ٻارڙن جي پيدائش:
هڪ ڳالهه جيڪا زال مڙس ۾ اختلاف پيدا ڪندي آهي سا آهي ٻار جي پيدائش. اهو اختلاف هيئن ٿيندو آهي جو ڪڏهن زال چاهيندي آهي ته ٻار پيدا ٿئي ۽ مڙس وري ان جي مخالفت ڪندو آهي يا وري ڪڏهن ان جي ابتڙ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ڇڪتاڻ ايڏي خطرناڪ ٿي ويندي آهي جو ڳالهه وڃي طلاق تي دنگ ڪندي آهي.
هڪ عورت ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، ”مان ستاويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پسند تي يونيورسٽيءَ جي هڪ استاد سان شادي ڪئي هئي. پر منهنجو مڙس ٻار ڄڻڻ جو مخالف آهي. سندس ان ڳالهه مون کي سخت پريشان ۽ بي چين ڪري ڇڏيو آهي. اصولي طور تي اسان ٻئي خوش چڱا ڀلا آهيون ۽ ٻار ڄڻي سگهون ٿا ۽ پئسي پائيءَ جي ڪابه پاڻ وٽ کوٽ ڪونهي. مطلب ته هر لحاظ کان اسان ٻار ڄڻڻ ۽ ٻار پالڻ جي لائق آهيون. مان اڄ ڏينهن تائين اهو سمجهي ناهيان سگهي ته منهنجو مڙس ٻار ڄڻڻ جي خلاف ڇو آهي. جيتوڻيڪ کيس ٻار ڏاڍا سٺا به لڳندا آهن ۽ پنهنجي ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽين ۽ دوستن جي ٻارن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. ٻيو ڪو ڏسي سمجهندو ته هن ويچاري جو ته ٻارن لاءِ ساهه ٿو وڃي. هاڻي منهنجي عمر ٽيهه ورهيه ٿي وئي آهي ۽ ان عمر ۾ هر عورت ماءُ ٿيڻ جي خواهشمند هوندي آهي. منهنجي مڙس کي منهنجي ان خواهش جي چڱيءَ ريت پروڙ آهي پر ان جي باوجود به هو چئي ٿو ” ٻار اسان کي تنگ ڪندا تنهن ڪري انهن کي ڄڻڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“
ايترو چئي ان عورت جي اکين مان لڙڪ وهڻ وارا هئا، هن مشڪل سان پاڻ کي سنڀاري ورتو. لڳو ٿي ته هوءَ ڏاڍو ڏکاري هئي ۽ چاهيائين ٿي ته مڙس کان طلاق وٺي ٻي شادي ڪري پنهنجي ماءُ ٿيڻ جي خواهش پوري ڪري سگهي.
ٻار ڄڻڻ انسان ته ڇا پر هر جانور جي به خواهش هوندي آهي. ٻارڙي جو وجود شاديءَ جو سٺو ثمر ۽ ڀلو يادگار ليکيو ويندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو اولاد وارو آهي ته مرڻ کان پوءِ سندس يادون ختم نه ٿي وينديون آهن پر ڄڻ ته سندس عمر ڊگهي ٿي ويندي آهي. بي اولاد ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي وارث سمجهندو آهي ۽ اهو احساس خاص ڪري ڪُراڙپ ۾ وڌي ويندو آهي. ٻارڙي جو وجود ڪٽنبي زندگيءَ کي ڏاڍو وڻندڙ بنائي ڇڏيندو آهي. جنهن گهر ۾ ٻار نه هوندو آهي سو گهر ڄڻ ته سُڃو ۽سکڻو لڳندو آهي.
امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”ڀلي اولاد ماڻهوءَ جي ڀاڳ جو سبب بڻبي آهي.“
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”گهڻي اولاد پيدا ڪيو ته جيئن قيامت ڏينهن مان توهان جي گهڻائيءَ ڪري ٻين امتن کان وڌيڪ فخر ڪريان.“
جي ها! اولاد سان محبت هڪ فطري ڳالهه آهي پر ڪي ماڻهو وري قدرت جي قانون جي ڀڃڪڙيءَ ڪري هڪ قسم جي بيماريءَ ۾ ڦاسي پونداآهن ۽ غربت ۽ محتاجيءَ جو بهانو ڪندا آهن. جيتوڻيڪ روزيءَ جي ضمانت ته خدا ڏني آهي ۽ اهو ئي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزي ڏيندو آهي. بڪر بن صالح چئي ٿو ته، ”حضرت ابوالحسن عه کي لکيو ته مان پنجن سالن کان ٻار ڄڻڻ کان لنوايان پيو ڇو جو منهنجي زال راضي ناهي. هوءَ چئي ٿي ته اسان غريب آهيون، تنهن ڪري ٻار نه ڄڻجن. ان ڏس ۾ توهان جو ڇا رايو آهي؟“ پاڻ مونکي لکيائون ته، ”ٻار ڄڻڻ کان نه لنوايو ڇو جو رزق ته خدائي ڏيندو آهي.“
ڪي ماڻهو رزق جي تنگيءَ کان ٻار ڪونه ڄڻيندا آهن پر الله پاڪ ٻارڙي جي برڪت سان سندس ماءُ پيءُ جو رزق ڪشادو ڪندو آهي. مان اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ صفا ڀينگيا هوندا هئا پر پوءِ جڏهن کين ٻار ڄاوا ته اهي آسودا ٿي ويا. ڪي ماڻهو وري ٻار جي وجود کي پنهنجي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهندا آهن پر ائين ناهي. ٻار ته ماءُ لاءِ وندر ورونهن ۽دل وندرائڻ جو سٺو وسيلو هوندو آهي.
اهو صحيح آهي ته ٻار جي پالنا ۽ تعليم ۽ تربيت ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن پر جيئن ته اهو هڪ فطري عمل آهي تنهن ڪري ان سان منهن ڏيڻ بنهه ڏکيو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ اهي زال مڙس ڪيڏا نه خود غرض ۽ گهٽ سوچ وارا ٿيندا آهن جيڪي ٻار ڄڻڻ جي مسئلي تي پاڻ جيهڙا ڪندا آهن چَٽُ ٿيند ا آهن ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ازدواجي زندگيِءَ جي مقدس ٻنڌڻ کي ٽوڙي ويهندا آهن.
ڇا هڪ سياڻي سيبتي مرد کي اها ڳالهه سونهين ٿي ته هو ٻار ڄڻڻ جي خطري يا خواهش جي مخالفت ڪري ۽ ان ڳالهه تي ايڏي ڳنڍ ڏئي بيهي جو ازدواجي زندگيءَ جا بنياد ڌڏي پون؟ ڪن ماڻهن وٽ وري ٻار ڄڻڻ جي مسئلي تي نه پر دير سوير جي معاملي تي ڇڪتاڻ ٿيندي آهي.
زال يا مڙس مان ڪو به هڪ چوندو آهي ته، ”جوانيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۽ آزاديءَ سان گذارڻ گهرجن ڇو جو ٻار جو وجود سندن آزاديءَ ۾ رڪاوٽ بڻبو آهي. جوانيءَ ۾ ٻار نه ڄڻجن ته ڀلو. باقي عمر جي آخر حصي ۾ ٻه ٽي ٻار ڄڻي ڇڏجن ته ڪا ڳالهه ناهي.“ پر انهن مان هڪ ٻئي جي ڪونه ٻڌندو آهي ۽ پوءِ ڳالهه جهيڙي جهٽي تائين پهچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها ڇڪتاڻ طلاق جو سبب پڻ بنجي ويندي آهي. هڪ ڳالهه اوهان کي چوندا هلندا سين ته شادي کان پوءِ جيترو جلد ٿي سگهي ته ٻار ڄڻي وٺو ڇو جو جوانيءَ جي دور جي اولاد پوڙهائپ جي ڏينهن جي اولاد کان وڌيڪ سٺي هوندي آهي. پهرين ڳالهه ته جوانيءَ جا ٻار وڌيڪ تندرست ۽ طاقتور هوندا آهن ۽ ٻيو ته جيئن ته کين زندگيءَ جو ڳچ وقت ماءُ پيءُ سان گڏ گذارڻ جو موقعو ملندو آهي تنهن ڪري سندن تعليم تربيت سٺي نموني ٿي سگهندي آهي. ان جي ابتڙ پوڙهائپ جي اولاد عام ڪري تعليم ۽ تربيت کان صفا وانجهيل رهجي ويندي آهي ۽ ماءُ پيءُ جي موت يا سندن معذور ٿيڻ ڪري اها دربدر ۽ محتاج بڻجي ويندي آهي.
