پيار جو اظهار ڪريو:
هر ماڻهو پيار ۽ دوستيءَ جو بکيو هوندو آهي. سندس خواهش هوندي آهي ته ٻيا به ساڻس پيار ڪن. ماڻهوءَ جي دل محبت جي سگهه ڪري ئي جيئري هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته کيس ڪو به نه ٿو ڀانئين ته پوءِ هو ڏکارو رهندو ۽ پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس سمجهڻ لڳندو آهي.
پياري ڀيڻ! تنهنجي مڙس جي دل به ان خواهش جي احساس کان خالي ڪانهي. کيس به پيار ۽ محبت جي گُهرج آهي. پهرين ته کيس ماءُ پيءُ جو پيار ملندو هو پر هاڻي ته هن پنهنجو پاڻ تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري تو مان اها اميد رکي ٿو ته پيءُ ماءُ واري پيار جي کوٽ تون ئي پوري ڪر ۽کيس دل سان چاهه. هن هڙئي لڳ لاڳاپا ختم ڪري توسان پيار ۽ محبت جو رشتو جوڙيو آهي، تنهنڪري تون به مٿس گهور گهور وڃ. هو توکي سکيو رکڻ لاءِ ڏينهن رات پورهيو ڪري پنهنجي هڙئي ڪمائي تنهنجي اڳيان اچي رکي ٿو. هاڻي تون ئي سندس غم ونڊيندڙ ۽ زندگيءَ جي ساٿياڻي آهين. هو ويچارو پنهنجي پيءُ ماءُ کان به وڌيڪ تنهنجي خوشيءَ ۽ سک جو خيال رکي ٿو. تنهن ڪري سندس قدر سڃاڻ ۽ کيس سچيءَ دل سان پيار ڪر. جيڪڏهن تون کيس پيار ڪندينءُ ته پوءِ هو به گهٽ ڪين ڪندو، ڇو جو محبت ٻه طرفي ٿيندي آهي ۽ دل کي دل مان ئي مزو ايندو آهي.
سچ پچ ته پيار ۽ محبت ۾ هڪ عجيب مزو هوندو آهي. هڪ ويهن سالن جو ڇوڪرو پڙهڻ لاءِ ڳوٺ کان تهران آيو هو ۽ پنهنجي گهر جي اوڻيتاليهن ورهين جي مالڪياڻيءَ سان پيار ڪرڻ لڳو هو ڇو جو ان عورت پنهنجي سٺي اخلاق ڪري ان ڇو ڪري جي دل ۾ ماءُ جي جاءِ والاري ورتي هئي.
جيڪڏهن پيار ٻه طرفو هجي ته پوءِ زندگيءَ جي پيڙهه سگهاري ٿي سگهي ٿي ۽ پڻ جدائيءَ جو خطرو نه ٿو رهي.
ڀيڻ! ان وڏائيءَ ۾ بنهه نه رهجانءِ ته منهنجو مڙس مونکي چاهي ٿو ۽ سندس پيار هميشه ائين ئي هلندو رهندو. جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته تنهنجو مڙس توکي هميشه پيار ڪندو رهي ته پوءِ تون پيار ۽ محبت واري لاڳاپي جي دل سان حفاظت ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس سان پيار ڪندينءُ ته پوءِ هو خوش رهندو، پنهنجا ڪم ڪار دلجاءِ سان ڪندو، زندگيءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو ۽ هر ڪم ۾سوڀ ماڻيندو. ان کانسواءِ پنهنجي ڪٽنب جي ڀلائي ۽ خوشيءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو. هي راز به سمجهي وٺ ته جنهن مرد کي محبت جي کوٽ ناهي سو ورلي ئي دماغي بيمارين جي وَر چڙهندو آهي.
مانواري ڀيڻ! جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس سان پيار نه ڪندينءَ ته پوءِ هو به توکان پري ٿيندو ويندو ۽ زندگي، گهر گهاٽ ۽ ڪم ڪار ۾ سندس دلچسپي به صفا گهٽ ٿي ويندي، مونجهارن، پريشانين ۽ دماغي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندو ۽ ڪٽنب ۽ ٻارن ٻچن کان بيزار ٿي ويندو. ٿي سگهي ٿو ته پوءِ غلط سنگت، نشي ۽ تباهيءَ جي اڏن ۾ وڃي پناهه وٺي. گڏوگڏ پنهنجي دل ۾ اهو پڻ سوچيندو ته مان اهڙن ماڻهن لاءِ ڇو تڪليفون سهان جيڪي مونکي پيار نه ٿا ڪن ۽ منهنجو قدر نه ٿا ڄاڻن. ان کان چڱو آهي ته عياشيءَ ۽ آزاديءَ جي زندگي گذاريان.
