شاعري

چوئنري مٿان چنڊ

نئون ڪتاب ”چوئنري مٿان چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. فرزانه شاهين لکي ٿي: امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعري تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن جي شاعريء ۾ ڀرپوريت آھي ،من ۽ فڪر جو حسين ميلاپ آھي.  سندس شاعريء ۾ هڪ درد آھي، هڪ ڪوڪ آھي ،هڪ ايذاء آھي، هن جي شاعريء ۾ منظرڪشي ايئن هوندي آھي جيئن سهڻي عورت لاء زيور. سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي امر ان کي انتهائي موهيندڙ انداز ۾ اظهاريو   آھي، جماليات جي حسناڪين سان سينگاريل سندس تخيل روح ۾ لهي وڃي ٿو .
Title Cover of book چوئنري مٿان چنڊ

آ رات ڏاڍي چاندني

ٿي لڳي هير واهوندي
ٿو چنڊ ڀنڃي اکڙي
تون آءُ ته کيڏيون راندڙي
او وينگس منهنجي بنڙي
تون چيچ ٿي، مان ڇلڙو
مان هجان تنهنجي هٿ ۾
آ نينهن تنهنجو ننڍڙو
تون ڳيچ ٿي، مان گَلڙو
مان ڳايان توکي گُڻ ۾
تون وار ٿي،مان سڳڙو
مان لڏان تنهنجي ڪت تي
تون ڳچي ٿي،مان هنسلي
مان ڇُهان تنهنجي ڇاتڙي
آ روشن ڏاڍي راتڙي
تون رات ٿي،مان باک ڪا
مان ڦُٽان تنهنجي تن مان
تون ماڪ ٿي،مان گُل ڪو
تون چُمي منهنجي ويس کي
تون رُت ٿي،مان ميگھه ڪو
مان وسان تنهنجي ديس تي
تون مُرڪ ٿي ڪنهن نار جي
۽ ڇڏ موهي ڇاڇرو
هي گهير ٺاهي گهاگهرو
تون ڪر ڇَتا ڇانورو
مان ٿَڪ ڀڃان ٿورڙو
مان ٽهڪ ٿيان ڪنهن ٻار جو
تون کلين منهنجي کِل تي
مان ڏسان تنهنجي جهِل کي
تون وڃين مون ۾ ويڙھجي
جئين ڄار ٻکي پينجولو
جئين ڳولاڙي جي ول ڪا
ٿي ڀاڪر پائي بُنڊ سان
ائين مل منهنجي تن سان
او نار منهنجي ننڍڙي
تون ڦُوڪ ٿي،مان ونسلي
مان وڄان تنهنجي ون ۾
تون چنڊُ ٿي، مان ڌرتي
ڪر روشن مونکي سرتي
تون ڇير ٿي، مان پيرڙو
تون وڄ منهنجي وک ۾
تون ندي ٿي،مان سمنڊ ڪو
ڪر ڇوڙ مون ۾ ڇُلڪي
تون کوھ ٿي،مان ڪوس ڪو
مان ٻُڏان تو ۾ اونڌڪو
تون نير ٿي،مان پياس ڪا
مان پيئان توکي پل ۾
تون سمنڊ ٿي،مان مڇلي
مان جيئان تنهنجي جل ۾
تون پارس ٿي، مان لوھ ڪو
تون سڃين جيڪر سون ٿيان
تون هرڻ ٿي، مان بن ڪا
ڏي ٺينگ ٽپا ڇمڪو
تون ڪن ٿي،مان جهومڪو
مان هلان تنهنجي حرس ۾
تون نڪ ٿي، مان نٿڙي
مان ڇُھان تنهنجا چپڙا
تون تن ٿي،مان ويس ڪو
تون پائين ڪري ڪپڙا
تون ڊيل ٿي، مان مور ڪو
تون جهپ منهنجا آنسوڙا
تون چيلھه ٿي، مان هيل ڪا
تون کڻين مونکي ڪڇ تي
تون وڄ ٿي، مان واڏڙ ڪو
تون کنوين ڪري کجڪو
مان گوڙون ڪيان گجڪو
تون ٽنڊ ٿي،مان ٽونئر ڪو
مان سجان تنهنجي کنج ۾
تون ٻاجھه ٿي،مان ٻار ڪو
مان سمهان تنهنجي هنج ۾
تون ٽُڪ ٿي، مان رَلڪو
۽ وڃون سُبجي پاڻ ۾
ڇا رکيو آ ڇڪتاڻ ۾
تون هلي آ چانڊاڻ ۾.