ٽيون هي ته جوانيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارڙا، جيستائين سندن ماءُ پيءُ پوڙها ۽ ريٽائرٿين، ڪنهن نوڪريءَ سان لڳي ويند آهن، اهڙي ءَ طرح پوڙهائپ ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي روزگار لڳل اولاد جي مدد سان زندگي سٺي نموني گذاريندا آهن. تنهن ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جوانيءَ ۾ اولاد جي پيدائش، پوڙهائپ جي دور کان ڀلي آهي پر اها ڳالهه ايڏي اهم به ناهي جو ان جي ڪري ويڙهه جيهڙ ٿي پوي ۽ معاملو طلاق تائين پهچي وڃي. ڪڏهن ته وري ٻارڙن جي تعداد جي مسئلي تي به ڇڪتاڻ ٿيندي آهي. مرد چاهيندو آهي ته ٻار گهڻا ٿين پر زال سندس مخالفت ڪندي آهي يا وري ان جي ابتڙ ٿيندو آهي.
هڪ عورت جيڪا ٻن ٻارن کي هنج ۾ کنيو ويٺي هئي تنهن ٻڌايو ته، ”شاديءَ کان پوءِ چئن سالن جي اندر مون کي ٻه نياڻيون ڄايون پر منهنجي مڙس کي جيئن ته پٽ جي خواهش هئي تنهن ڪري مان وري ٽيهر ڳورهاري ٿي ويس. پر هن ڀيري به منهنجي مڙس جي خواهش جي ابتڙ مون کي ڌيءَ ڄائي ۽ هاڻي مون کي ٽي ڌيئر آهن، منهنجي مڙس کي بينڪ ۾ نوڪري آهي ۽ سندس پگهار به ايتري آهي جو اسان ٻنهي زال مڙس ۽ ٽن ٻارن جو گذران مشڪل سان ئي ٿيندو آهي. پاڻ ضد ڪيو بيٺو آهي ته مان ٻار ڄڻڻ جو سلسلو جاري رکيو اچان ته جيئن ڪڏهن نه ڪڏهن پٽ ڄمي پوي. مان ائين نه ٿي چاهيان ڇو جو اسان غريب آهيون ۽ گهڻا ٻار پالڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونهي. مان هزار ڀيرا کيس سمجهايو آهي ته ڌيءَ ۽ پٽ ۾ ڪو فرق ڪونهي پر هو منهنجي ته ٻڌي ئي ڪونه ٿو. مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي وري ڌيءَ نه پيدا ٿي پئي ۽ هو وري پٽ جو بهانو ڪري پنجون ٻار به نه ڄڻائي.مان اهو ئي مسئلو کڻي ڪورٽ ۾ آئي آهيان.“
هتي اها ڳالهه پڻ ٻڌائڻ ضروري آهي ته گهڻن ٻارڙن جو خرچ پورو ڪرڻ سندن تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪرڻ ههڙي مهانگائيءَ جي دور ۾ گهٽ آمدني ءَ وارن ماڻهن لاءِ نهايت ڏکيو ڪم آهي. سٺو آهي ته زال مڙس هٺ ۽ هوڏ تان لهي پنهنجي مالي حالتن کي آڏو رکي اولاد جي انگ تي اتفاق ڪن. هونئن به ضد يا هٺ ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ٿوروئي آهي. تنهن ڪري زال مڙس کي سياڻپ کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽کين گڏجي ڪري مسئلن سان منهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ ضد تي بيٺو هجي ۽ ٻيو صبر ڪري ته پوءِ نه ويڙهه جهيڙ ٿيندي ۽ نه ئي ڳالهه طلاق تائين پهچندي.