ڀيڻ! پنهنجي مڙس جي ڳچيءَ ۾ محبت جي ٻانهن جا هار وجهه ۽ ان وسيلي سندس ڌيان پنهنجي گهر، ٻارڙن ۽ ڪٽنب ڏانهن ڇڪاءِ! ٿي سگهي ٿو ته تون پنهنجي مڙس کي ڏاڍو ڀانئيندي هجين پر ان کي ظاهر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪمن ڪارين وسيلي پنهنجي پيار کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪر. ان ۾ ڀلا ڪهڙو گناهه آهي جو جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن تون پنهنجي مڙس کي چئين، ته، ”تون ڪيڏو نه سٺو آهين. دل جو درياهه آهين. تنهنجي رفاقت منهنجي خوشنصيبي آهي. مونکي سچ پچ ته توسان پيار آهي.“ جيڪڏهن هو ڪجهه ڏينهن جي سفرکان پوءِ موٽي گهر آيو هجي ته سندس ٻهڪندڙ چهري سان ۽ محبت سان سرشاريءَ سان آڌر ڀاءُ ڪر ۽ خوب خاطر تواضع ڪريس. ۽ کيس اهو پڻ چئه ته ”چڱو ٿيو جو توهان خير سان اچي ويا. مان ته توهان کانسواءِ ڏاڍي ماندي ٿي وئي هئس.“ جڏهن هو ڪم ڪار سانگي شهر کان ٻاهر ترسيل هجي ته پوءِ تون کيس خط پَٽ لکي پنهنجو حال احوال ڪر. جيڪڏهن مڙس جي آفيس ۽ توهان جي گهر ۾ فون لڳل هجي ته پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سندس خيريت پڇج ۽ جيڪڏهن ڪڏهن دير سان گهر اچي ته سندس آڏو پنهنجي پريشاني ۽ بي چيني ظاهر ڪر.
پنهنجي مڙس جي پر پُٺ پنهنجي ساهيڙين ۽ مٽن مائٽن اڳيان سندس دل کولي واکاڻ ڪج ۽ چؤ ته، ”مونکي ته الله جي مهرباني سان ڏاڍو سٺو مڙس مليو آهي. مان کيس ڏاڍو ڀائيندي آهيان.“ جيڪڏهن ڪوساڙ سڙيو تنهنجي مڙس جي گلا ڪري ته پوءِ مڙس جو ئي پاسو وٺج. تون پنهنجي مڙس سان جيترو پيار ڪندينءَ، موٽ ۾ پَڪ ڄاڻ ته هو به تو سان اوترو ئي پيار ڪندو ۽ اهڙي طرح توهان ٻنهي جي گهريلو زندگي جي پيڙهه سگهاري ٿي ويندي ۽ توهان جو گهر ڀاڳ وارو گهر سڏبو.
شيڪسپيئر چئي ٿو ته، ”عورت جي جنهن شيءِ منهنجي دل کي فتح ڪري ورتو، سا آهي سندس ٻاجهه، نه ڪي سندس سونهن. مان ان عورت کي گهڻو پسند ڪندو آهيان جيڪا وڌيڪ ٻاجهاري هجي.“
الله سائينءَ زال مڙس جي پيار کي پنهنجي قدرت جي نشانين مان هڪ نشاني ٻڌائيندي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته، ”خدا جي نشانين مان هڪ نشاني اها آهي ته هن تنهنجي لاءِ زندگيءَ جو ساٿي پيدا ڪيو ته جيئن تون ان مان سڪون ماڻي سگهين ۽ توهان جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت پيدا ڪئي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀليون عورتون اهي آهن جيڪي پيار ۽ محبت جي جذبن سان ڀريل هجن.“
امام جعفر صادق رحه فرمائي ٿو ته، ”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان پيار ڪريو ٿا ته پوءِ کيس اها ڳالهه ضرور ٻڌايو.“