مختلف موضوع

زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

مرد ۽ عورت جي ازدواجي  لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي تہ عورت لاشعوري طور تي ئي سھي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي بہ شڪايت رهي آهي تہ مرد گهڻو ڪري  گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو. ھن ڪتاب ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن سان گڏ دلچسپ موضوع زير بحث رھيا آھن، جن ذريعي زال ۽ مڙس جي ازدواجي رشتي کي قائم رکي سگهجي ٿو.

Title Cover of book زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

مڙس جو راضپو ضروري آهي نه ڪي ماءُ جو:

مڙس جو راضپو ضروري آهي نه ڪي ماءُ جو:
ڇوڪري جيستائين پيءُ ماءُ جي گهر ۾ هوندي آهي تيستائين سندن مرضيءَ پٽاندڙ هلندي آهي پر شاديء کان پوءِ جڏهن هوءَ مڙس جي گهر ايندي آهي ته سندس ذميواريون بدلجي وينديون آهن.
شادي کان پوءِ کيس گهرجي ته مڙس جي چڱيءَ ريت سارسنڀال لهي ۽ سندس راضپي کي هر شيءِ کان مٿانهون سمجهي، ايستائين جو جيڪڏهن سندس پيءُ ماءُ ۽ مڙس جي مرضيءَ ۽ خواهش ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ئي فرمانبرداري ڪري ۽ سندس ئي مرضي تي هلي پوءِ چاهي پيءُ ماءُ ناراض ٿين ته ڀلي ٿين، ڇو جو مڙس جي مرضي تي هلڻ جو فائدو اهو ٿيندو جو انهن ٻنهي جي وچ ميٺ محبت وارو ڳانڍاپو اڃا به سگهارو ٿيندو. پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن پيءُ ماءُ جي مرضيءَ کي اوليت ملي ته پوءِ مڙس سان سندس لاڳاپن ۾ ڦوٽ پئجي سگهي ٿي. ڪيتريون ئي مائرون مٿانهين سوچ نه رکنديون آهن ۽ ان ساديءَ ۽ سولي ڳالهه کي ڪونه سمجهي سگهنديون آهن ته ڌيءُ ۽ ڄاٽي کي آزاد ڇڏڻ سان منجهن پيار وڌندو ۽ اهڙيءَ طرح سندن زندگي سٺي نموني گذري سگهندي.
صحيح تعليم ۽ تربيت کان وانجهيل عورتون ان حقيقت کي ڪونه سمجهي سگهنديون آهن، ان ڪري سدائين ان ڳڻتي ۾ هونديون آهن ته سڌيءَ طرح سندس ڪمن ڪارين ۾ دخل ڏينديون آهن ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي پڻ هٿيار جي طور تي ڪتب آڻينديون آهن. کيس لاڳيتو حڪم ڏينديون رهنديون آهن ته مڙس سان هئين هل، کيس هئين چؤ يا هيئن نه چؤ. جيئن ته اٻوجهه ڇوڪري پنهنجي ماءُ کي پنهنجو خيرخواهه سمجهندي آهي. جيڪڏهن ڄاٽو پنهنجي سس جي مرضيءَ تي هلندو رهيو ته پوءِ ته بس، جيڪڏهن نه ته پوءِ ته جهيڙي جهٽي، ڇڪتاڻ ۽ ضد جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.ان ڏس ۾ اهي مورک عورتون ايڏي ته ضد ڪنديون آهن جو کين پرائي زندگي تباهه ٿيڻ جي به ڪاپرواهه نه هوندي آهي. اڪثر ڪري ڇو ڪريءَ کي نصيحت ڪرڻ ۽ مڙس سان سٺو ورتاءَ ڪرڻ بدران سندس مڙس جا عيب پيو اُگهاڙينديون آهن ۽ چونديون رهنديون آهن ته، ”منهنجي نياڻي جي ته قسمت ئي خراب ٿي وئي. ڪيڏا ته سٺا سٺا رشتا آيا هئا پر اسان ڪاريءَ کاڌو جو هُن نڀاڳي سان پنهنجي ڌيءَ پرڻائي سين. منهنجي ڀاڻيجيءَ کي ڏسو! ڪيئن نه مزي سان پئي گذاري. فلاڻي کي ته ڏسو! ڪيئن نه پنهنجي زال کي روزانو نوان ويس وڳا ٿو وٺي ڏي. منهنجي ڌيءَ ڀلا ٻين کان گهٽ آهي جو اهڙي زندگي گذاري؟“