اصل ۾ هي موضوع ايترو اهم ناهي. گهڻي اولاد يا گهٽ اولاد وارا ڪٽنب ته کوڙ هونداآهن. تنهن ڪري رڳو ايتري ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ شاديءَ جهڙي مقدس ٻنڌڻ کي ٽوڙڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي ۽ نه ئي ڪنهن جي فائدي ۾ آهي.
ڪڏهن زال مڙس ۾ پٽ ۽ ڌيءَ جي مسئلي تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوندي آهي. اڪثر زال مڙس، پُٽ کي ڌيءَ تي اوليت ڏينداآهن ۽ ڌيءَ جي ڄمڻ سان کين ڪا به خوشي ناهي ٿيندي، جيڪڏهن ڌيءَ ڄمي پوندي آهي ته زال ته ماٺ رهندي آهي پر مڙس ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو آهي.
ڪي مرد ڌيءَ جي ڄمڻ تي دل ڏکارا ٿي ويندا آهن پر صبر کان ڪم وٺندي ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪندا آهن پر سندن منهن ضرور لهي ويندو آهي ۽ ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ زال جي پوريءَ طرح پر گهور ڪونه لهنداآهن. ڪي مرد وري شديد رد عمل ڏيکاريندا آهن ۽ پنهنجي بي گناهه زال سان وڙهندا ۽ بهانا ٺاهي کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن. ڪي ته وري اها حد به ٽپي ويندا آهن ۽ زال کي مارڪٽ ڪندا آهن ۽کيس طلاق ڏيڻ کان به ڪيٻائيندا آهن.
هڪ عورت ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، ”ڏيڍ سال کن اڳ منهنجي شادي ٿي هئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ مان ڳورهاري ٿي ويس. منهنجو مڙس مون کي چوندو هو ته پٽ ڄڻجانءِ. مون کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ منهنجي پيٽ ۾ هڪ بدران ٻه ٻار آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اسپتال ۾ مون کي ٻه ڌيئر ڄايون. جڏهن نرس مون کي اها خبر ٻڌائي ته مون خوشيءَ ۾ نٿي ماپيس. جڏهن منهنجو مڙس مون کي ڏسڻ اسپتال آيو ته ٻن ڌيئرن جي خبر ٻڌي ڪاوڙجي پيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. رات جو جڏهن هو مون کي وٺڻ لاءِ آيو ته مان کيس چيو ته ادڙين کي کڻ ته هلون.“ تنهن تي هن رڙيون ڪندي چيو ته، ”تون جاڙيون ڌيئر ڇو ڄڻيون؟ انهن کي هتي ئي ڇڏي هل.“ مان سندس اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي هن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مان هاڻي پيڪين ۾ پئي رهان ۽ هتي ڪورٽ ۾ طلاق جي درخواست ڏني آهي.“
هڪ عورت ڪورٽ ۾ روزاني ”اطلاعات“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته، ”مان پنهنجي شاديءَ جا ايڪيهه سال رت جا ڍڪ پي گذاريا آهن. پنجن ڌيئرن ڄڻڻ کان پوءِ هاڻي مون کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيوپيو وڃي. ڇو جو منهنجو مڙس هڪ اهڙي عورت سان وهانءُ رچائڻ ٿو چاهي جيڪا رڳو پُٽ ڄڻي سگهي. مون کي پنج ڌيئر آهن ۽ سڀئي سُهڻيون سيبيتيون، ذهين ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍيون هوشيار آهن ۽ هنن ويچارين ڪڏهن به پيءُ کي تنگ نه ڪيو آهي. جيڪڏهن خدا مونکي پُٽ نه ٿو ڏئي ته ڀلا مان ڇا ڪيان؟“
