ۾ پڻ پالڻهار جي ٻاجهه جي ڇانوَ ۾ رهي آرام سان پنهنجي ابدي زندگي گهاري.
تنهن ڪري انسان جي گهريلو زندگيءَ جي اصل مقصد کي ان پسمنظر ۾ ڳولڻ گهرجي. هڪ ڀلاري ۽ ديندار انسان جي اڳيان شاديءَ جو اصل مقصد اهو هوندو آهي ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ جي سهڪار سان پنهنجي نفس کي گناهن ، بڇڙاين ۽ بداخلاقيءَ کان بچائي ۽ سٺن عملن، وڻندڙ اخلاق ۽ ڪرادار وسيلي پنهنجي نفس جو سڌارو ڪري ته جيئن انسانيت جي مٿانيهن درجي تي پهچي ۽ خدا جي ويجهڙائپ ماڻي. اهڙو سٺو ۽ مٿانهون مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ سٺي، بااخلاق ۽ پيار ڪندڙ زال جي ضرورت نهايت اڻٽر آهي.
هڪ مومن ۽ مومنياڻي شاديءَ ڪٽنب جي جوڙجڪ ڪري پيار ۽ محبت جي پاڇي ۾ سڪون سان رهندي پنهنجون جائز خواهشون سولائيءَ سان پوريون ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح ناجائز لاڳاپا رکڻ، تباهيءَ جي اڏن ڏانهن وڃڻ ۽ پراوَن گهرن ۾ راتيون گذاري پنهنجا گهر ويران ڪرڻ جهڙي بڇڙائيءَ جا حيلا ڪري سگهجن ٿا.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جنهن ماڻهوءَ شادي ڪئي تنهن ڄڻ ته پنهنجو اڌ دين بچائي ورتو.“
ديندار ۽ ڀلاري زندگيءَ جي ساٿيءَ (مرد هجي توڙي عورت) جو وجود فرض پوراڪرڻ، نيڪي ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پري رهڻ جي ڏس ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن زال مڙس ٻئي ديندار آهن ۽ سندن نفس پاڪ آهن ته پوءِ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن سان مُنهن ڏيڻ ۾ نه رڳو کين ڪاڏکيائي نه ٿيندي پر اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري زندگيءَ جي واٽ تي سولائيءَ سان هلي سگهن ٿا.
ڇا الله جي واٽ ۾جهاد ڪندڙ هڪ سپاهي پنهنجي زال جي سهڪار ۽ مرضيءَ کانسواءِ ميدان ملهائي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ ماڻهو پنهنجي زال جي سهڪار ۽ راضپي کانسواءِ رزق حاصل ڪرڻ، علم پرائڻ ۽ پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ مڙني شرعي ۽ اخلاقي پابندين تي هلي سگهي ٿو؟ اجاين خرچن کان ٻارن کان بچي سگهي ٿو؟ ۽ پنهنجي ضروري خرچن کانسواءِ پئسا ڀلن ڪمن ۾ کپائي سگهي ٿو؟
مومن ۽ ديندار پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي نيڪين ۽ چڱاين ڏانهن لاڙيندا آهن، جڏهن ته ان جي ابتڙ واهيات ۽ بداخلاقيءَ ڏانهن ڌڪيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح کيس انسانيت جي پاڪ پوتر مقصد کان پري ڪري ڇڏيندا آهن. انڪري ئي مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ چيو ويو آهي ته زندگيءَ جي ساٿيءَ جي چونڊ ڪرڻ مهل ايمان، ديندار ۽ اخلاق جي ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکن.
پياري پيغمبر ﷺ فرمايو آهي ته الله سائينءَ جو ارشاد آهي: ”جڏهن مان ارادو ڪندو آهيان ته دنيا ۽ آخرت جون هڙئي چڱايون ڪنهن مسلمان شخص لاءِ گڏ ڪيان ته پوءِ کيس فرمانبردار دل، ذڪر ڪندڙ زبان ۽ مصيبتن تي صبر ڪندڙ بدن عطا ڪندو آهيان ۽ کيس اهڙي مومن زال ڏيندو آهيان جو جنهن کي ڏسي ته خوشي ٿئي ۽ جيڪا سندس پرپُٺ پنهنجي نفس ۽ سندس مال متاءَ جي سنڀال ڪري.“
هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ سڳورن جن وٽ آيو ۽ چيائين ته، ”مان جڏهن گهر ۾ گهڙندو آهيان ته منهنجي زال منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ اڳتي ايندي آهي ۽ جڏهن گهر کان ٻاهر ويندو آهيان ته مونکان موڪلائيندي آهي. جڏهن مون کي ڏکويل ڏسندي آهي ته مون کي دلجاءِ ڏيندي آهي ۽ چوندي آهي ته تون رزق روزيءَ لاءِ ڳڻتي نه ڪر، روزيءَ جو ضامن ته خدا پاڪ آهي ۽ جيڪڏهن تون آخرت جي باري ۾سوچي رهيو آهين ته پوءِ شال خدا تنهنجي ان سوچ، ڪوشش ۽ همت ۾ اڃا به واڌارو ڪري. اهو ٻڌي حضور ﷺ جن فرمايو: ”هن دنيا ۾ خدا جا ڪي خاص ۽ ويجها ٻانها آهن ۽ تنهنجي زال به انهن منجهان هڪ آهي. اهڙي زال کي شهيد جي ثواب منجهان اڌ ملندو.“
تاريخ ۾ آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ، حضرت علي رضه ۽ بيبي فاطمه رضه جي شاديءَ کان پوءِ کين واڌايون ڏيڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ لاءِ سندن گهر ويا ۽ حضرت علي رضه کان پڇيائون ، ”تنهنجي زال ڪيئن آهي؟ حضرت علي وراڻيو، ”هوءَ الله جي فرمانبرداريءَ جي واٽ ۾ ڀلي ساٿياڻي آهي.“
تنهن کان پوءِ بي بي فاطمه رضه کان پڇيائون، ”تنهنجو مڙس ڪيئن آهي؟“ جواب مليو، هو ڀلو مڙس آهي.“
حضرت علي رضه ان ننڍري جملي وسيلي اسلام جي هڪ بااخلاق ۽ مثالي عورت جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ گهريلو زندگيءَ جي بنيادي ۽ مکيه مقصد کي پڻ چٽو ڪري ڇڏيو.