سڌُوري ڳوٺ جي نينگر
وٺي ڪي روڪڙا ڏوڪڙ
ڇڏي آ پاڻ تان ٽاري
نياڻي نينٻ وڻ جهڙي
سڄو ڏينهن ڳوٺ ٿي ساري
مٿي تان وائلو واري
هلڻ ۾ حُور پئي هٻڪي
ٿڙن ٿا پير ٽائلن تان
منجهي ٿي شھر ۾ ھرپل
ڳئون آ ڳوڀ ڳوٺاڻي
شهر جي بند ڪمرن ۾
ڪٽي ٿي قيد جا ڏينهڙا
ننڍي کان نينگري سادي
نپوڙيل درد ۾ ڏاڍي
زندھ ھُوءَ لاش ٿي پيئي آ
نڪي پيزا وڻن هن کي
نڪي برگر چکي ٿي هُوءَ
پائي ڪئين پينسل هِل
صفا هُوءَ سادڙي نينگر
نڪي ٿي جين مان سمجهي
نڪي ٿي پينٽ ڪا پائي
وڻي ڪئين ور کي هُوءَ
ڪري جو وينڍلا وارن
گهگهو ۽ گاگهرو پائي
ڳلن تي زرد ذريءَ سان هُوءَ
ڪڍي ٽيلا ڪري سينگار
اُها ڪئين ٺھي جدت ۾
قديمي ڪوڏ سڀ هن جا
پکن جي شور ۾ سُڏڪي
ڪنڊيشن ايئر مان وِرچي
پيئي ٿي برف جو پاڻي
نڙي ۾ روز ٿو چُھٽي
وڏو ڪو ويڻ ساسُو جو
وڃي ٿو پار دلڙي مان
لمحو ڪو ڳوٺ پنهنجي جو
اچي ٿو ياد سُڏڪن ۾
اندر ۾ ھيڪلي سوچي
وڃان ڪئين ڳوٺ ڏي هاڻي
جتي مان ڇيلڙا پالي
ڪيان ڪُل ٻارڙا پنهنجا
نموريون ناز مان چونڊي
گُنڌان مان وارڙا پنهنجا
پٻي سان روز پاساڙي
پپون چونڍي ڪيان کيٽا
ٻنيءَ جي ٻير آمڻ کي
ڏيان ڪا ڌوڻ جوڀن جي
مندون سڀ ميڙيا ويٺي
هينئين کي هرڙا ڏيئي
خوابي کيٽ يادن جا
سڄو ڏينهن کيڙيان ويٺي
ملي جي ماءُ جي هٿ جي
مکڻ ماني ته ڇا گُهرجي؟
پراڻو چيچ جو ڇلڙو
ملي ٿي پيار جو تحفو
ڪجل ڪاني ته ڇا گهرجي؟
سُمهاري هنج ۾ سانجهي
ٻُڌائي لوڪ آکاڻي
مٺي نانيءَ ته ڇا گهرجي؟
وڃان مان کوھ تي کلندي
ورايان ورت کي ٻيهر
تلاءَ جي نير ۾ تڙڳي
ٿيان مان ڦُولڙو ڪوئي
الا! هو ٽيج سرامڻ جا
ترن ٿا ذهن تي گجوئا
ڪانهوڙو ڪوڏ مان ٺاهيل
ٻُڏي ٿي روح ۾ راڌا
ڪُلر کي ڪئين وساريان مان
چکي جا ورت گوگي ۾
الا! اُن لوڏ جا لوڏا
وڍن ٿا وڻ حياتيءَ جو
لُڇي ٿو ٻارڙو بڻجي
دڙن تي ڌڻ حياتيءَ جو
اچي ٿو روز سپنن ۾
ڊگهو نم ڳوٺ جو جهونو
انهي جي ڇانوءَ ۾ ويهي
گگر مان گهونٽ هڪڙي سان
اُجهايان اُڃ صدين جي
جيڏين جي جوڙ ۾ ويهي
ڳايان سڀ گيت ڳوٺن جا
وڻن جي ٻانهن ۾ ڌاڳا
ٻڌان مان پيار منهنجي جا
چڙھان مان ڄار ساڏوھي
چونڍان ڪي سيڙڪا پيرون
چکيندي ڏينهن ٿي ويا هِن
الا هُن ڳوٺ منهنجي کي
ڏٺي ڪي ڏينهن ٿي ويا هِن
پُراڻا نينهن ٿي ويا هن!!