هن ٿر جي ٿڌڙي ريٽ مٿي
تو جا جانجهر پاتي آھي
لهندي اولھه سج لڪن ۾
تو ڏي جهاتي پاتي آھي
سوچي ويٺو چنڊ گگن ۾
ڪنهن لئه ايڏي آتي آھي
هلندي هلندي پير ٿڙن ٿا
مڌومتي جي ڇولين وانگي
ڇُلي اُڏاڻي ڇاتيءَ آھي
بن ۾ وياڪل ڪويل وانگي
تو جا ٻولي ڳاتي آھي
تنهنجا ٻول ته هير ٿڌي جيان
هانوَ هندوري لوريون ڳائين
تون آنءَ ڪاڪ پٽن جي راڻي
تو ۾ مرڪن مومل ماڻا
تو ۾ سونهن سنجهي جا ٽاڻا
تنهنجي ڳوڙھي ڇانوَ ڇتن جي
جهوني بڙ کان گهاٽي آھي
ماکي جهڙي چاش چپن جي
موکيءَ جي ڪا ماٽي آھي
ريٽ ٿڌي تي رمندي ڪُڏندي
تون جا گهير گهٽا ٿي برسين
ڪنهن تي ڪون ذرو ٿي ترسين
وڄڙين وانگي انگ ورائي
تون جو ناچ نچين ٿي ديوي!
فطرت کي به جچين ٿي ديوي!
تنهنجا انگ انگورن جهڙا
تازن تازن موتين وانگي
آد جگادي خوشبوءَ تن ۾
تنهنجون اکيون مد ڪٽورا
کيپ خُماريل ڳاڙھيون ڳاڙھيون
تن ۾ ٽانڊو ناچ نچي ٿو
منهنجي من جو پاڳل شوڙو
توکي ڪيڏو راس اچي ٿو
جوڀن ڪاري بادل جهڙو
هرڻي اک ۾ ڪاجل جهڙو
روز گگن کي گهائي وجهندو
تنهنجو جوڀن جلوو سانئڻ
اُڀ ۾ اڏندي آنچل جهڙو
تنهنجو روپ اسان لئه راڻي
ساري موڙي پونجي آھي