افسوس جو اها بڇڙي عادت ڪيترن ئي مردن ۾ هوندي آهي. اها عادت اصل ۾ ان جهالت واري دور جي ياد ڏياري ٿي جڏهن مردن کي عورتن جي انسان هجڻ ۾ شڪ هوندو هو ۽ اهي ساڻن جانورن کان به خراب ورتاءَ ڪندا هئا. جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ ڌيءَ ڄمندي هئي ته پوءِ سندس پيءُ برادريءَ ۾ ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهندو هو، تنهن ڪري اهي بي گناهه نياڻين کي جيئرو پوري ڇڏيندا هئا. قرآن پاڪ انهن ماڻهن جي باري ۾ فرمايو آهي ته:
”۽ جڏهن انهن مان هڪڙي کي ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ڏني وڃي ته ان جو منهن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ هو رنج ٿيندو آهي. جا خوشخبري کيس ٻڌائي وئي آهي ته ان جي رنج سبب قوم کان لڪندو وتندو آهي. ڇا ان کي جيئرو رکي ذلت سان يا کيس زمين ۾ پوري؟ ڏسو: اهي ڪيڏي نه بي انصافيءَ کان ڪم پيا وٺن.“
پر اسلام اهڙي ڪڌي ڪرتوت جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ مردن ۽ عورتن کي برابر ڪري ڇڏيو. پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان سڀ پهرين ڌيءَ ڄمي.“
پاڻ ﷺ اهو به فرمايائون ته، ”اها عورت ڀاڳ واري آهي جنهن کي سڀ کان پهرين ڌيءَ ڄمي.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”جيڪو شخص ٽن ڌيئرن يا ٽن ڀينرن جي پالنا ڪري تنهن کي بهشت ضرور ملندو.“
مانوارا ڀاءُ! توهان روشن خيال ۽ سڌريل هجڻ جي دعويٰ ڪريو ٿا، تنهن ڪري ان غلط سوچ کي ذهن مان سدائين لاءِ ڪڍي ڇڏيو. ڀلا ڌيءَ ۽ پٽ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي؟ ٻئي توهان جي ئي اولاد ته آهن ۽ ٻئي انسان ته آهن. جيڪڏهن نياڻيءَ کي صحيح طريقي سان تعليم ڏياري وڃي ۽ سندس تربيت ڪئي وڃي ته پوءِ هوءَ به معاشري ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح پنهنجي پيءُ ماءُ جو مان مٿانهون ڪري سگهي ٿي. ڌيئر ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پُٽن کان به مٿي هونديون آهن، جهڙوڪ: ڌيئر پنهنجي پيءُ جو گهڻو خيال رکنديون آهن پر پُٽ کي آزاد سمجهندا آهن ۽ پنهنجي والدين تي ڪو ڌيان نه ڏيندا آهن. ڪيترائي پٽ اهڙا به هونداآهن جيڪي والدين لاءِ آزار بڻجي وينداآهن ۽ ڪي وري والدين کي آزار ته ڪونه ڏيندا آهن پر کين ڪو خاص فائدو به ڪونه پهچائيندا آهن. پر ڌيءَ ويچاري هر حال ۾ پيءُ ماءُ سان راضي رهندي آهي. جيڪڏهن ماءُ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ ۾ ڪو فرق نه ڪن ۽ ڌيئرن جا حق نه ڦٻائين ته پوءِ اهي سدائين ڌيئرن جي نظرن ۾ مانائتا ۽ پيارا رهي سگهن ٿا.
مالي لحاظ کان به ڌيءَ، پٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ خرچائو هوندي آهي ۽ ماءُ پيءُ وٽ رهڻ جو مدو به ويچاريءَ جو ٿورو هوندو آهي. وڏي ٿيندي ئي ٿورو ٿڪو ڏاج کنيو مڙس جي گهر هلي ويندي آهي. کيس پرڻائڻ کان پوءِ پيءُ ماءُ سندس فرض کان آجا ٿي ويند ا آهن پر ان جي ابتڙ پٽ سڄي عمر پيءُ ماءُ جي مٿي تي بار هوندو آهي. سندس تعليم جا خرچ ڀرڻ، نوڪري وٺرائي ڏيڻ يا ٻي ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳائڻ ۽ شادي ڪرائڻ ۽ شاديءَ جا خرچ پکا ڀرڻ، پيءُ ماءُ جي ئي ذميداري هوندي آهي.