اهڙيون ڳالهيون جيڪي همدرديءَ طور چيون وينديون آهن، اهي ڇوڪريءَ کي مڙس ۽ گهر کان بيزار ڪرڻ جو سبب بڻبيون آهن. اهڙي طرح هوريان هوريان ڇوڪريءَ جي دل ۾ زهريلا خيال پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هوءِ بهانا ڳولي مڙس سان جهيڙو جهٽو ڪري کيس ايذائيندي رهندي آهي. ماءُ وري ڌيءَ جي ئي ڀر وٺندي آهي ۽ نيٺ پنهنجي ضد پوري ڪرڻ لاءِ ڌيءَ جو گهر تباهه ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندي آهي. هيٺ ڪجهه واقعا ڏجن ٿا جن کي ڌيان سان پڙهو.
هڪ ٽيهن سالن جي ڌيءَ پنهنجي پنجاهه سالن جي ماءُ جنهن کيس مڙس کان ڌار ڪرايو هو، کي ماري ڇڏيو. ان عورت ٻڌايو ته منهنجي ماءُ سدائين منهنجي اڳيان منهنجي مڙس جا عيب ڪڍندي ۽ گلا ڪندي هئي ۽ مٿس، مون کان ۽ گهر کان لاپرواهه رهڻ جو الزام هڻندي هئي. نيٺ مون ۽ منهنجي مڙس ۾ اڻبڻت ٿي پئي ۽ معاملو وڃي طلاق تي بيٺو. طلاق کان پوءِ مون کي پڇتاءُ ٿيو، ڇو جو منهنجو مڙس مون کان ڌار ٿيڻ جي ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجي ماسات سان مڱڻو ڪري ورتو. ان ڳالهه مون کي سخت صدمو رسايو ۽ پوءِ مان ڪاوڙ ۽ ڏک مان پنهنجي ماءُ کي ماري وڌو.“
هڪ 39 سالن جي مرد کي پنهنجي زال ۽ سَسُ ايڏو ته تنگ ڪري ڇڏيو جو هن آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. هن جيڪو خط ڇڏيو تنهن ۾ لکيل هو ته، ”منهنجي زال پنهنجي اڍنگي هلت جي ڪري مونکي ايڏو ته آزاريو جو مان کانئس ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آپگهات ڪري رهيو آهيان. منهنجي موت جي ذميوار منهنجي زال ۽ سندس ماءُ آهن.
ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڇوڪريون اهڙي قسم جي نادان ۽ خود غرض مائرن جي فرمانبرداري ڪنديون ۽ سندن غلط خيالن جو اثر وٺنديون ته پوءِ پڪ سان پنهنجا ٺَهيا ٺُڪيا گهر ڊاهي ويهنديون. تنهن ڪري جيڪا عورت خوش گذارڻ چاهي، تنهن کي گهرجي ته سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ پنهنجي ماءُجو چيو نه مڃي. هڪ سياڻي ۽ هوشيار عورت سدائين خبرداريءَ کان ڪم وٺندي آهي ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جي صلاح ۽ ان جي نتيجن تي سوچيندي آهي. جيڪڏهن ماءُ کيس سٺي هلت هلڻ جي لاءِ چوندي رهي ته پوءِ هوءَ سمجهي ويندي آهي ته سندس ماءُ خيرخواهه ۽ سياڻي عورت آهي ۽ ان صورت ۾ پنهنجي ماءُ جو چيو مڃڻ نهايت ضروري آهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ماءُ، ڌيءُ جا ڪن ڀري کيس مڙس کان پري ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سمجهيو ته هوءَ ڌيءَ جي دشمن آهي. ان صورتحال ۾ ٻن رستن مان هڪ تي ئي هلي سگهجي ٿو. يا ته ماءُ جي اشارن تي هلي ۽ بهانا گهڙي مڙس کي تنگ ڪندي رهي يا وري ماءُ جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏي ۽ مڙس جي راضپي ۽ خوشيءَ جو خيال رکي. هڪ سياڻي عورت پهرين واٽ تي ڪڏهن به نه ٿي هلي سگهي ڇو جو هو سوچيندي آهي ته، ”مان جيڪڏهن ماءُ پيءُ جي ڳالهين تي عمل ڪيو ته پوءِ ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو مان سڌي واٽ تان لهي وينديس ۽ پوءِ سڄي زندگي مڙس سان جهيڙا جهٽا ڪندي گذرندي ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو، منهنجي مڙس ۽ ٻارڙن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. ائين به ٿي سگهي ٿو مان پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي پيڪين اچي ويهان. پوءِ مونکي سڄي عمر پيءُ ماءُ جي مٿي تي رهڻو پوندو ۽ هو مونکي هڪ گهرڀاتيءَ جي حيثيت سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا ۽ مونکي پنهنجي مٿان بار سمجهي مون مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا. بس، پوءِ ته مون کي عذابن ۾ گذارڻو پوندو ۽ ڀائرن، ڀينرن ۽ ڀاڄاين جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا پوندا. ان کان سواءِ ٻيا به الائي جي ڪهڙا سور سهڻا پوندا. خبر ناهي ته منهنجو ٻيو مڙس الائي جي ڪيئن هوندو؟ ٿي سگهي ٿو ته مان سندس عيب ڏسي کانئس دلچسپي گهٽائي ڇڏيان، جنهن ڪري هو پريشان ٿي ڪو خطرناڪ فيصلو به ڪري سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ مان ئي پنهنجو انت آڻي ويهان. پوءِ ته دنيا به هلي ويندي ته آخرت پڻ.“
اهڙين حالتن ۾ مسئلي جي سڀني پاسن تي ويچارڻ گهرجي ۽ ان جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪجي. ماءُ کي پڻ نرميءَ سان سمجهائجي ته، ”ان مرد سان شادي منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي، تنهن ڪري هاڻي مون لاءِ اهوئي چڱو آهي ته هر حال ۾ خوش رهيا ۽ ان گڏيل زندگي کي خوشين سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ پنهنجي سٺي اخلاق ۽ ڪردار وسيلي پنهنجي مڙس کي راضي ۽ خوش رکان. مون کي به اهو ئي خوش رکي سگهي ٿو. اهو ئي منهنجو ساٿي ۽ غمخوار آهي. منهنجي نظر ۾ کانئس وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڪونهي. جيڪي مسئلا ٿياسي اسان پاڻ ئي حل ڪنداسين ۽ جيڪا به مصيبت ڪڙڪي تنهن کي پاڻ ئي منهن ڏينداسين. توهان جي وچ ۾ پوڻ ڪري اسان جي ازدواجي زندگي تباهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن توهان لاڳاپا هلائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسان جي ذاتي زندگي ۾ دخل نه ڏيو ۽ منهنجي مڙس جي گلا غيبت نه ڪريو نه ته مان اوهان سان تعلق ٽوڙي ڇڏينديس.“
جيڪڏهن تنهنجي انهن ڳالهين جو تنهنجي ماءُ تي سٺو اثر پئي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي هلت چلت به بدلائي ٿي ته هوند سٺو پر جيڪڏهن هوءَ ضد ٻڌيو بيٺي آهي ته پوءِ سٺو ٿيندو ته ماءُ وٽ اچڻ وڃڻ گهٽائي ڇڏ. اهڙي طرح تون پنهنجي ڪٽنب کي تباهه ڪرڻ جهڙي خطري کي ٽاري سڪون سان زندگي گذاري سگهين ٿي. ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته مٽن مائٽن جي نظر ۾ تنهنجي عزت گهٽجي وڃي، پر ان جي ڪابه ڳڻتي نه ڪر ڇو جو ان جي موٽ ۾ تنهنجي مڙس جي محبت ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌارو ٿيندو ۽ سندس نظرن ۾ تنهنجي عزت پڻ وڌي ويندي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀلي عورت اها آهي جنهن جا گهڻا ٻارڙا هجن. مڙس سان محبت ڪندڙ، پرهيزگار ۽ لڄادار هجي، پنهنجي مڙس لاءِ هار سينگار ڪري، پاڻ کي ڌارين کان بچائي، مائٽن جي ڀيٽ ۾ مڙس جي ڳالهه مڃي ۽ سندس فرمانبرداري ڪري. جڏهن ٻئي اڪيلا هجن ته پوءِ مڙس جي ارادي تي عمل ڪري، پر هر حال ۾ شرم ۽ حياءَ کي هٿان نه ڇڏي.“
وڌيڪ فرمايائون ته، ”توهان مان خراب عورت اها آهي جيڪا پنهنجي مٽڻ مائٽن جي فرمانبرداري ڪري پر مڙس جي ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏي، ساڙ ۽ حسد ڪندڙ هجي، بڇڙن ڪمن کان پاسو نه ڪري، مڙس جي پَرپُٺ هار سينگار ڪري، اڪيلائيءَ ۾ مڙس جي خواهش کي رد ڪري، سندس عذر کي قبول نه ڪري ۽ سندس گناهن کي معاف نه ڪري.“