دُلاري سنڌ ڌرتيءَ لئه
اسانجي دل جي هرڻي
سنڌوُ جي پيار ۾ پرڻي
ڪري ٿي ڪوڏڙا ڪيئي
هينئن کي اوڏڙا ڪيئي
رهن ٿا سنڌ جا منظر
ڪڏھن ڪاڇو ڪڏھن ننگر
چڙھي ٿو چت تي چمبڙ
موهي ٿي ننڊ ۾ منڇر
سڏي ٿي جاڳ ۾ ڪينجهر
لڳيءَ دل لاڙ جي اندر
ڇيڻي سان اوٽڙا راڳيل
گڻن سان ڳوٺڙا واڳيل
رليون سڀ ٽُڪ سان ٽانڪيل
انهن تي سنڌ جا عاشق
لکن ٿا ڪهاڻيون ڪيئي
ڏسن ٿا سونهن سرگم ۾
لٿي سج لاڙ جا منظر
ڪڙين جي ڪپ تي ڪپڙا
ڌوئن ٿيون ديس جون ناريون
اکين ۾ اوتجي آيون
سدائين ريک سُرمي جيئن
سنڌوُ جي سينڌ سامايون
ٻنن تان سانجھه سُرمئي جو
پکين وانگي وريءَ آيون
سنڌو جي سير ۾ سُھڻيون
پنن وانگي تريءَ آيون
سدائين سانجھه ويلي جو
مٿن تي گاھ جون ڀريون
هٿن ۾ لوھ جا ڏانٽا
هلن ٿيون حرس مان ڪيڏيون
لڄاري لاڙ جون پريون
لڳن ٿيون لوڪ آکاڻيون
سموري ڏيھه جون ڍاڻيون
وڻن ٿيون شام جي ٽاڻي
پچن ٿا سادڙا کاڌا
ٻرن ٿيون آليون ڪاٺيون
اُڏي ٿو نيرڙو دونهون
اچي ٿي داڳ جي خوشبوءَ
مڇي جي ساڳ جي خوشبوءَ
ڀلاري ڀاڳ جي خوشبوءَ
دُلاري ديس جي ڌرتيءَ
سدا ڌڙڪي ٿي سيني ۾
ننگر جي نانوَ تي دلڙي
وڃي ٿي ڏُور صحرا ۾
اڏن ٿا شوق ۾ گهرڙا
ڀٽن جي ڀڪ ۾ جهوپا
منهي تي مور جا کيڙا
بدن تي پور جا کيڙا
وڏي ورانڊ جي ويلا
کوهن تي پاڻيارين جا
لهن ٿا ڪونجڙين ٽولا
مٿن تي ٻيلهڙا سهڻا
ڪڇن ۾ ڪيهلڙا سهڻا
کڻن ٿيون ناز مان ٻايون
پُراڻي پاند ۾ ڦوٽا
پرين جي پار جا تحفه
لڪائي لوڪ کان سومل
ھٿن ۾ هٿ جو رومال
مڙھي ٿي ماٺ ۾ مومل
مُڪي سان پومچو پيلو
ڀري ٿي ڇانوَ ۾ سرتيءَ
پرين جي نانوَ ۾ سرتيءَ
سمائي ديس جي ڌرتيءَ
رڳن ۾ رت جيئن ڊوڙي
سنڌوُ جي سار هيڪاندي
مٽي هن ديس مٺڙي جي
هينئن جو هار ٿي ويندي
جڏي هي جند ڌرتيءَ تان
سدا ٻلهيار ٿي ويندي…!