گهرساجهر اچڻ گهرجي:
مرد شاديءَ کان اڳ آزاد هوندو آهي، وڻيس ته ساجهر اچي ياوڻيس ته دير سان اچي. کيس ڪا جهل پل ڪونه هوندي آهي. پر شاديءَ کان پوءِ کيس پنهنجو پروگرام بدلائڻ گهرجي ۽ ساجهر گهر اچڻ گهرجي.
مڙس کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سندس زال صبح کان شام تائين گهر ۾ هڻ هڻان ڪندي رهندي آهي. گهر جاڪم ڪار لاهي شام جو مڙس جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي ته جيئن ساڻس ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪجن. ٻارڙا به پيءُ لاءِ پيا واجهائيندا رهندا آهن. تنهن ڪري اها ڳالهه بنهه سٺي ناهي ته مرد رات جو گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستن وٽ وقت ڪاٽڻ يا ڀوڳ ٺڪاءُ ڪرڻ لاءِ هليو وڃي ۽ جڏهن ته ويچاري زال ۽ ٻارڙا سندس اوسيئڙي ۾ ويٺا رهن. ڇا مڙس جو فرض رڳو اهو آهي ته زال لاءِ کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪري؟ زال، زندگيءَ جي ساٿياڻي هوندي آهي، نه ڪي پگهاردار نوڪرياڻي. هوءَ مڙس جي گهر ۾ ان ڪري نه ايندي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪري ۽ موٽ ۾ کيس مانيءَ ڳڀو ملي. پر هوءَ مڙس وٽ اها اميد کڻي ايندي آهي ته ٻئي سدائين هڪ ٻئي جا ڏک ونڊيندڙ، ساٿي ۽ هڏ ڏوکي بنجي زندگي گذاريندا. ڪي مرد انسانيت، جذبن ۽ احساسن کان سکڻا هوندا آهن. اهي پنهنجي پرهيز گار زال ۽ ابهم ٻارڙن کي گهر ۾ ته اڪيلو ڇڏيندا آهن پر پاڻ وڃي اڌ اڌ رات تائين سير سپاٽو ، ڪچهريون ڪندا رهندا آهن.
اهي پئسا ڏوڪڙ جيڪي گهر ۾ خرچ ٿيڻ کپن سي گهر کان ٻاهر اڏائيندا رهندا آهن. اصل ۾ انهن ويچارن سچي محبت جو مزو چکيو ئي ناهي هو فضول ۽ بيهودي عياشيءِ کي تفريح سمجهندا آهن. کين ايترو به خيال ناهي ته ان هلت ڪري سندن عزت ۽ حيثيت ڌوڙ ۾ ملي سگهي ٿي. ائين ڪري نه رڳو هو پاڻ کي خوار خراب ڪن ٿا ۽ پر ويچاري بي گناهه زال ۽ ٻارن کي به بدنام ڪن ٿا. نيٺ تنگ ٿي زال کانئس طلاق جي گُهر ڪندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح شادي، شده زندگيءَ جا بخيائي اڊڙي وڃن ٿا.
عبرت پرائڻ لاءِ هيٺيان واقعا پڙهو:
هڪ ماڻهوءَ جنهن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ڪورٽ ۾ چيو ته، ”شاديءَ جي مهڙين ڏهاڙن ۾ مان جوانيءَ جي نشي ۾ مست لڳو پيو هوندو هوس ۽ هر رات پنهنجي زال کي اڪيلو گهر ۾ ڇڏي خراب سنگتين سان عياشي ڪرڻ هليو ويندو هوس ۽ صبح جو سوير گهر موٽي ايندو هوس. اهو سلسلو ڪيترائي سال هلندو رهيو. نيٺ منهنجي زال انهن حرڪتن کان تنگ ٿي مون کان طلاق گهري. مان ائين ئي ڪيو. اسان کي ٻارڙا به هئا جن لاءِ اهو طئي ٿيو ته مان مهيني ۾ ٻه ڀيرا ساڻن ملندس. ڳچ وقت تائين ائين ئي ٿيندو رهيو. پر ڪجهه عرصي کان اهي پنهنجي ماءُ سان گڏجي الائي جي ڪيڏانهن هليا ويا آهن ۽ مان کين ڏسڻ لاءِ ماندو آهيان.“
هڪ عورت ٻڌايو ته، ”مان اڪيلائيءَ کان تنگ ٿي چڪي آهيان. منهنجي مڙس کي منهنجي ۽ منهنجي اڪيلائيءَ جو ڪو احساس ئي ڪونهي. هو روزانو گهمي ڦري ۽ دوستن سان ڪچهريون ڪري اڌ رات ڌاري گهر موٽندو آهي.“
محترم ڀاءُ! توهان خير سان ٻارن ٻچن وارا آهيو، تنهن ڪري هاڻي توهان کي پهرين وانگر آزاديءَ سان گهمڻ ڦرڻ جو ڪو حق ناهي. پنهنجي آئندي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ڪا ڳَڻ ڳوت ڪريو. اجايو رلڻ پنڻ ۽ عياشيءَ کان پاسو ڪريو، واندن ۽ واهيات دوستن کان جان ڇڏايو ۽ ڪم ڪار کان واندا ٿي سڌو گهر اچو، پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سان ويهو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو حقيقي مزو وٺو. جيڪڏهن توهان سٺن دوستن سان اٿو ويهو ٿا ۽ سندن ڪچهريءَ ۾ وقت گذاريو ٿا ته اها سٺي ڳالهه آهي پر اڌ اڌ رات تائين گهر کان ٻاهر رهڻ بنهه سٺو ناهي. اها ڳالهه سچ پچ ته توهان جي لاءِ هاڃيڪار آهي.