مٺي جي منظر ڪَشيءَ تون ڪندين ڇا؟
هتي ڏينهن ڌونئري جو ڏيئا ٻرن ٿا
گُلابي گهونگهٽن مان ليئا ٻرن ٿا
نگاهن جا ڪَبُوتر اُڏندي ڪرن ٿا
جڏهن ڪِن ڪُلهن تي ڪي ڪاڪل نچن ٿا
لٿي سج مٺي جي رستن تي هلندي
حواسن جي مستيءَ ۾ حياتيون ڌُڏن ٿيون
ڳچين جي هندورن ۾ دُهريون لُڏن ٿيون
بدن ۾ برهه جون ڀنڀوريون اُڏن ٿيون
مجازن جي مستي ۾ حُورون ٻُڏن ٿيون
نڪن جي اڪن ۾ نٿن جون ڦُلڙيون
اڳي چنڊ چمن ۾ چمڪي پون ٿيون
ڪنن جي نمن ۾ ايرنگي نموريون
هلڻ سان هوا ۾ پنن جيئن جهُلن ٿيون
اجنبي اکين سان اچانڪ ملندي
لبن جي گُلن تي تبسم لُڇي ٿي
چُمڻ لئه انوکي ڪا شبنم سڏي ٿي
تڏهن آگ اندر ۾ ڪا ازلي ٻري ٿي
جڏهن ڪو تهوار خوشيءَ جو اچي ٿو
نوي سيڪڙو نشي ۾ ڌُت ٿي ملن ٿا
نه ڪنهن کي مڃن ٿا نه ڪنهن جي ٻُڌن ٿا
تڏهن ئي مسافر مٺي ۾ مرن ٿا
جڏهن سونهن جواني اجايو ڏنگي ٿي
نڪي ڪنڌ ورائي ڪنهن کي ڏسي ٿي
بنان ڏوهه گسن ۾ رُلايو ڇڏي ٿي
دڳن کان ڀُلايو وڃايو ڇڏي ٿي
اڃان ڀي پُڇين ٿو مٺي جا منظر
گڍي تي بارش کي وسندو ڏسي وڃ
جُهڙالي گگن ۾ گهڙي کن پُسي وڃ
ٻُڌي ڇڏ محبوب خيالن جا شاعر!
رڳو بس اهو ئي مٺي شهر ناهي!
مٺي ۾ اڃا ڪيئي ڪهاڻيون ملن ٿيون
هتي جي سوڙھين گهٽين ۾ گهمندي
ڀتين تي ڇيڻڻ جا ليپا ڏسين
متان ائين سمجهين هي غريبن جا گهرڙا
هي اميرن جون وڏيون عمارتون ٿئي پر
مذھبن جي معاملن ماري ڇڏيا جو
گوبر جي به غلامي ڪرڻي پوي ٿي
ڍڳي جي به سلامي ڀرڻي پوي ٿي
وڳن تي وڏا خرچ خوشيءَ سان ٿين ٿا
چڳن ۾ چنبيليون به هڻيون وڃن ٿيون
گهٽين ۾ به اوبر اجائي ملي ٿي
نت روز نگرا به پُوڄيا وڃن ٿا
ڍڳن کي به ڍوءَ تي ماني ملي ٿي
مندر ۾ بي ساھ بُتن جي اڳيان
هزارن ۾ دولت هٿيڪي ملي ٿي
مگر ڪنهن به پورهيت جي بُکايل ٻچي کي
نه لولو ملي ٿو نه اولو ملي ٿو
بُکي پيٽ ڍيلان جو ڍولو سُمهي ٿو
تڏهن سج سُورن ۾ گرهڻجي پوي ٿو
جڏهن ڪنهن ڏهاڙي ڏکن جي ڪا ماريل
اميرن جي اُگهاڙن درن جي اڳيان
کڻي ڪو ڪٽورو ٻچن لئه پني ٿي
اُنهي جي اُڀاميل اُرهن کي ڏسي ڪو
تونگر تڪي ۽ قيمت ڪٿي ٿو
تڏهن ديس دردن ۾ تڙپي اُٿي ٿو
جڏهن ڪا نياڻي ننگي پير هلندي
تتي جو تڙَهَن مان پاڻي ڀري ٿي
اُس ۾ ونڪي به وڃايو ڇڏي ٿي
ٻري ۾ ٻرندي به ڪاٺيون ڪري ٿي
بکن ۾ ڀلا ڪئين اُنهن جي سري ٿي
جنهي جي ڪکائن گهرن ۾ ڪڏهن ڪا
نه دانگي چڙهي ٿي نه ماني پچي ٿي
ننڍي ڪا نياڻي ڳڀي لئه سڪي ٿي
تڏهن سُونهن ساري ٽانڊا لڳي ٿي
سموري خدائي اکين ۾ ڇُپي ٿي!