جيڪڏهن پيءُ ماءَ، ڌيءَ ۽ پٽ ۾ ڪو فرق نه ڪن ۽ پنهنجي ڄاٽي سان سٺو ورتاءَ ڪن، کيس پنهنجو پٽ سمجهن ۽ مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ سندس مدد ڪن ته پوءِ هو مٿن گهور گهور پيو ويندو آهي.
اصولي طور تي ڌيءَ جي پيدائش ۾ آخر زال ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو مڙس اعتراض ٿا ڪن؟ ڌيءُ ڄمڻ ۾ ته اهي ٻئي شامل هونداآهن.
ٿي سگهي ٿو ته زال، مڙس تي اعتراض ڪري ته ڌيءَ ڇو پيدا ڪيئي؟ حقيقت ۾ ان معاملي ۾ڪو به ڏوهدار نه هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ته خدا جي مرضيءَ سان ٿيندو آهي. هو جنهن کي وڻيس ڌيءَ ڏي ۽ جنهن کي وڻيس ته پُٽ ڏي. ڪجهه طبي ماهرن جو خيال آهي ته پُٽ يا ڌيءَ جي ڄمڻ جو دارو مدار پيٽ ٿيڻ جي مُهڙين ٻن مهينن ۾ ماءُ جي کاڌ خوراڪ تي آهي. سندن چوڻ آهي ته کاڌ خوراڪ جي هڪ خاص پروگرام تي عمل ڪري پنهنجي مرضيءَ سان اولاد پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري جن ماڻهن کي پُٽ جي خواهش آهي سي اهڙن ماهرن سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ هروڀرو پنهنجي زال تي ڏاڍ يا ڪاوڙ نه ڪن.
هڪ روشن خيال ماڻهو ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ٻڌي غمگين نه پر خوش ٿيندو آهي. ان خيال ڪري ته متان سندس زال ۽ ٻيا سوچين ته کيس ڏک ٿيو آهي، هو ويتر به خوش ٿيڻ لڳندو آهي. پهرين جي ڀيٽ ۾ زال سان سٺوورتاءَ ڪندو آهي ۽ سندس لاءِ ڌيءَ ڄمڻ تي سندس زال غمگين هوندي آهي ته هو کيس دلجاءِ ڏيندو آهي ۽ سمجهائيندو آهي ته ”ڌيءَ ۽ پُٽ ۾ ته ڪو فرق ڪونهي. نياڻيءَ جي اچڻ سان اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيندا.“ اهڙيءَ طرح هو ڌيئرن کي به پُٽن وانگر خدائي عطا سمجهندو آهي ۽ جهالت واري دور جي بيهودن خيالن سان مقابلو ڪندو آهي.“
هڪ ماڻهو حضور ﷺ جن وٽ ويٺو هو ته کيس ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ٻڌائي وئي. اهو ٻڌي سندس مُنهن جو رنگ ڪاراٽجي ويو. پيغمبر ﷺ کانئس پڇيو، ”ڀلا تنهن جي مُنهن جو رنگ ڇو مٽجي ويو؟“ عرض ڪيائين، ”جڏهن مان هيڏانهن ٿي آيس ته منهنجي زال پير ٿي لڌا. مون کي اميد هئي ته هوءَ پٽ ڄڻيندي، پر هاڻي خبر ٻڌوَ ته کيس ڌيءَ ڄائي آهي.“ تنهن تي پاڻﷺ جن فرمايو: ”هيءَ زمين کيس جاءِ ڏيندي ۽ آسمان سندس مٿي تي ڇانوَ ڪندو ۽ الله پاڪ کيس رزق ڏيندو. هوءَ ٻارڙي خوشبودار گل وانگر آهي جنهن مان توکي وڏو فائدو ٿيندو.“